Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




راڳن جو راڳ 5:6 - Sindhi Bible

6 مون پنهنجي محبوب کي در پٽي ڏنو؛ پر منهنجو محبوب اڳيئي هليو ويو هو. جڏهن هن ڳالهايو تڏهن منهنجو هانءُ ڊهي پيو؛ مون هن کي ڳوليو، پر لهي نہ سگهي مانس؛ مون سڏ ڪيومانس پر هن جواب ڪونہ ڏنو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 مون پنهنجي محبوب لاءِ دروازو کوليو، پر منهنجو محبوب اڳي ئي موٽي هليو ويو هو. سندس هليو وڃڻ جي ڪري منهنجو هانءُ ٻڏڻ لڳو. مون کيس سڏ ڪيا پر هن ڪو جواب نہ ڏنو. مون هن کي ڳوليو پر لهي نہ سگھي مانس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




راڳن جو راڳ 5:6
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن تي هن پنهنجن ڀائرن کي چيو تہ منهنجا پيسا تہ مون کي موٽائي ڏنا اٿن، اِجهو منهنجي ٻوري جي منهن ۾ پيا آهن: تڏهن هنن جو هانءُ ئي هارجي ويو، ۽ ڏڪي هڪ ٻئي ڏانهن ڦري چوڻ لڳا تہ هي خدا اسان سان ڇا ڪيو آهي؟


۽ بادشاهہ چيو تہ اي ضروياہ جا پٽ، منهنجو اوهان سان ڇا وڃي؟ هو لعنت انهيءَ ڪري ٿو ڪري جو خداوند هن کي چيو آهي تہ دائود تي لعنت ڪر؛ تڏهن ڪير چوندو تہ تو ڇو هيئن ڪيو آهي؟


اي خداوند، آءٌ توکي پڪاريندس؛ اي منهنجا ٽڪر، منهنجي ٻڌي اڻٻڌي نہ ڪر: متان ائين ٿئي تہ جڏهن تون مون ڏانهن خاموش رهين، تہ پوءِ آءٌ انهن جهڙو ٿيان جي قبر ۾ ٿا پون.


اي خداوند، تو پنهنجي مهربانيءَ سان منهنجي جبل کي قائم رکيو هو: پر جڏهن تو پنهنجو منهن لڪايو، تڏهن آءٌ منجهي پيس.


آءٌ دانهون ڪري ڪري ٿڪجي پيو آهيان؛ ۽ نڙي سڪي ويئي اٿم: ۽ خدا جو انتظار ڪندي منهنجون اکيون ضعيف ٿي ويون آهن.


آءٌ خدا کي ياد پيو ڪريان پر ڏکي آهيان: آءٌ دانهون پيو ڪريان پر منهنجو روح غم ۾ ٻڏيو وڃي.


اي خداوند لشڪرن جا خدا، ڪيستائين پنهنجي اُمت جي دعا تي ناراض رهندين؟


تڏهن هو مون کي پڪاريندا پر آءٌ جواب نہ ڏيندس؛ هو سعيو ڪري مون کي ڳوليندا پر هو مون کي نہ لهندا:


آءٌ ستو پيو هوس، پر منهنجي دل پئي جاڳي: اهو منهنجي محبوب جو آواز آهي جو در کڙڪائي ٿو چوي تہ اي منهنجي ڀيڻ، منهنجي پياري، منهنجي ڪبوتري، منهنجي بي داغ: ڇالاءِ جو منهنجو مٿو ماڪ سان ڀريل آهي، ۽ منهنجا زلف رات جي ڦڙن سان ڀريل آهن.


منهنجي محبوب در جي ٽُنگ مان پنهنجو هٿ اندر لنگهايو، ۽ منهنجي دل هن جي لاءِ ڇڪي کاڌي.


اي زالن ۾ تمام سهڻي، تنهنجو محبوب ڪيڏانهن ويو آهي؟ تنهنجو محبوب ڪهڙي پاسي وڃي نڪتو آهي، تہ اسين تو سان گڏجي انهي کي ڳوليون؟


۽ انهيءَ ڏينهن تون چوندين تہ اي خداوند آءٌ تنهنجي شڪر گذاري ڪندس، ڇالاءِ جو جيتوڻيڪ تون مون سان ڪاوڙيل هئين تہ بہ تنهنجي ڪاوڙ بدلجي ويئي آهي ۽ تو مون کي تسلي ڏني آهي.


جڏهن آءٌ آيس تڏهن ڇو ڪو ماڻهو ڪونہ هو؟ جڏهن مون سڏيو تڏهن ڇو ڪنهن بہ جواب نہ ڏنو؟ منهنجو هٿ اهڙو ننڍو ٿي ويو آهي ڇا جو ڇڏائي نٿو سگهي؟ يا مون کي ڇڏائڻ جي سگهہ ڪانهي ڇا؟ ڏسو، آءٌ پنهنجيءَ ڌمڪيءَ سان سمنڊ کي سڪايان ٿو، ۽ ندين کي بيابان ڪري ٿو ڇڏيان: انهن جي مڇي پاڻي نہ هئڻ جي ڪري ڪِني بانس ڪري ٿي، ۽ اُڃ جي ڪري مري ٿي.


ڇالاءِ جو آءٌ هميشہ جهيڙو نہ ڪندس، نڪي آءٌ هميشہ ڪاوڙبس: نہ تہ روح ۽ جانيون جن کي مون پيدا ڪيو آهي سي منهنجي اڳيان بيتاب ٿي وينديون.


انهي هوندي بہ اهي هر روز مون کي ڳولين ٿا، ۽ منهنجن رستن معلوم ڪرڻ ۾ خوش ٿا ٿين: جيئن ڪا قوم راستبازيءَ جا ڪم ٿي ڪري، ۽ پنهنجي خدا جي حڪمن تي هلي ٿي، تنهن وانگي هو مون کان راستيءَ جا ڪم ٿا گهرن، ۽ خدا جي ويجهو وڃڻ ۾ خوش ٿا ٿين.


۽ آءٌ خداوند جي لاءِ منتظر رهندس، جو يعقوب جي گهراڻي کان پنهنجو منهن لڪائي ٿو، ۽ آءٌ انهيءَ جي واٽ نهاريندس.


هائو، جڏهن آءٌ دانهون ڪري مدد ٿو گهران، تڏهن هو منهنجو سوال نٿو ٻڌي.


آءٌ پنهنجي جاءِ ڏانهن موٽي ويندس، جيستائين ڪ هو پنهنجو ڏوهہ قبول ڪندا، ۽ منهنجو منهن ڳوليندا: هو پنهنجي مصيبت ۾ ڏاڍي سعيي سان منهنجي ڳولا ڪندا.


هو پنهنجن گلن ۽ پنهنجن ڌڻن سان خداوند کي ڳولڻ ويندا، پر انهي کي نہ لهندا: انهي پاڻ کي هنن کان لڪائي ڇڏيو آهي.


۽ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ ائين ٿيندو، جيئن مون پڪاريو ۽ هنن نہ ٻُڌو، تيئن هو پڪاريندا ۽ آءٌ نہ ٻُڌندس؛


۽ پطرس کي اُها ڳالهہ ياد آئي جا يسوع چئي هئي، تہ ڪڪڙ جي ٻانگ ڏيڻ کان اڳي تون ٽي ڀيرا منهنجو انڪار ڪندين. پوءِ هو ٻاهر وڃي زار زار روئڻ لڳو.


۽ يڪدم ٻئي ڀيري ڪڪڙ ٻانگ ڏني. ۽ پطرس کي اُها ڳالهہ ياد پيئي، جو يسوع چيو هوس تہ ڪڪڙ ٻہ ڀيرا ٻانگ ڏئي، تنهن کان اڳي تون ٽي ڀيرا منهنجو انڪار ڪندين. ۽ انهي بابت خيال ڪندي روئي ڏنائين.


جيترن کي آئون پيار ٿو ڪريان، اوترن کي آئون ڇينڀيان ٿو ۽ سيکت ٿو ڏيان؛ تنهنڪري سرگرم ٿي ۽ توبهہ ڪر.


۽ جڏهن سائول خداوند کي سوال ڪيو تڏهن خداوند هن کي ڪوبہ جواب ڪونہ ڏنو، نہ خوابن جي رستي، نہ اوريم سان، نہ نبين جي وسيلي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ