Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




راڳن جو راڳ 5:7 - Sindhi Bible

7 جيڪي پهري وارا شهر جي چوڌاري پيا گهمن تن مون کي ڏٺو، اُنهن مون کي ماريو ۽ مون کي زخمي ڪري وڌائون؛ ڀتين جي رکوالن مون کان منهنجي چادر کسي ورتي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 تڏهن پهري وارا، جن شهر ۾ گشت پئي ڪيو، سي مون کي مليا. هنن مون کي مار ڏني ۽ زخمي ڪري وڌائون. ڪوٽ جي انهن پهريدارن مون کان منهنجي چادر بہ کسي ورتي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




راڳن جو راڳ 5:7
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڀلي تہ راستباز ماڻهو مون کي ماري، اها مهرباني ٿيندي؛ ۽ ڀلي تہ اهو مون کي جهڻڪي، اهو ڄڻ تہ منهنجي مٿي تي تيل وڌائين؛ شل منهنجو مٿو انهي کان انڪار نہ ڪري؛ ڇالاءِ جو انهن بڇڙائين ۾ بہ آءٌ دعا گهرندس.


پهري وارا، جي شهر جي چوڌاري پيا گهمن، تن مون کي ڏٺو: انهن کي مون چيو تہ اوهان ڪو هن کي ڏٺو، جنهن سان منهنجي جان جي محبت آهي؟


مون پنهنجي محبوب کي در پٽي ڏنو؛ پر منهنجو محبوب اڳيئي هليو ويو هو. جڏهن هن ڳالهايو تڏهن منهنجو هانءُ ڊهي پيو؛ مون هن کي ڳوليو، پر لهي نہ سگهي مانس؛ مون سڏ ڪيومانس پر هن جواب ڪونہ ڏنو.


اي يروشلم جون ڌيئون، آءٌ اوهان کي قسم ٿي ڏيان تہ اوهين جي منهنجو محبوب ڏسو تہ ٻڌائجوس تہ آءٌ محبت جي بيمار آهيان.


سليمان تي بعل هامون ۾ هڪڙو ڊاک جو منهہ هو: هن اهو ڊاک جو منهہ سنڀاليندڙن کي ڀاڙي تي ڏئي ڇڏيو: سڀ ڪنهن کي ان جي ميوي جي عيوض چانديءَ جا هزار سڪا آڻڻا هئا.


هٿ ۾ کڻڻ جون آرسيون، ۽ سنهو سوٽي ڪپڙو، سربند ۽ برقعا.


اي يروشلم، مون تنهنجين ڀتين تي پهريدار بيهاريا آهن، اهي نہ ڏينهن جو ۽ نہ رات جو، ڪڏهن بہ ماٺ ڪري ڪين ويهندا: اوهين جي خداوند جو ذڪر ڪندڙ آهيو سي ماٺ نہ ڪريو.


تنهنڪري مون هنن کي نبين جي وسيلي گهائل ڪيو آهي؛ مون هنن کي پنهنجي وات جي لفظن سان ڪُٺو آهي: ۽ منهنجون فتوائون انهي روشنيءَ وانگر آهن جا اڳيان هلي ٿي.


فقيهہ ۽ فريسي موسيٰ جي گاديءَ تي ويٺا آهن:


مبارڪ آهيو اوهين، جڏهن ابن آدم جي ڪري ماڻهو اوهان کي ڌڪاريندا، ۽ اوهان کي ڪڍي ڌار ڪندا، ۽ ڦٽ لعنت ڪندا، ۽ اوهان جي نالي کي بڇڙو سمجهي رد ڪندا.


هو اوهان کي عبادتگاهن مان لوڌي ڪڍندا، بلڪ اُها گهڙي اچي ٿي، تہ جيڪو ڪو اوهان کي ماري وجهندو، سو ڀائيندو تہ آئون خدا جي خدمت ٿو ڪريان.


ڇالاءِ جو اهڙا ماڻهو ڪوڙا رسول ۽ دغاباز آهن، ۽ پاڻ کي مسيح جي رسولن جا هم شڪل ٿا بنائين.


ديني جوش جي ڪري ڪليسيا کي ستائيندو هوس؛ شريعت جي راستبازيءَ جي ڪري بي عيب هوس.


۽ يسوع، جو اسان جي ايمان جو باني ۽ ڪامل ڪندڙ آهي، تنهن ڏانهن نهاريندا رهون، جنهن انهيءَ خوشيءَ جي واسطي جا سندس لاءِ مقرر هئي، شرمندگيءَ جي پرواهہ نہ ڪري صليب جو ڏک سَٺو، ۽ خدا جي تخت جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ