Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




راڳن جو راڳ 6:11 - Sindhi Bible

11 آءٌ سوپارين جي باغ ۾ ويس، تہ واديءَ جا ساوا وڻ ڏسان، ۽ ڏسان تہ ڊاک ڦٽي آهي يا نہ، ۽ ڏاڙهن گل جهليا آهن يا نہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 آءٌ اخروٽن جي باغ ۾ ويس، انهيءَ لاءِ تہ برساتي نهر وٽ وڻن کي ڏسان. هائو، آءٌ ڏسان تہ انگورن جي ولين ۾ ٻور آيو آهي يا نہ، ۽ ڏاڙهن گل جھليا آهن يا نہ؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




راڳن جو راڳ 6:11
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خداوند خدا زمين مان هر ڪنهن قسم جا وڻ اُڀاريا، جن جو ميوو ڏسڻ ۾ دلپسند ۽ کائڻ ۾ چڱو هو؛ ۽ باغ جي وچ ۾ زندگيءَ جو وڻ، ۽ نيڪيءَ ۽ بديءَ جي ٻوجهہ جو وڻ بہ اُڀاريائين.


۽ انهيءَ ڊاک جي ول ۾ ٽي ٽاريون هيون: ۽ ائين ٿي ڏسڻ ۾ آيو تہ ڄڻ انهيءَ ٻور ڪيو ۽ منجهس گل بہ نڪتا؛ ۽ انهيءَ جي ڇڳن ۾ پڪل ڊاک بہ نڪتي:


اي منهنجي ڀيڻ، منهنجي ڪنوار، آءٌ پنهنجي باغ ۾ آيو آهيان: مون پنهنجي مر پنهنجي مصالحہ سميت گڏ ڪئي آهي؛ مون پنهنجو مانارو پنهنجي ماکيءَ سميت کاڌو آهي؛ مون پنهنجو شراب پنهنجي کير سان پيتو آهي. اي دوستو کائو؛ هائو، اي محبوب پيءُ، بي انداز پيءُ.


مون کي سماءُ مس پيو تہ منهنجي جان مون کي پنهنجي شاهي قوم جي گاڏين ۾ وڃي وهاريو.


منهنجو محبوب پنهنجي باغ ڏانهن، مصالحن جي چمن ڏانهن ويو آهي، تہ باغن ۾ مال چاري، ۽ سوسن گڏ ڪري.


هل تہ سوير اُٿي ڊاک جي منهہ ۾ هلون؛ ڏسون تہ ڊاک ڦٽي آهي يا نہ، ۽ ان جا گل کليا آهن يا نہ، ۽ ڏاڙهن گل جهليا آهن يا نہ: اُتي آءٌ توکي پنهنجي محبت ڏينديس.


ست رنگن جي خوشبوءِ پئي اچي، ۽ اسانجن درن تي هر قسم جا قيمتي ميوا، نوان توڙي پراڻا آهن، جي اي منهنجا محبوب، مون تو لاءِ گڏ ڪري رکيا آهن.


۽ پري کان هڪڙو انجير جو وڻ ڏٺائين، جنهن ۾ پن هئا، ۽ اُتي آيو تہ من ڪو ڦل مليس: پر جڏهن هو اُنهي وٽ آيو، تڏهن ڏٺائين تہ پنن کانسواءِ ٻيو ڪي بہ ڪين آهي؛ ڇالاءِ جو اُها انجير جي مند نہ هئي.


تڏهن باغبان کي چيائين تہ ڏس، مون کي هن انجير جي وڻ مان ڦل ڳوليندي ٽي سال ٿيا آهن، پر ڦل ڪونہ ٿو ملي، تنهنڪري وڍي ڇڏينس؛ اجائي زمين ڇو والاريو بيٺو آهي.


اوهان مون کي ڪين چونڊيو آهي، پر مون اوهان کي چونڊيو آهي، ۽ انهي لاءِ اوهان کي مقرر ڪيو اٿم تہ اوهين وڃي ڦل پيدا ڪريو، ۽ اوهان جو ڦل قائم رهي: تہ جيڪي بہ اوهين پيءُ کان منهنجي نالي گهُرو، سو هو اوهان کي ڏئي.


ڪن ڏينهن کانپوءِ برناباس پولس کي چيو، تہ هل تہ انهن شهرن ۾ هلون، جن ۾ اسان خداوند جو ڪلام ٻڌايو هو، ۽ ڏسون تہ اُنهن جو ڪهڙو حال آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ