Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




راڳن جو راڳ 6:9 - Sindhi Bible

9 منهنجي ڪبوتري، منهنجي بيداغ، فقط هڪڙي آهي؛ هوءَ پنهنجي ماءُ جي هڪڙيئي هڪڙي آهي؛ جنهن هن کي ڄڻيو تنهنجي هوءَ لاڏلي آهي. ڇوڪرين هن کي ڏٺو، ۽ هن کي برڪت واري سڏيائون؛ هائو، راڻين ۽ سريتن، ۽ انهن هن جي ساراهہ ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 پر تون تہ انهن سڀني جي ڀيٽ ۾ بي‌عيب ۽ بي مثال ڪبوتري آهين. تون پنهنجي ماءُ جي پياري ۽ سڪيلڌي ڌيءَ آهين. نوجوان ڇوڪرين، بادشاهہ جي راڻين ۽ سريتين، جن بہ تو کي ڏٺو تن تو کي ساراهيو، ۽ تنهنجي واکاڻ هيئن ڳائڻ لڳيون تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




راڳن جو راڳ 6:9
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن لياہ چيو تہ آءٌ نصيب واري آهيان؛ ڇالاءِ جو زالون مون کي واڌايون ڏينديون، تنهنڪري انهيءَ جو نالو آشر رکيائين.


۽ هن کي ست سؤ زالون هيون، جي شهزاديون هيون، ۽ ٽي سؤ سريتون هيس: ۽ اُنهن زالن هن جي دل ڦيرائي ڇڏي.


تنهن مهل اسان جو وات کل خوشيءَ سان ڀرجي ويو، ۽ اسان جي زبان گيت ڳائڻ لڳي: تڏهن اهي ڌارين قومن ۾ چوڻ لڳا تہ خداوند هن لاءِ وڏا ڪم ڪيا آهن.


شهزاديون تنهنجين آبرودار زالن ۾ آهن: ۽ اوفير جي سون سان سينگاريل راڻي تنهنجي ساڄي پاسي بيٺي آهي.


اي منهنجي ڪبوتري، تون جا ٽڪر جي ڦاٽن ۾، ۽ اُڀ ڪپري واري جاءِ جي اوٽ ۾ آهين، پنهنجي شڪل ڏيکار. پنهنجو آواز ٻڌاءِ؛ ڇالاءِ جو تنهنجو آواز مٺو آهي، ۽ تنهنجي شڪل سهڻي آهي.


آءٌ ستو پيو هوس، پر منهنجي دل پئي جاڳي: اهو منهنجي محبوب جو آواز آهي جو در کڙڪائي ٿو چوي تہ اي منهنجي ڀيڻ، منهنجي پياري، منهنجي ڪبوتري، منهنجي بي داغ: ڇالاءِ جو منهنجو مٿو ماڪ سان ڀريل آهي، ۽ منهنجا زلف رات جي ڦڙن سان ڀريل آهن.


ڇالاءِ جو جبلن جي چوٽيءَ تان آءٌ هن کي ڏسان ٿو، ۽ ٽڪرين تان منهنجي هن تي نظر ٿي پوي: ڏس، هيءَ اُها اُمت آهي جا اڪيلي ٿي رهي، ۽ ٻين قومن ۾ شمار نہ ڪئي ويندي.


پر يروشلم جو مٿي آهي سو آزاد آهي، ۽ اُها اسان جي ماءُ آهي.


اي اسرائيل، تون مبارڪ آهين: خداوند توکي بچايو آهي، تو جهڙي ٻي ڪهڙي قوم آهي، خداوند تنهنجي مدد جي ڍال، ۽ تنهنجيءَ وڏائيءَ جي ترار آهي! تنهنجا دشمن اچي تو وٽ پيش پوندا؛ ۽ تون اُنهن جا مٿانهان مڪان لتاڙي ڇڏيندين.


سو انهي ڏينهن ٿيندو، جڏهن هن جي اچڻ ڪري، سندس پاڪ ٿيلن ۾ سندس جلال ظاهر ٿيندو، ۽ جن ايمان آندو آهي، تن سڀني ۾ تعجب جو سبب ٿيندو، ڇالاءِ جو اوهان اسان جي شاهديءَ تي ايمان آندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ