11 اي منهنجا محبوب، اچ تہ ٻهراڙيءَ ۾ هلون؛ ۽ ڳوٺن ۾ هلي گذاريون.
11 اي منهنجا محبوب! اچ، اچ تہ اسين ٻنين ۾ سير ڪريون، ۽ ڳوٺن ۾ هلي اڪيلائيءَ ۾ رات گذاريون.
صور جي ڌيءَ نذرانو آڻي اتي حاضر ٿيندي؛ ۽ قوم جا دولتمند ماڻهو تنهنجي نوازش گهرندا.
مون کي ڇڪي وٺ، اسين تنهنجي پٺيان ڊوڙنديونسين: بادشاهہ مون کي پنهنجن ڪوٺين ۾ وٺي آيو آهي: اسين خوش ٿينديونسين ۽ تنهنجي ڪري خوشيون ڪنديونسين، اسين شراب کان وڌيڪ تنهنجي محبت جو ذڪر ڪنديونسين: هو سچيءَ دل سان تنهنجيون عاشق آهن.
منهنجو محبوب منهنجو آهي، ۽ آءٌ سنديس آهيان: هو پنهنجو گلو سوسن ۾ ٿو چاري.
اي منهنجي ڪنوار لبنان مان مون سان اچ، لبنان مان مون سان اچ: امانا جي چوٽي تان، سنير ۽ حرمون جي چوٽيءَ تان، شينهن جي غارن مان، چيتن جي جبلن تان نهار.
آءٌ پنهنجي محبوب جي آهيان، هن جي خواهش مون ڏانهن آهي.
هل تہ سوير اُٿي ڊاک جي منهہ ۾ هلون؛ ڏسون تہ ڊاک ڦٽي آهي يا نہ، ۽ ان جا گل کليا آهن يا نہ، ۽ ڏاڙهن گل جهليا آهن يا نہ: اُتي آءٌ توکي پنهنجي محبت ڏينديس.