Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




راڳن جو راڳ 7:5 - Sindhi Bible

5 تنهنجو مٿو توتي ڪرمل وانگر آهي، ۽ تنهنجي مٿي جا وار واڱڻائي رنگ جهڙا آهن؛ انهن جي زلفن ۾ بادشاهہ قيد ٿيو پيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 تنهنجو مٿو ڪرمل جبل جيان بلند آهي. تنهنجي مٿي جا وار ايترا تہ ڪارا ۽ چمڪندڙ آهن، جو بادشاهہ بہ انهن کي ڏسي تنهنجو اسير بڻجي وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




راڳن جو راڳ 7:5
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن هن چيو تہ هاڻي مون کي ڇڏ تہ آءٌ وڃان، ڇو تہ پرهہ ٿي ڦٽي. تنهن تي هن چيو تہ آءٌ تيسين توکي وڃڻ ڪين ڏيندس، جيسين تون مون کي برڪت نہ ڏيندين.


اي خدا انهن تنهنجي آمد ڏٺي آهي. بلڪ انهن منهنجي خدا، منهنجي بادشاهہ کي پاڪ مڪان ۾ ويندو ڏٺو آهي.


يعقوب جي سڀني رهڻ جي جاين کان صيون جا دروازا خداوند کي وڌيڪ پيارا آهن.


پيار ڪندڙ هرڻي ۽ وڻندڙ ڦاڙهيءَ وانگر ڀلي تہ انهيءَ جا ٿڻ هر وقت توکي خوش رکن؛ تون هميشہ انهيءَ جي محبت ۾ مست رهہ.


اسان جي گهر جون ڪامون سرو جون آهن، ۽ اسانجون پٽيون صنوبر جون آهن.


ڏس، اي منهنجي پياري تون سهڻي آهين؛ ڏس تون حسين آهين؛ تنهنجيون اکيون تنهنجي نقاب جي پٺيان ڪبوترن جهڙيون آهن: تنهنجا وار ٻڪرين جي ڌڻ وانگر آهن، جي جلعاد جبل جي پاسي سان ويٺيون هجن.


تنهنجي ڳچي دائود جي ٺلهہ وانگر آهي، جو هٿيارن جي رکڻ لاءِ جوڙيو ويو هجي جنهن تي هزار سپرون ۽ پهلوان ماڻهن جون سڀ ڍالون ٽنگيل هجن.


هن جو مٿو نهايت خالص سون جهڙو آهي، هن جا زلف گهاٽا ۽ ڪانگ جهڙا ڪارا آهن.


هو بي انداز گل ڪندو، ۽ هو خوشيءَ سان گيت ڳائي سرهو ٿيندو؛ لبنان جو شان، ۽ ڪرمل ۽ شارون جي سرفرازي هن کي ڏني ويندي: اهي خداوند جو جلال ۽ اسان جي خدا جي سرفرازي ڏسندا.


پنهنجي قوم کي، ۽ جيڪو تنهنجي ورثي جو ڌڻ آهي تنهن کي، پنهنجي لٺ کڻي ڪرمل جي ٻيلي منجهہ چار: ڀلي تہ بسن جلعاد ۾ چرن، جيئن اڳين ڏينهن ۾ ڪندا هئا.


هاڻي حسبون امورين جي بادشاهہ سيحون جو شهر هو، جنهن موآب جي اڳوڻي بادشاهہ سان وڙهي، ارنون تائين هن جو سارو ملڪ سندس هٿان کسي ورتو هو.


ڇالاءِ جو جتي ٻہ يا ٽي ڄڻا منهنجي نالي تي گڏ ٿا ٿين، اُتي آئون بہ انهن جي وچ ۾ آهيان.


۽ هنن کي تعليم ڏيو تہ جن ڳالهين جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تن سڀني تي هلن، ۽ ڏسو، آئون هميشہ، بلڪ دنيا جي پڇاڙيءَ تائين، اوهان سان آهيان.


۽ سڀ ڪجهہ هن جي پيرن هيٺ ڪري ڇڏيائين، ۽ کيس ڪل ڪليسيا جو سردار مقرر ڪيائين،


۽ اهوئي بدن جو، يعني ڪليسيا جو سر آهي: اهو ئي منڍ آهي، ۽ اهو ئي پهريون شخص آهي جو مُئلن منجهان جي اُٿيو؛ انهي لاءِ تہ سڀني ڳالهين ۾ هن کي اول درجو هجي.


پر سر سان لاڳاپو نٿو رکي، جنهن سان سارو بدن، سَنڌن ۽ ٻَنڌن جي ڪري پاڻ ۾ ڳنڍيل ٿو رهي، ۽ پرورش پائي خدا جي برڪت سان وڌندو ٿو وڃي.


۽ انهي جو مٿو ۽ وار اڇا هئا، جهڙي اڇي اُن، بلڪ جهڙي برف؛ ۽ اُنهي جون اکيون باهہ جي شعلي جهڙيون هيون؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ