Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




طيطس 2:3 - Sindhi Bible

3 ساڳيءَ طرح پيرسن زالون بہ هلت چلت ۾ پاڪ ٿيلن وانگر هجن، نہ گلا غيبت ڪندڙ، نہ شراب جي عادت واريون، پر چڱيون ڳالهيون سيکارڻ واريون هجن؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

3 ساڳيءَ طرح پوڙهين نارين کي سمجھاءِ تہ انهن جي هلت چلت ايشور ڀڳتيءَ واري هجي ۽ هو گلا ڪندڙ يا نشي جون عادي نہ هجن. اهي چڱيون ڳالهيون سيکارڻ واريون هجن،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 ساڳيءَ طرح پوڙهين عورتن کي سمجھاءِ تہ انهن جي هلت چلت خداپرستيءَ واري هجي ۽ هو گلا ڪندڙ يا نشي جون عادي نہ هجن. اهي چڱيون ڳالهيون سيکارڻ واريون هجن،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

3 ساڳيءَ طرح پوڙھين عورتن کي سمجھاءِ تہ اھي ھلت چلت ۾ پاڪيزہ ھجن. اھي گلا ڪندڙ يا مئي جون عادي نہ ھجن، بلڪ چڱيون ڳالھيون سيکارڻ واريون ھجن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




طيطس 2:3
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هو هر طرح جي ناراستيءَ، بدي، لالچ، بدخواهيءَ، ريس، خون، جهيڙي، ٺڳي، ۽ بغض سان ڀرجي ويا، ۽ چغلخور،


تہ اوهين هن کي خداوند ۾ قبول ڪريو، جيئن پاڪ ٿيلن کي واجب آهي، ۽ جنهن ڳالهہ ۾ اوهان جي ضرورت هجيس، تنهن ۾ سندس مدد ڪجو، ڇالاءِ جو هوءَ پاڻ بہ گهڻن ئي جي مددگار ٿي رهي آهي، بلڪ خود منهنجي بہ.


پر جيئن ڪ پاڪ ٿيلن کي مناسب آهي، زناڪاريءَ ۽ هر قسم جي ناپاڪيءَ، يا لالچ جو نالو بہ اوهان ۾ هئڻ نہ کپي.


انهيءَ طرح زالن کي بہ گهرجي تہ سنجيدگيءَ سان رهن، نہ گلا ڪندڙ، پر پرهيزگار ۽ سڀني ڳالهين ۾ ايماندار هجن.


انهي طرح جيڪي خادم (ڊيڪن) آهن، تن کي سنجيدو ٿيڻ گهرجي، اهي نہ ٻہ چاپڙا، نہ شرابي، نہ ناجائز نفعي جا لالچي هجن،


اڳتي رڳو پاڻي نہ پيءُ، پر معدي ۽ پنهنجي اڪثر بيمار رهڻ جي ڪري ٿوري مئي ڪم آڻ.


ڇالاءِ جو نگهبان (بشپ) جو خدا جو خدمتگار آهي، سو بي الزام هئڻ گهرجي، نہ خود راءِ، نہ چيڙاڪ، نہ نشي ۾ جهيڙا ڪندڙ، نہ مارڪٽ ڪندڙ، نہ ناجائز نفعي جو لالچي؛


انهي لاءِ تہ اُهي جوان زالن کي سيکارين تہ پنهنجن مڙسن ۽ پنهنجن ٻارن کي پيار ڪن،


هن ڪري جو هيتري وقت ۾ تہ اوهان کي استاد ٿيڻ گهُربو هو، پر اوهان کي اڃا انهيءَ ڳالهہ جي ضرورت آهي تہ ڪو ماڻهو خدا جي ڪلام جي اصولن جي ابتدائي تعليم اوهان کي ڏئي؛ ۽ اهڙا ٿيا آهيو جو سخت کاڌي کائڻ جي بدلي اوهان کي اڃا کير جي گهُرج آهي.


پر تنهنجي برخلاف مون کي هي چوڻو آهي تہ اها زال ازبيل، جا پاڻ کي نبياڻي ٿي سڏائي، تنهن جي تون برداشت ٿو ڪرين؛ ۽ اها منهنجن ٻانهن کي زنا ڪرڻ، ۽ بُتن جي قربانيءَ جي شين کائڻ جي تعليم ڏيئي گمراهہ ٿي ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ