Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




راڳن جو راڳ 5:4 - Sindhi Bible

4 منهنجي محبوب در جي ٽُنگ مان پنهنجو هٿ اندر لنگهايو، ۽ منهنجي دل هن جي لاءِ ڇڪي کاڌي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 تڏهن ڏٺم تہ منهنجي محبوب دروازي جي سوراخ مان پنهنجو هٿ اندر ٽپايو. ۽ منهنجي دل هن لاءِ ڇڪجي ويئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




راڳن جو راڳ 5:4
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ يوسف جهٽ پنهنجيءَ ڪوٺيءَ ۾ گهڙي ويو ۽ اتي وڃي رنائين؛ ڇالاءِ جو ڀاڻس ڏانهن سندس آنڊن جي ڏاڍي ڇڪ ٿي، ۽ ڀانيائين تہ ڪٿي وڃي روئان.


جڏهن نوح جي عمر ڇهہ سؤ ورهين جي هئي، تڏهن انهيءَ سال جي ٻئي مهيني جي سترهين تاريخ وڏي سمنڊ جا سڀئي چشما ڦاٽي پيا، ۽ آسمان جون دريون پٽجي پيون،


تڏهن جنهن زال جو اهو جيئرو ٻار هو تنهن جي آنڊن ٻار لاءِ ڇڪي کاڌي، ۽ انهيءَ بادشاهہ کي چيو تہ اي منهنجا ڌڻي، اهو جيئرو ٻار هن کي ڏيئي ڇڏيو، ۽ ڪنهن بہ طرح انهيءَ کي قتل نہ ڪريو. پر ٻيءَ چيو تہ ڀلي اهو نہ منهنجو ٿئي نہ تنهنجو؛ انهيءَ کي وڍي ٻہ ٽڪر ڪريو.


تنهنجا ماڻهو تنهنجي قدرت جي ڏينهن خوشيءَ سان پاڻ کي پيش ڪندا: تنهنجا جوان پاڪيزگيءَ جي جمال سان، ۽ صبح جي پيٽ مان نڪتل ماڪ وانگي تو وٽ آهن.


مون کي ڇڪي وٺ، اسين تنهنجي پٺيان ڊوڙنديونسين: بادشاهہ مون کي پنهنجن ڪوٺين ۾ وٺي آيو آهي: اسين خوش ٿينديونسين ۽ تنهنجي ڪري خوشيون ڪنديونسين، اسين شراب کان وڌيڪ تنهنجي محبت جو ذڪر ڪنديونسين: هو سچيءَ دل سان تنهنجيون عاشق آهن.


افرائيم منهنجو پيارو پٽ آهي ڇا؟ جيترا ڀيرا آءٌ هن جي برخلاف ٿو ڳالهايان، اوترا ڀيرا آءٌ هن کي زيادہ شوق سان ياد ٿو ڪريان: تنهن ڪري هن جي لاءِ منهنجن آنڊن کي سيڪ ٿو اچي؛ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ ضرور هن تي رحم ڪندس.


۽ ٿواتيرہ شهر جي لديہ نالي هڪڙي خدا پرست زال، جا واڱڻائي رنگ جو مال وڪڻندي هئي، تنهن بہ اسان جي ڳالهہ پئي ٻُڌي: انهيءَ جي دل خدا کولي، تہ جيڪي ڳالهيون پولس پئي ڪيون، سي ڌيان ڏيئي ٻُڌي.


پر خدا جو شڪر آهي جو اوهان جي لاءِ طيطس جي دل ۾ ههڙي سرگرمي پيدا ڪئي اٿس.


ڇالاءِ جو اهو خدا ئي آهي، جو اوهان ۾ پنهنجي نيڪ ارادي کي پوري ڪرڻ لاءِ نيت ۽ عمل ٻئي پيدا ٿو ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ