Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




راڳن جو راڳ 6:13 - Sindhi Bible

13 اي شولاميہ، موٽي اچ، موٽي اچ؛ موٽي اچ، موٽي اچ تہ اسين تو تي نظر ڪريون. ڇالاءِ اوهين شولاميہ تي نظر ڪرڻ ٿا گهرو جيئن محنائم جي ناچ تي نظر ڪجي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 اي بي‌مثل ۽ بي‌عيب ڇوڪري! مون وٽ موٽي اچ، موٽي اچ تہ آءٌ تنهنجو ديدار ڪريان. اي منهنجا محبوب! تون ڇو ٿو چاهين تہ مون کي ٻين جي آڏو نچندو ڏسين؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




راڳن جو راڳ 6:13
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ يعقوب انهن کي ڏسي چيو تہ هي خدا جو لشڪر آهي: ۽ انهيءَ هنڌ جو نالو محنايم رکيائين.


۽ ابراهيم هن کي سڀني شين جو ڏهون حصو ورهائي ڏنو. هو پنهنجي نالي جي معنيٰ موجب پهرين راستبازيءَ جو بادشاهہ آهي ۽ پوءِ شاليم يعني سلامتيءَ جو بادشاهہ بہ آهي؛


سو انهي ڏينهن ٿيندو، جڏهن هن جي اچڻ ڪري، سندس پاڪ ٿيلن ۾ سندس جلال ظاهر ٿيندو، ۽ جن ايمان آندو آهي، تن سڀني ۾ تعجب جو سبب ٿيندو، ڇالاءِ جو اوهان اسان جي شاهديءَ تي ايمان آندو.


ڇالاءِ جو جسم روح جي برخلاف خواهش ٿو ڪري، ۽ روح جسم جي برخلاف؛ ۽ اُهي هڪ ٻئي جا مخالف آهن، انهي لاءِ تہ جيڪي اوهين چاهيو ٿا سو نہ ڪريو.


پر مون کي پنهنجن عضون ۾ هڪڙي ٻئي قسم جي شريعت نظر ٿي اچي، جا منهنجي عقل جي شريعت سان وڙهي، مون کي اُنهي گناهہ جي شريعت جي حوالي ٿي ڪري، جو منهنجن عضون ۾ موجود آهي.


يا خدا رڳو يهودين جو ئي خدا آهي؟ هو غير قومن جو بہ خدا ناهي ڇا؟ هائو، غير قومن جو بہ آهي:


۽ منهنجيون ٻيون بہ رڍون آهن، جي هن واڙي جون نہ آهن: اُنهن کي آڻڻ بہ مون لاءِ ضروري آهي، ۽ اُهي منهنجو آواز ٻُڌنديون؛ پوءِ هڪڙو ڌڻ ٿيندو ۽ هڪڙو ڌنار.


۽ چيائينس اُنهي تلاءَ ۾ وڃي ڌوءُ، جنهن جو نالو آهي شيلوخ (يعني موڪليل). پوءِ هو ويو، ۽ وڃي ڌوتائين، ۽ ڏسندو وائسندو آيو.


ساڳيءَ ريت آئون اوهان کي چوان ٿو تہ هڪڙو گنهگار جو توبهہ ٿو ڪري، تنهن لاءِ خدا جي ملائڪن ۾ خوشي ٿي ٿئي.


۽ اُنهيءَ زال ڏانهن منهن ڪري شمعون کي چيائين تہ هن زال کي ڏسين ٿو؟ آئون تنهنجي گهر آيس، تہ تو مون کي پيرن ڌوئڻ لاءِ پاڻي بہ نہ ڏنو، پر هن منهنجا پير پنهنجن ڳوڙهن سان ڌوتا، ۽ پنهنجن وارن سان اُگهيا آهن.


اي بي وفا ٻارو، موٽي اچو، آءٌ اوهان جيءَ بي وفائيءَ جو علاج ڪندس. ڏس اسين تو وٽ آيا آهيون ڇالاءِ جو تون خداوند اسان جو خدا آهين.


شيلوخ جو پاڻي جو آهستي پيو وهي تنهن کي هن قوم رد ڪري ڇڏيو آهي، ۽ اُهي رضين ۽ رملياہ جي پٽ تي فخر ٿا ڪن؛


اي منهنجي ڪبوتري، تون جا ٽڪر جي ڦاٽن ۾، ۽ اُڀ ڪپري واري جاءِ جي اوٽ ۾ آهين، پنهنجي شڪل ڏيکار. پنهنجو آواز ٻڌاءِ؛ ڇالاءِ جو تنهنجو آواز مٺو آهي، ۽ تنهنجي شڪل سهڻي آهي.


مون ڏانهن نہ نهار، ڇالاءِ جو آءٌ سانوري آهيان؛ سج مون کي ڪارو ڪري ڇڏيو آهي. منهنجي ماءُ جا پٽ مون تي ڪاوڙيل هئا، هنن مون کي ڊاک جي منهہ جو سنڀاليندڙ ڪيو؛ پر مون پنهنجي ڊاک جو منهہ نہ سنڀاليو آهي.


سالم ۾ هن جو خيمو آهي، ۽ صيون ۾ هن جي رهڻ جي جاءِ آهي.


پوءِ دائود محنايم ۾ آيو، ۽ ابي سلوم ۽ جيڪي اسرائيل جا ماڻهو ساڻس هئا سي سڀ يردن لنگهي هن ڀر ٿيا.


۽ چتائي ڏسو تہ جيڪڏهن سيلا جون ڇوڪريون ناچن ۾ نچڻ لاءِ نڪري اچن، تہ اوهين ڊاک جي منهہ مان نڪري اچجو، ۽ اوهان مان هرڪو انهن سيلا جي ڇوڪرين مان هڪڙي هڪڙي پنهنجي لاءِ زال ڪري کڻي؛ ۽ پوءِ اوهين بنيمين جي ملڪ ۾ وڃي نڪرجو.


جيسين شيلوہ نہ ايندو، تيسين يهوداہ کان بادشاهي نہ ويندي، نڪي حڪومت جو عصو سندس پيرن هيٺان نڪري ويندو؛ ۽ قومون هن جي فرمانبرداري ڪنديون.


مون کي سماءُ مس پيو تہ منهنجي جان مون کي پنهنجي شاهي قوم جي گاڏين ۾ وڃي وهاريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ