Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




راڳن جو راڳ 5:2 - Sindhi Bible

2 آءٌ ستو پيو هوس، پر منهنجي دل پئي جاڳي: اهو منهنجي محبوب جو آواز آهي جو در کڙڪائي ٿو چوي تہ اي منهنجي ڀيڻ، منهنجي پياري، منهنجي ڪبوتري، منهنجي بي داغ: ڇالاءِ جو منهنجو مٿو ماڪ سان ڀريل آهي، ۽ منهنجا زلف رات جي ڦڙن سان ڀريل آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 آءٌ ستي پيئي هئس، پر منهنجي دل جاڳي رهي هئي. مون خواب ۾ ڏٺو تہ منهنجو محبوب آيو آهي، ۽ دروازو کڙڪائي چوي ٿو تہ ”اي منهنجي پياري! اي منهنجي ڪنوار! اي منهنجي ڪبوتري! اي منهنجي بي‌عيب ۽ بي مثال محبوبہ! دروازو کول، ڇاڪاڻ تہ منهنجا زلف رات جي ماڪ جي ڦڙن سان آلا ٿي پيا آهن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




راڳن جو راڳ 5:2
39 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ يعقوب راخل جي لاءِ ست ورهيہ پورهيو ڪيو، ۽ جيئن تہ هن تي سندس پيار هو، تنهنڪري اهي ست ورهيہ کيس ٿورن ڏينهن جيترا نظر آيا.


مبارڪ آهن اهي جي سنئين واٽ ٿا وٺن، ۽ خداوند جي شريعت تي عمل ٿا ڪن.


آءٌ خداوند تنهنجو خدا آهيان، جنهن توکي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو: تون پنهنجو وات چڱيءَ طرح پٽ تہ آءٌ انهيءَ کي ڀري ڇڏيندس.


اي منهنجا پٽ، مون کي پنهنجي دل ڏي، ۽ پنهنجين اکين کي منهنجن رستن جي ڪري خوش ٿيڻ ڏي.


ڏس، اي منهنجا محبوب، تون حسين آهين، هائو، دلپسند آهين: اسان جو پلنگ سائو آهي.


منهنجي محبوب مون سان ڳالهايو ۽ چيائين تہ، اي منهنجي پياري، منهنجي نازنين، اُٿي هلي اچ.


اي منهنجي ڪبوتري، تون جا ٽڪر جي ڦاٽن ۾، ۽ اُڀ ڪپري واري جاءِ جي اوٽ ۾ آهين، پنهنجي شڪل ڏيکار. پنهنجو آواز ٻڌاءِ؛ ڇالاءِ جو تنهنجو آواز مٺو آهي، ۽ تنهنجي شڪل سهڻي آهي.


اِجهو منهنجي محبوب جو آواز! ڏس، هو جبلن تان ٽپندو ۽ ٽڪرن تان ڊوڙندو اچي ٿو.


جنهن سان منهنجي جان جي محبت آهي، تنهن کي رات جو مون پنهنجي هنڌ تي ڳوليو: مون هن کي ڳوليو، پر ڪين لڌومانس.


اي منهنجي پياري، تون بلڪل خوبصورت آهين، ۽ تو ۾ ڪوبہ عيب ڪونهي.


اي منهنجي ڀيڻ، اي منهنجي ڪنوار، تو منهنجي دل کيس ورتي آهي؛ تو پنهنجي هڪڙيءَ اک سان، پنهنجي ڳچيءَ جي هڪڙي زنجيريءَ سان، منهنجي دل کسي ورتي آهي.


هن جو مٿو نهايت خالص سون جهڙو آهي، هن جا زلف گهاٽا ۽ ڪانگ جهڙا ڪارا آهن.


مون پنهنجي محبوب کي در پٽي ڏنو؛ پر منهنجو محبوب اڳيئي هليو ويو هو. جڏهن هن ڳالهايو تڏهن منهنجو هانءُ ڊهي پيو؛ مون هن کي ڳوليو، پر لهي نہ سگهي مانس؛ مون سڏ ڪيومانس پر هن جواب ڪونہ ڏنو.


منهنجي ڪبوتري، منهنجي بيداغ، فقط هڪڙي آهي؛ هوءَ پنهنجي ماءُ جي هڪڙيئي هڪڙي آهي؛ جنهن هن کي ڄڻيو تنهنجي هوءَ لاڏلي آهي. ڇوڪرين هن کي ڏٺو، ۽ هن کي برڪت واري سڏيائون؛ هائو، راڻين ۽ سريتن، ۽ انهن هن جي ساراهہ ڪئي.


۽ تنهنجو وات تمام عمدي شراب جهڙو آهي، جو منهنجي محبوب جي لاءِ لسو وهندو وڃي، ۽ جيڪي سُتا پيا آهن تن جي چپن مان ترڪندو وڃي.


ڪيترو بہ گهڻو پاڻي محبت اُجهائي نہ سگهندو، نڪي ٻوڏيون انهي کي ٻوڙي سگهنديون: جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي گهر جو سڀ مال ۽ ملڪيت محبت جي لاءِ ڏئي ڇڏيندو، تہ هو بلڪل حقارت جوڳو ٿيندو.


مون ماريندڙن کي پنهنجي پٺي ڏني، ۽ وارن پٽيندڙن کي پنهنجا ڳل ڏنا: مون پنهنجو منهن شرم ۽ ٿُڪن جهلڻ کان ڪين لڪايو.


جيئن گهڻا توکي ڏسي حيران ٿي ويا، (هن جي شڪل انسان کان، ۽ هن جي صورت بني آدم کان وڌيڪ بگڙيل هئي،)


هاڻي جيئن هن مون سان پئي ڳالهايو، تيئن مون کي زمين تي پيئي گهاٽي ننڊ اچي وئي: پر هن مون کي ڇُهي اُٿاريو.


۽ جنهن فرشتي مون سان پئي ڳالهايو، سو وري مون وٽ آيو، ۽ مون کي ائين اچي اُٿاريائين، جيئن ڪنهن کي ننڊ مان اُٿاربو آهي.


ڇالاءِ جو جيڪو گهُري ٿو تنهن کي ملي ٿو، ۽ جيڪو ڳولي ٿو سو لهي ٿو، ۽ جيڪو کڙڪائي ٿو تنهن جي لاءِ پَٽجي ٿو.


انهي لاءِ تہ جيڪي يسعياهہ نبيءَ چيو هو سو پورو ٿئي، تہ ”هن پاڻ اسان جون هيڻايون کنيون، ۽ اسان جون بيماريون سَٺيون.“


۽ صبح جو سج اُڀرڻ کان گهڻو اڳي هو اُٿي ٻاهر نڪتو، ۽ هڪڙي ويران هنڌ وڃي دعا گهُرڻ لڳو.


۽ هو ڏاڍي تڪليف ۾ هئڻ سبب زيادہ گرميءَ سان دعا گهُرڻ لڳو، ۽ سندس پگهر رت جي وڏن ڦڙن وانگر ٿي زمين تي ٽمڻ لڳو.


۽ اُنهن ڏينهن ۾ هيئن ٿيو تہ هو جبل تي دعا گهُرڻ لاءِ ويو، ۽ ساري رات خدا کان دعا پئي گهُريائين.


هاڻي پطرس ۽ سندس سنگتي ننڊاکڙا هئا: ۽ جڏهن سجاڳ ٿيا، تڏهن سندس جلال ڏسڻ ۾ آين، ۽ ٻہ ماڻهو ساڻس بيٺل ڏٺائون.


جڏهن هو پنهنجين سڀني رڍن کي ڪڍي ٻاهر ٿو ڪري، تڏهن اڳيانئن ٿي ٿو هلي، ۽ رڍون سندس تنوار سڃاڻن ٿيون.


آئون مسيح سان گڏ مصلوب ٿيو آهيان، انهي هوندي بہ آئون جيئرو آهيان؛ پر هاڻي آئون جيئرو نٿو رهان، بلڪ مسيح مون ۾ جيئرو ٿو رهي؛ ۽ جيڪا حياتي آئون هاڻي جسم ۾ گذاريان ٿو، سا آئون انهي ايمان تي ٿو گذاريان، جو خدا جي فرزند تي آهي، جنهن مون سان محبت رکي منهنجي بدلي پنهنجي جان ڏنائين.


تنهنڪري هو چوي ٿو تہ، ”تون جو سُتو پيو آهين، سو جاڳ ۽ مُئلن منجهان جي اُٿ، تہ مسيح تو تي نور چمڪائي.“


هي اُهي ماڻهو هئا، جي زالن سان ناپاڪ نہ ٿيا؛ ڇالاءِ جو اُهي ڪنوارا هئا ۽ گهيٽي جي پٺيان جيڏانهن هو وڃي ٿو اوڏانهن ٿا وڃن. اُهي مخلوقات مان خريد ڪيا ويا هئا، تہ خدا لاءِ ۽ گهيٽي لاءِ پهريون ڦل ٿين.


ڏس، آئون در تي بيهي کڙڪايان ٿو: جيڪڏهن ڪو ماڻهو منهنجو آواز ٻُڌي در پَٽيندو، تہ آئون انهي وٽ لنگهي ايندس، ۽ انهي سان گڏ ماني کائيندس، ۽ اُهو مون سان گڏ کائيندو.


پر سرديس ۾ تو وٽ ڪي اهڙا آهن جن پنهنجا ڪپڙا پليت نہ ڪيا؛ ۽ اُهي سفيد پوشاڪ پائي مون سان گڏ گهُمندا، جو اُهي انهي جا لائق آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ