Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




طيطس 2:7 - Sindhi Bible

7 سڀني ڳالهين ۾ پاڻ کي چڱن ڪمن جو نمونو ڪري ڏيکار؛ پنهنجي تعليم ۽ صفائي ۽ سنجيدگي ڏيکاريندو رهہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 تون پاڻ سڀني ڳالهين ۾ چڱا ڪم ڪري انهن لاءِ نمونو بڻجي ڏيکار. تنهنجي سکيا ڏيڻ مان ايمانداري ۽ سنجيدگي ظاهر ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 تون پاڻ سڀني ڳالهين ۾ چڱا ڪم ڪري انهن لاءِ نمونو بڻجي ڏيکار. تنهنجي تعليم ڏيڻ مان ايمانداري ۽ سنجيدگي ظاهر ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

7 سڀني ڳالھين ۾ تون پاڻ کي چڱن ڪمن جو نمونو ڪري ڏيکار. تنھنجي تعليم ڏيڻ مان ايمانداري ۽ سنجيدگي ظاھر ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




طيطس 2:7
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو اسان جو فخر هيءُ آهي، ۽ اسان جي دل بہ شاهدي ٿي ڏئي، تہ اسان دنيا ۾ ۽ خاص ڪري اوهان ۾ جيڪا هلت چلت ڪئي، سا جسماني ڏاهپ سان نہ، پر پاڪيزگيءَ، ۽ راستبازيءَ، ۽ خدا جي فضل سان.


ڇالاءِ جو اسين انهن گهڻن جهڙا نہ آهيون، جي خدا جي ڪلام ۾ واپار ٿا ڪن؛ پر اسين دل جي سچائيءَ سان ۽ خدا جي طرفان، ۽ خدا جي حضوريءَ ۾، مسيح ۾ ٿا ڳالهايون.


پر اسان بي شرميءَ ۽ ٺڳيءَ جون ڳالهيون ڇڏي ڏنيون آهن، ۽ مڪارن وانگر نٿا هلون، نڪي خدا جي ڪلام ۾ ملاوت ٿا ڪريون، پر سچ کي پڌرو ٿا ڪريون، تہ خدا جي اڳيان اسان لاءِ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ جي دل ۾ خاطري ٿئي.


آئون حڪم وانگر ائين نٿو چوان، پر انهي لاءِ ٿو چوان تہ ٻين جي سرگرميءَ سان اوهان جي محبت جي سچائي آزمايان.


شل انهن سڀني تي فضل هجي، جيڪي اسان جي خداوند يسوع مسيح سان لازوال محبت ٿا رکن.


تہ جيڪي تمام عمديون ڳالهيون آهن، سي اوهين سمجهي پسند ڪريو؛ تہ مسيح جي ڏينهن تائين صاف دل ۽ بيڏوهي رهو،


نہ انهي لاءِ، تہ اسان کي ڪو حق ڪونهي، پر انهي لاءِ تہ اسين اوهان جي لاءِ نمونو ٿيون، تہ اوهين بہ اسان جي پيروي ڪريو.


ڪوبہ ماڻهو تنهنجي جوانيءَ سببان تنهنجي حقارت نہ ڪري، پر تون ايمان وارن جي لاءِ، ڪلام ۽ هلت چلت ۾، محبت، ايمان ۽ پاڪيزگيءَ ۾ نمونو ٿيءُ.


جا چڱن ڪمن جي ڪري مشهور هجي؛ ٻارن کي پاليو هجيس، مسافرن جي مهمان نوازي ڪئي هجيس، پاڪ ٿيلن جا پير ڌوتا هجنس، ڏکويلن جي مدد ڪئي هجيس، سڀ ڪنهن چڱي ڪم ۾ سعيي سان لڳي هجي.


اها ڳالهہ سچي آهي، ۽ منهنجي مرضي آهي تہ تون انهن ڳالهين تي زور ڏي، انهي لاءِ تہ جن خدا تي ايمان آندو آهي، سي چڱن ڪمن ۾ مشغول رهڻ جو خيال رکن. اهي ڳالهيون ماڻهن جي لاءِ چڱيون ۽ فائديمند آهن.


جيڪي اوهان جي سپرد ڪيا ويا آهن، تن تي حڪم هلائڻ واسطي نہ، پر انهي لاءِ تہ انهي ڌڻ جي اڳيان پاڻ کي نمونو بنايو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ