11 هن جو مٿو نهايت خالص سون جهڙو آهي، هن جا زلف گهاٽا ۽ ڪانگ جهڙا ڪارا آهن.
11 هن جو چهرو نهايت خالص سون جهڙو چمڪندڙ آهي. هن جا وار گھنڊيدار ۽ ڪانگ جهڙا ڪارا آهن.
هن جون اکيون ڪبوترن جهڙيون آهن، جي پاڻيءَ جي نهرن جي پاسي کان هجن، کير سان ڌوتل ۽ مناسب طرح سينگاريل.
آءٌ ستو پيو هوس، پر منهنجي دل پئي جاڳي: اهو منهنجي محبوب جو آواز آهي جو در کڙڪائي ٿو چوي تہ اي منهنجي ڀيڻ، منهنجي پياري، منهنجي ڪبوتري، منهنجي بي داغ: ڇالاءِ جو منهنجو مٿو ماڪ سان ڀريل آهي، ۽ منهنجا زلف رات جي ڦڙن سان ڀريل آهن.
تنهنجو مٿو توتي ڪرمل وانگر آهي، ۽ تنهنجي مٿي جا وار واڱڻائي رنگ جهڙا آهن؛ انهن جي زلفن ۾ بادشاهہ قيد ٿيو پيو آهي.
منهنجي ڏسندي ڏسندي تخت لاٿا ويا، ۽ هڪڙو قديم الايام شخص اچي ويٺو: هن جي پوشاڪ برف جهڙي اڇي هئي، ۽ هن جي مٿي جا وار صاف اُن جهڙا هئا، هن جو تخت باهہ جي شعلن جو هو، ۽ انهي جا ڦيٿا ٻرندڙ باهہ وانگر هئا.
۽ جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جي مٿي جا وار کُسي ويا هجن، تہ هو گنجو آهي؛ پر هو پاڪ آهي.
۽ انهي جو مٿو ۽ وار اڇا هئا، جهڙي اڇي اُن، بلڪ جهڙي برف؛ ۽ اُنهي جون اکيون باهہ جي شعلي جهڙيون هيون؛