Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




راڳن جو راڳ 6:1 - Sindhi Bible

1 اي زالن ۾ تمام سهڻي، تنهنجو محبوب ڪيڏانهن ويو آهي؟ تنهنجو محبوب ڪهڙي پاسي وڃي نڪتو آهي، تہ اسين تو سان گڏجي انهي کي ڳوليون؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 اي عورتن ۾ سڀني کان سهڻي! تنهنجو محبوب ڪيڏانهن ويو آهي؟ هائو، ٻڌاءِ تہ تنهنجو محبوب ڪهڙي پاسي نڪري ويو آهي؟ انهيءَ لاءِ تہ اسين تو سان گڏجي هلي انهيءَ کي ڳوليون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




راڳن جو راڳ 6:1
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مون کي ڇڪي وٺ، اسين تنهنجي پٺيان ڊوڙنديونسين: بادشاهہ مون کي پنهنجن ڪوٺين ۾ وٺي آيو آهي: اسين خوش ٿينديونسين ۽ تنهنجي ڪري خوشيون ڪنديونسين، اسين شراب کان وڌيڪ تنهنجي محبت جو ذڪر ڪنديونسين: هو سچيءَ دل سان تنهنجيون عاشق آهن.


اي زالن ۾ سڀني کان حسين، جي توکي اها خبر نہ آهي تہ ڌڻ جي پيرن تي پنهنجو رستو ڏيو هلي وڃ، ۽ پنهنجن ڇيلن کي ڌنارن جي تنبن جي پاسي ۾ چار.


جيئن سوسن ڪنڊن ۾ آهي، تيئن منهنجي محبوبہ ڪنوارين ۾ آهي.


مون پنهنجي محبوب کي در پٽي ڏنو؛ پر منهنجو محبوب اڳيئي هليو ويو هو. جڏهن هن ڳالهايو تڏهن منهنجو هانءُ ڊهي پيو؛ مون هن کي ڳوليو، پر لهي نہ سگهي مانس؛ مون سڏ ڪيومانس پر هن جواب ڪونہ ڏنو.


اي سڀني زالن کان وڌيڪ خوبصورت، تنهنجو محبوب ٻئي ڪنهن محبوب کان ڪيئن وڌيڪ آهي؟ تنهنجو محبوب ٻئي ڪنهن محبوب کان ڪيئن وڌيڪ آهي جو تون اهڙي طرح اسان کي قسم ٿي وجهين؟


اي منهنجي پياري تون ترضاہ جهڙي سهڻي، ۽ يروشلم جهڙي خوبصورت آهين، ۽ خوفناڪ اهڙي آهين جهڙو جهنڊن سان لشڪر.


اي يعقوب جا گهراڻا اوهين اچو تہ پاڻ خداوند جي روشنائي ۾ هلون.


اي اسرائيل جا آسرا، مصيبت جي وقت انهي جا بچائيندڙ، ڇالاءِ تون هن ملڪ ۾ پرديسيءَ وانگي ٿو رهين، ۽ انهي مسافر وانگي، جو هڪ رات لاءِ ٽڪي؟


شل خداوند توکي تنهنجي ڪم جو اُجورو ڏئي، ۽ خداوند، اسرائيل جي خدا کان توکي پورو انعام ملي، جنهن جي کنڀن هيٺ تو اچي پناهہ ورتي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ