Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




طيطس 1:1 - Sindhi Bible

1 پولس، جو خدا جو بندو ۽ يسوع مسيح جو رسول آهي، تنهن جي طرفان خدا جي چونڊيلن جي ايمان ۽ اُنهي حق جي سياڻپ موجب، جا دينداريءَ موافق آهي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 هي خط مون پولس جي طرفان آهي، جيڪو ايشور جو داس ۽ يسوع مسيح جو خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت آهيان. آءٌ انهيءَ ڪري مقرر ڪيو ويو آهيان تہ جيئن وشواس ۾ مضبوط رهڻ لاءِ ايشور جي چونڊيلن جي رهنمائي ڪريان ۽ کين انهيءَ سچائيءَ جي پوريءَ طرح ڄاڻ ڏيان، جيڪا ڌرمچاريءَ جو رستو ٿي ڏيکاري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 هي خط مون پولس جي طرفان آهي، جيڪو خدا جو ٻانهو ۽ عيسيٰ مسيح جو رسول آهيان. آءٌ انهيءَ ڪري مقرر ڪيو ويو آهيان تہ جيئن ايمان ۾ مضبوط رهڻ لاءِ خدا جي چونڊيلن جي رهنمائي ڪريان ۽ کين انهيءَ سچائيءَ جي پوريءَ طرح ڄاڻ ڏيان، جيڪا دينداريءَ جو رستو ٿي ڏيکاري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 ھي خط پولس جي طرفان آھي، جيڪو خدا جو ٻانھو ۽ عيسيٰ مسيح جو رسول آھي. آءٌ انھيءَ ڪري مقرر ڪيو ويو آھيان تہ خدا جي چونڊيلن جي ايمان ڏانھن رھنمائي ڪريان ۽ کين انھيءَ سچائيءَ جي سڃاڻپ ڪرايان، جيڪا دينداريءَ جو رستو ٿي ڏيکاري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




طيطس 1:1
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر هارون ۽ سندس پٽ، سوختني قربانيءَ جي قربانگاهہ تي، توڙي لوبان واري قربانگاهہ تي، تمام پاڪ جاءِ جي لاءِ سڀ خدمت بجا آڻيندا هئا، ۽ جيڪي حڪم خدا جي ٻانهي موسيٰ ڏنا هئا، تن موجب اسرائيل جي پاران ڪفارو ڏيندا هئا.


پوءِ خدا جا چونڊيل، جي رات ڏينهن کيس پيا پڪارين، تن لاءِ هو دير ڪندو ڇا؟ بلڪ انهن جو انصاف ڪين ڪندو ڇا؟


۽ جڏهن غير قومن اها ڳالهہ ٻُڌي، تڏهن خوش ٿيا، ۽ خدا جي ڪلام جي وڏائي ڪرڻ لڳا، ۽ جيڪي هميشہ جي زندگيءَ لاءِ مقرر ڪيا ويا هئا، تن سڀني ايمان آندو.


پولس، جو يسوع مسيح جو غلام آهي، ۽ رسول ٿيڻ جي لاءِ سڏيو ويو آهي، ۽ خدا جي انهيءَ خوشخبريءَ جي ڏيڻ لاءِ مخصوص ڪيو ويو آهي،


پولس، جو خدا جي مرضيءَ موجب مسيح يسوع جو رسول آهي، انهي ۽ اسان جي ڀاءُ تيمٿيس جي طرفان، خدا جي اُنهيءَ ڪليسيا ڏانهن، جا ڪرنٿيس ۾ آهي، ۽ انهن سڀني پاڪ ٿيلن ڏانهن، جي ساري اخيہ ۾ آهن:


ڇالاءِ جو فضل جي ڪري ئي، ايمان جي وسيلي اوهان کي نجات ملي آهي؛ ۽ اُها اوهان جي ڪري نہ، پر خدا جي بخشش آهي –


مسيح يسوع جي بندن پولس ۽ تيمٿيس جي طرفان مسيح يسوع جي انهن سڀني پاڪ ٿيلن ڏانهن، جي فلپي ۾ آهن، نگهبانن (بشپن) ۽ خادمن ڊيڪنن سميت:


انهي لاءِ تہ انهن جي دلين کي تسلي ملي، ۽ اُهي محبت جي ڪري پاڻ ۾ هڪ ٿي رهن، ۽ سمجهہ جي پوري معموري حاصل ڪن، تہ من خدا جي راز يعني مسيح کان واقف ٿين؛


جنهن جي مرضي آهي تہ سڀني ماڻهن کي نجات ملي، ۽ سچ جي خبر پوينِ.


بيشڪ دينداريءَ جو راز وڏو آهي، (اُهو هي آهي) تہ هو جسم ۾ ظاهر ٿيو ۽ روح ۾ راستباز ثابت ٿيو، ۽ ملائڪن کي ڏسڻ ۾ آيو، قومن ۾ سندس منادي ڪئي ويئي، دنيا ۾ مٿس ايمان آندائون، جلال ۾ مٿي کڄي ويو.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو ٻئي قسم جي تعليم ٿو ڏئي، ۽ صحيح نصيحت کي، يعني اسان جي خداوند يسوع مسيح جي نصيحت کي، ۽ دينداريءَ پٽاندر جا تعليم آهي، تنهن کي نٿو مڃي؛


تنهنڪري آئون چونڊيلن جي خاطر سڀ ڪجهہ ٿو سهان، انهي لاءِ تہ جيڪا نجات مسيح يسوع ۾ آهي، سا هو بہ ابدي جلال سان حاصل ڪن.


پر بيوَقوفيءَ ۽ نادانيءَ جي حجتن کان پاسو ڪر، جو تون ڄاڻين ٿو تہ انهن مان جهيڙا جهڳڙا پيدا ٿا ٿين.


۽ جيڪي مخالف آهن تن کي حلم سان سمجهائي، شايد خدا انهن کي توبهہ جي توفيق بخشي تہ هو سچ کي سڃاڻن،


خدا ۽ خداوند يسوع مسيح جي بندي يعقوب جي طرفان اُنهن ٻارهن قبيلن کي سلام رسن، جي جدا جدا ملڪن ۾ ٿا رهن.


ڇالاءِ جو سندس خدائي قدرت، زندگيءَ ۽ دينداريءَ سان تعلق رکندڙ سڀ شيون، پنهنجي سڃاڻپ جي وسيلي اسان کي بخشيون آهن. هن پنهنجي جلال ۽ نيڪيءَ سان اسان کي سڏيو؛


جڏهن هي سڀ شيون هن طرح ڳري وڃڻيون آهن، تڏهن اوهان جي پاڪ هلت چلت ۽ دينداري ڪهڙي نہ قسم جي هئڻ گهرجي،


جيڪو پٽ کي نٿو مڃي، تنهن وٽ پيءُ نہ آهي: جيڪو پٽ کي مڃي ٿو، تنهن وٽ پيءُ بہ آهي.


يسوع مسيح جو مڪاشفو، جو خدا هن کي انهي لاءِ ڏنو تہ پنهنجن بندن کي اُهي ڳالهيون ڏيکاري، جي ضرور جلد ٿيڻ واريون آهن: ۽ هن پنهنجو ملائڪ موڪلي انهي جي معرفت پنهنجي بندي يوحنا تي اُهي ظاهر ڪيون؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ