Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




طيطس 2:15 - Sindhi Bible

15 تون پوريءَ اختياريءَ سان انهن ڳالهين جو بيان ڪج ۽ نصيحت ڪج، ۽ ملامت ڪج؛ ۽ ڪوبہ ماڻهو تنهنجي حقارت نہ ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

15 سو اهي ڳالهيون آهن جيڪي تو کي سيکارڻيون آهن. پوري اختياريءَ سان ماڻهن کي نصيحت ڪر ۽ کين ڇينڀ. ائين ٿيڻ نہ ڏي جو ڪوبہ ماڻهو تو کي خسيس سمجھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 سو اهي ڳالهيون آهن جيڪي تو کي سيکارڻيون آهن. پوري اختياريءَ سان ماڻهن کي نصيحت ڪر ۽ کين ڇينڀ. ائين ٿيڻ نہ ڏي جو ڪوبہ ماڻهو تو کي خسيس سمجھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

15 سو اھي ڳالھيون آھن، جيڪي تو کي سيکارڻيون آھن. پوري اختياريءَ سان ماڻھن کي نصيحت ڪر ۽ ملامت ڪر. ڪنھن بہ ماڻھوءَ کي پنھنجي حقارت ڪرڻ نہ ڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




طيطس 2:15
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو هن ائين ٿي سيکاريو جيئن ڪو اختيار وارو سيکاري، ۽ نہ سندن فقيهن وانگر.


۽ ماڻهو سندس تعليم ٻڌي حيرت ۾ پئجي ويا: ڇالاءِ تہ انهن کي فقيهن وانگر نہ پر ائين ٿي سيکاريائين جيئن ڪو اختياريءَ وارو سيکاري.


تنهن تي اُهي سڀيئي حيران ٿي ويا، ايتري قدر جو پاڻ ۾ پڇڻ لڳا تہ هي ڇا آهي؟ هيءَ نئين تعليم آهي! هو ڀوتن تي بہ اختياريءَ سان حڪم ٿو هلائي، ۽ اُهي کيس مڃين ٿا.


۽ سڀني کي عجب لڳو، ۽ پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ هي ڪهڙو ڪلام آهي؟ ڇالاءِ جو هو اختياريءَ ۽ قدرت سان ڀوتن کي حڪم ٿو ڏئي، ۽ اُهي نڪريو اچن.


تنهنڪري ڪوبہ ماڻهو هن کي گهٽ نہ سمجهي، پر کيس صحيح سلامت اڳتي روانو ڪجو تہ مون وٽ اچي؛ ڇالاءِ جو ڀائرن سميت هن جي اچڻ جي لاءِ آئون منتظر آهيان.


جيڪي گناهہ ڪن، تن کي سڀني جي اڳيان ملامت ڪر، تہ ڀلي ٻين کي بہ ڪو ڊپ ٿئي.


تہ تون ڪلام جي منادي ڪر، وقت بي وقت تيار رهہ؛ هر طرح جي تحمل ۽ تعليم سان سمجهائي، ملامت ۽ نصيحت سان قائل ڪر.


اِها شاهدي سچي آهي. انهي ڪري انهن جي سخت ملامت ڪندو رهہ، تان تہ سندن ايمان درست ٿئي،


جيڪڏهن ڪو ماڻهو منادي ڪري تہ اهو خدا جي ڪلام موجب ڪري؛ جيڪڏهن ڪو خدمت ڪري تہ اهڙي ڪري جهڙي خدا طاقت ڏني هجيس، انهي لاءِ تہ سڀني ڳالهين ۾ يسوع مسيح جي وسيلي خدا جو جلال ظاهر ٿئي، جنهن جي وڏائي ۽ بادشاهي هميشہ تائين قائم آهي. آمين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ