Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




راڳن جو راڳ 8:13 - Sindhi Bible

13 تون جو باغن ۾ رهين ٿو تنهن جو آواز سنگتي ٻڌن ٿا: مون کي بہ اهو ٻڌاءِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 اي منهنجي پياري! تون جيڪا باغ جي وچ ۾ پيئي ڦرين، پنهنجو سريلو آواز ٻڌاءِ. آءٌ ۽ منهنجا سنگتي تنهنجو سريلو آواز ٻڌڻ چاهيون ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




راڳن جو راڳ 8:13
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن کي ڀرت واري پوشاڪ ڍڪائي بادشاهہ وٽ آڻيندا: ۽ هن جون ڪنواريون سهيليون جي سندس پٺيان پٺيان ٿيون هلن تن کي تو وٽ وٺي ايندا.


مصيبت جي ڏينهن مونکي پڪار، آءٌ توکي ڇڏائيندس، ۽ تون منهنجو جلال ظاهر ڪندين.


اڙي منهنجي جان جا محبوب، مون کي ٻڌاءِ تہ تون پنهنجي ڌڻ کي ڪٿي ٿو چارين، ۽ ٻہ پهرن جو آرام لاءِ ڪٿي ٿو وهارين: ڇو جو آءٌ تنهنجن سنگتين جي گلن جي ڀرسان رلندي وتان؟


اي اُتر جا واءُ، جاڳ؛ ۽ اي ڏکڻ، تون اچ؛ منهنجي باغ تي لڳ تہ اُن جي مصالحن جي خوشبوءِ ٻاهر نڪري، ڀلي تہ منهنجو محبوب پنهنجي باغ ۾ اچي ۽ پنهنجا قيمتي ميوا کائي.


آءٌ سوپارين جي باغ ۾ ويس، تہ واديءَ جا ساوا وڻ ڏسان، ۽ ڏسان تہ ڊاک ڦٽي آهي يا نہ، ۽ ڏاڙهن گل جهليا آهن يا نہ.


منهنجو محبوب پنهنجي باغ ڏانهن، مصالحن جي چمن ڏانهن ويو آهي، تہ باغن ۾ مال چاري، ۽ سوسن گڏ ڪري.


منهنجو ڊاک جو منهہ، جو منهنجو آهي. سو منهنجي اڳيان آهي، اي سليمان، تون اُهو هزار وٺندين، ۽ جيڪي ان جو ميوو رکندا، تن کي ٻہ سؤ ملندا.


ڇالاءِ جو جتي ٻہ يا ٽي ڄڻا منهنجي نالي تي گڏ ٿا ٿين، اُتي آئون بہ انهن جي وچ ۾ آهيان.


۽ هنن کي تعليم ڏيو تہ جن ڳالهين جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تن سڀني تي هلن، ۽ ڏسو، آئون هميشہ، بلڪ دنيا جي پڇاڙيءَ تائين، اوهان سان آهيان.


جيڪڏهن اوهين مون ۾ رهو ۽ منهنجون ڳالهيون اوهان ۾ رهن، تہ پوءِ جيڪي وڻيوَ سو گهُرو، ۽ ائين ئي ٿيندو.


هيستائين اوهان منهنجي نالي ڪي بہ ڪين گهُريو آهي، گهُرو تہ مليوَ، تہ اوهان جي خوشي پوري ٿئي.


تڏهن هن چيو تہ ڀلي وڃ. ۽ هن انهي کي ٻن مهينن لاءِ روانو ڪري ڇڏيو: ۽ هوءَ پنهنجين سهيلين سميت هلي ويئي، ۽ جبلن تي وڃي پنهنجي ڪنوارپڻ جي لاءِ روئڻ لڳي.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن انهن هن کي ڏٺو تڏهن ٽيهہ ڄڻا هن جي سنگت لاءِ آندائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ