Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




طيطس 1:5 - Sindhi Bible

5 مون تو کي ڪريتي ۾ انهي لاءِ ڇڏيو تہ جيڪي ڳالهيون باقي رهيون آهن، سي تون درست ڪري ڇڏين ۽ جيئن مون توکي حڪم ڏنو هو، تيئن هر ڪنهن شهر ۾ اهڙا بزرگ مقرر ڪرين،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5 مون تو کي ڪريتي ٻيٽ ۾ انهيءَ لاءِ ڇڏيو هو تہ تون باقي رهيل ڳالهين کي درست ڪري ڇڏين ۽ جيئن مون تو کي هدايت ڪئي هئي، تيئن هر شهر جي وشواسي منڊليءَ ۾ اڳواڻ مقرر ڪرين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 مون تو کي ڪريتي ٻيٽ ۾ انهيءَ لاءِ ڇڏيو هو تہ تون باقي رهيل ڳالهين کي درست ڪري ڇڏين ۽ جيئن مون تو کي هدايت ڪئي هئي، تيئن هر شهر جي ڪليسيا ۾ اڳواڻ مقرر ڪرين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 مون تو کي ڪريتي ۾ انھيءَ لاءِ ڇڏيو ھو تہ تون باقي رھيل ڳالھين کي درست ڪري ڇڏين ۽ جيئن مون تو کي ھدايت ڪئي ھئي، تيئن ھر ھڪ شھر ۾ بزرگ مقرر ڪرين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




طيطس 1:5
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اُهي جماعت واري تنبوءَ جي حجري جي اڳيان ڳائڻ جي خدمت ڪندا هئا، جيسين ڪ سليمان يروشلم ۾ خداوند جو گهر جوڙايو: ۽ اهي پنهنجي درجي موجب پنهنجو عهدو هلائيندو هئا.


۽ وڌيڪ هي بہ تہ واعظ ڏاهو هو تنهن ڪري هن هميشہ ماڻهن کي علم سيکاريو؛ هائو، هن خيال ڪيو ۽ ڳولي ڪڍيائين، ۽ گهڻا ئي پهاڪا ترتيب وار بيهاريائين.


جنهن وقت کان مون قديم اُمت کي مقرر ڪيو، تنهن وقت کان ڪير مون وانگي سڏيندو، ۽ اُنهي جو بيان ڪري مون لاءِ ترتيب وار بيهاريندو؟ جيڪي ڳالهيون ٿيڻيون آهن، ۽ جي هن کان پوءِ ٿينديون سي تہ ڀلا هو ظاهر ڪن.


پوءِ هو ٻيا پهڻ کڻي، انهن پهڻن جي جاءِ تي وجهن؛ ۽ هو ٻي مٽي آڻي گهر جي لنب ڪرائي،


سو ائين ئي ڪيائون، ۽ برناباس ۽ شائول جي هٿان بزرگن ڏانهن ڏياري موڪليائون.


۽ جڏهن هرهڪ ڪليسيا ۾ سندن لاءِ بزرگ مقرر ڪري رهيا، ۽ هنن جي لاءِ روزا رکي دعا گهُري رهيا، تڏهن کين خدا، جنهن تي ايمان آندو هئائون، تنهن جي حوالي ڪيائون.


اسين انهن کي پنهنجين ٻولين ۾ خدا جي وڏن وڏن ڪمن جو بيان ڪندو ٿا ٻُڌون.


۽ اهو بندر سياري ڪاٽڻ لاءِ چڱو نہ هو، تنهنڪري گهڻن جي صلاح ٿي تہ اتان اڳتي هلجي، ۽ جي ٿي سگهي تہ فينڪس ۾ هلي سيارو گذارجي؛ جو ڪريتيءَ جو بندر آهي ۽ سندس رخ اُتر اُڀرندي ڏانهن آهي.


۽ جڏهن ڏکڻ جو واءُ آهستي آهستي لڳڻ شروع ٿيو، تڏهن هنن ڀانئيو تہ هاڻ اسان جو مطلب پورو ٿيو، تنهنڪري لنگر کڻي ڪريتيءَ جو ڪنارو ڏيئي هليا.


سو ڪيترائي ڏينهن کاڌي کانسواءِ گذري وِين، تڏهن پولس سندن وچ ۾ بيهي چوڻ لڳو، تہ صاحبو، اوهان کي گهُربو هو تہ منهنجي ڳالهہ مڃو ها ۽ ڪريتيءَ کان روانا نہ ٿيو ها، تہ هيءَ تڪليف ۽ نقصان نہ رسيوَ ها.


۽ ڪيترائي ڏينهن آهستي آهستي پئي وياسين، پوءِ جيئن تيئن ڪري ڪندوس جي سامهون پهتاسين، ۽ واءُ اسان کي اڳتي وڌڻ نہ ڏنو، تنهنڪري سلمونيءَ جي سامهون لنگهي، ڪريتي جي آڙ ۾ هلياسين؛


جيڪڏهن ڪنهن کي بک هجي تہ ڀلي پنهنجي گهر کائي، تہ متان اوهان جو گڏ ٿيڻ سزا جو سبب ٿئي. باقي ٻيون ڳالهيون جڏهن آئون ايندس، تڏهن اچي درست ڪندس.


پر سڀ ڳالهيون فضيلت سان ۽ ترتيب وار ڪرڻ کپن.


انهي سبب ڪري مون تيمٿيس کي اوهان ڏانهن موڪليو آهي، جو خداوند ۾ منهنجو پيارو ۽ ايماندار فرزند آهي، ۽ اُهو منهنجي هلت چلت جا مسيح ۾ آهي سا اوهان کي ياد ڏياريندو، جيئن ڪ آئون جتي ڪٿي سڀ ڪنهن ڪليسيا ۾ تعليم ڏيندو رهيو آهيان.


ڇالاءِ جو جيتوڻيڪ آئون جسم جي ڪري غير حاضر آهيان، تڏهن بہ روح جي ڪري اوهان وٽ آهيان، ۽ اوهان جو انتظام ۽ مسيح ۾ اوهان جي ايمان جي پختائي ڏسي خوش ٿو ٿيان.


جيئن مون مڪدونيہ ڏانهن وڃڻ وقت توکي تاڪيد ڪئي هئي، تيئن افسس ۾ رهي ڪن ماڻهن کي اطلاع ڏي تہ ٻئي قسم جي تعليم نہ ڏين،


۽ جيڪي ڳالهيون گهڻن شاهدن جي اڳيان تو مون کان ٻُڌيون آهن، سي ٻين ايمان وارن ماڻهن جي سپرد ڪر، جي وري ٻين کي بہ سيکاري سگهن.


انهن مان هڪڙو، جو سندن نبي هو، تنهن چيو آهي تہ ڪريتي جا ماڻهو هميشہ ڪوڙا، جهنگلي جانورن جهڙا ۽ سست پيٽوري آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ