Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




راڳن جو راڳ 4:9 - Sindhi Bible

9 اي منهنجي ڀيڻ، اي منهنجي ڪنوار، تو منهنجي دل کيس ورتي آهي؛ تو پنهنجي هڪڙيءَ اک سان، پنهنجي ڳچيءَ جي هڪڙي زنجيريءَ سان، منهنجي دل کسي ورتي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 اي منهنجي مٺڙي! اي منهنجي ڪنوار! هاءِ هاءِ تنهنجي نيڻن جي نظاري ۽ تنهنجي هار جي تجلي، منهنجي دل کسي ورتي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




راڳن جو راڳ 4:9
31 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن کان سواءِ هوءَ سچ پچ منهنجي ڀيڻ آهي، جو منهنجي پيءُ جي ڌيءَ آهي، پر نہ منهنجيءَ ماءُ جي، ۽ پوءِ هوءَ منهنجي زال ٿي.


۽ فرعون پنهنجيءَ مهر واري منڊي پنهنجي هٿ مان لاهي، يوسف جي هٿ ۾ پارائي، ۽ هن کي عمدي ڪپڙي جي خلعت پهرايائين، ۽ هڪڙي سوني زنجيري سندس ڳچيءَ ۾ پاتائين؛


شهزاديون تنهنجين آبرودار زالن ۾ آهن: ۽ اوفير جي سون سان سينگاريل راڻي تنهنجي ساڄي پاسي بيٺي آهي.


ڇالاءِ جو اهي تنهنجي مٿي جي لاءِ زينت جو ڇٽ، ۽ تنهنجي ڳچيءَ جا طوق ٿيندا.


انهيءَ جي سونهن جي پٺيان پنهنجي دل ۾ خواهش نہ رک؛ ۽ نہ هن کي ڇڏ تہ توکي پنهنجين اکين جي ڇپرن سان گرفتار ڪري.


تنهنجا ڳل وارن جي زلفن سان سهڻا ٿا لڳن، ۽ تنهنجي ڳچي جواهرن جي سرن سان.


ڏس، اي منهنجي پياري، تون سهڻي آهين؛ تون خوبصورت آهين؛ تنهنجون اکيون ڪبوترين جهڙيون آهن.


اي صيون جون ڌيئون، اوهين ٻاهر وڃي بادشاهہ سليمان ڏسو، جنهن کي اُهو ڇٽ پيو آهي جو سندس مڱڻيءَ جي ڏينهن، ۽ سندس دل جي خوشيءَ جي ڏينهن، ماڻس ڍڪايو هو.


اي منهنجي ڀيڻ، اي منهنجي ڪنوار، تنهنجي محبت ڪهڙي نہ چڱي آهي! تنهنجي محبت شراب کان ڪيترو نہ بهتر آهي! ۽ تنهنجن تيلن جي خوشبوءِ هر قسم جي مصالحن کان ڪيترو نہ وڌيڪ چڱي آهي!


منهنجي ڀيڻ، منهنجي ڪنوار، بند ٿيل باغ، يا بند ٿيل چشمو يا مهر ٿيل حوض آهي.


مون کي سماءُ مس پيو تہ منهنجي جان مون کي پنهنجي شاهي قوم جي گاڏين ۾ وڃي وهاريو.


پنهنجون اکيون مون کان ڦيراءِ، ڇالاءِ جو هنن مون کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. تنهنجا وار ٻڪرين جي ڌڻ وانگر آهن، جي جلعاد جي پاسي سان ويٺل هجن.


آءٌ پنهنجي محبوب جي آهيان، هن جي خواهش مون ڏانهن آهي.


ڇالاءِ جو جنهن توکي جوڙيو آهي، سو تنهنجو مڙس آهي؛ انهي جو نالو لشڪرن جو خداوند آهي: اسرائيل جو قدوس تنهنجو ڇڏائيندڙ آهي؛ هو ساري زمين جو خدا سڏيو ويندو.


جيئن ڪو جوان ماڻهو ڪنواريءَ سان پرڻبو آهي، تيئن تنهنجا پٽ تو سان پرڻبا: ۽ جيئن گهوٽ ڪنوار مان خوش ٿيندو آهي، تيئن تنهنجو خدا تو مان خوش ٿيندو.


۽ مون توکي زيورن سان بہ سينگاريو، ۽ تنهنجي هٿن ۾ ڪنگڻ، ۽ تنهنجي ڳچيءَ ۾ زنجير وڌم.


هاڻي جڏهن آءٌ تو وٽان لنگهيس ۽ توتي منهنجي نظر پيئي، تڏهن تنهنجو وقت محبت پيدا ٿيڻ جو وقت هو؛ ۽ مون پنهنجو دامن توتي پکيڙيو، ۽ تنهنجي اوگهڙ ڍڪيم: هائو، خداوند ٿو فرمائي، تہ مون توسان قسم کنيو ۽ توسان عهد اقرار ڪيم، ۽ تون منهنجي ٿئينءَ.


بادشاهہ وڏي سڏ چيو تہ جادوگرن، ڪسدين ۽ فال وجهڻ وارن کي وٺي اچو. ۽ بادشاهہ بابل جي ڏاهن ماڻهن کي چيو تہ جيڪو هيءَ لکت پڙهندو، ۽ انهي جو مطلب مون کي سمجهائيندو، تنهن کي واڱڻائي خلعت ملندي، ۽ سوني زنجير ڳچيءَ ۾ وجهبس، ۽ اهو بادشاهت ۾ ٽئين درجي جو حاڪم ٿيندو.


خداوند تنهنجو خدا تنهنجي وچ ۾ آهي، جو طاقت وارو آهي ۽ بچائيندو: اُهو خوشيءَ سان تو تي خوشي ڪندو: هو پنهنجي محبت ۾ آرام ڪندو، ۽ تو تي خوش ٿي ڳائيندو.


ڇالاءِ جو منهنجو پيءُ، جو آسمان ۾ آهي، تنهن جي مرضيءَ موجب جيڪو هلندو، سو ئي منهنجو ڀاءُ ۽ ڀيڻ ۽ ماءُ آهي.


جنهن جي ڪنوار آهي، سو ئي گهوٽ آهي: پر گهوٽ جو دوست، جو بيٺو سندس ٻُڌي، سو گهوٽ جي آواز تي ڏاڍو سرهو ٿو ٿئي: سو اُها منهنجي سرهائي پوري ٿي.


اسان کي اهو اختيار ناهي ڇا تہ جيئن ٻيا رسول، ۽ خداوند جا ڀائر ۽ ڪيفاس ٿا ڪن، تيئن ڪنهن مسيحي زال سان شادي ڪري کيس پاڻ سان رکون؟


ڇالاءِ تہ مون کي اوهان لاءِ غيرت آهي جهڙي خدا جي غيرت آهي: هن ڪري جو مون اوهان کي هڪڙي مڙس سان مڱايو، انهي لاءِ تہ اوهان کي پاڪ دامن ڪنواريءَ وانگر مسيح وٽ حاضر ڪريان.


۽ مون پاڪ شهر يعني نئون يروشلم خدا وٽان آسمان مان لهندو ڏٺو، جو انهيءَ ڪنوار وانگر تيار ڪيو ويو هو، جا پنهنجي گهوٽ لاءِ سينگاربي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ