Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




راڳن جو راڳ 5:14 - Sindhi Bible

14 هن جا هٿ سون جي منڊين وانگر آهن، جن ۾ فيروزا جڙيل هجن: هن جو بدن عاج جي ڪم جهڙو آهي، جنهن تي نيلم لڳل هجن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 هن جون ٻانهون اهڙيون تہ آهن، جو ڄڻ تہ سونين شاخن تي هيرا جواهر جڙيل هجن. هن جو بدن ڄڻ تہ عاج جو ٺهيل آهي، جنهن تي نيلم جا گل لڳل هجن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




راڳن جو راڳ 5:14
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوفير جي سون سان بہ ان جو ملهہ نٿو ڪٿي سگهجي، ۽ نہ قيمتي سليماني پٿر يا نيلم سان.


بادشاهہ جي طاقت انصاف کي پسند ٿي ڪري. تون سچائيءَ کي قائم ٿو رکين، تون ئي يعقوب ۾ انصاف ۽ راستيءَ کي عمل ۾ ٿو آڻين.


اي خداوند، تنهنجو ساڄو هٿ طاقت ۾ مشهور آهي. اي خداوند تنهنجي ساڄي هٿ دشمن کي پرزا پرزا ڪري ڇڏيو آهي.


۽ انهن اسرائيل جي خدا کي ڏٺو؛ ۽ انهي جي پيرن هيٺان ڄڻ تہ نيلم جي پهڻ جهڙو فرش لڳل هو، ۽ اهڙو صاف هو جهڙو آسمان.


ٻي قطار، زمرد، نيلم ۽ هيري جي هجي.


۽ چوٿين قطار، فيروزي، سليماني پهڻ ۽ زبرجد جي هجي: اهي سون جي خانن ۾ جڙيا وڃن.


چوٿين قطار فيروزي، سليماني پهڻ، ۽ زبرجد جي هئي؛ اهي سون جي خانن ۾ جڙيل هئا.


تنهنجو دُن گول پيالي جهڙو آهي، جنهن ۾ گڏيل شراب جي ڪمي ڪانہ هجي: تنهنجو پيٽ ڪڻڪ جي ڍڳ جهڙو آهي، جنهن جي آس پاس سوسن رکيل هجن.


ڏسو منهنجو بندو دانائيءَ سان هلندو، هو سرفراز ۽ سربلند ڪيو ويندو، هو وڏي درجي کي رسندو.


اي ڏکويل تون جا طوفان جي ستايل ۽ بنا تسليءَ جي آهين سا ڏس، آءٌ تنهنجا پهڻ سهڻن رنگن ۾ جڙيندس، ۽ تنهنجي بنياد ۾ نيلم رکندس.


انهيءَ جي بادشاهيءَ جي اقبالمندي ۽ سلامتيءَ جي حد ئي ڪانہ ٿيندي، ۽ هو دائود جي تخت تي ۽ ان جي بادشاهيءَ تي هن وقت کان وٺي هميشہ تائين قائم رهندو؛ ۽ انصاف ۽ سچائيءَ سان انهيءَ کي قائم ڪندو. لشڪرن جي خداوند جي غيرت ائين ڪندي.


انهن ڦيٿن جي شڪل ۽ انهن جي بناوٽ فيروزيءَ جي رنگ جهڙي هئي: ۽ اُهي چارئي هڪڙي ڊول جا هئا: ۽ انهن جي شڪل ۽ انهن جي بناوٽ ڄڻ تہ ڦيٿي جي اندر ڦيٿو هئي.


هن جو بدن بہ فيروزي جهڙو هو، ۽ هن جو منهن بجليءَ جهڙو هو، ۽ هن جون اکيون مشعلن جهڙيون هيون، ۽ هن جون ٻانهون ۽ هن جا پير رنگ ۾ چمڪندڙ پتل جهڙا هئا، ۽ هن جي ڳالهائڻ جو آواز گهڻن ماڻهن جي آواز جهڙو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ