Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




راڳن جو راڳ 4:8 - Sindhi Bible

8 اي منهنجي ڪنوار لبنان مان مون سان اچ، لبنان مان مون سان اچ: امانا جي چوٽي تان، سنير ۽ حرمون جي چوٽيءَ تان، شينهن جي غارن مان، چيتن جي جبلن تان نهار.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 اي منهنجي ڪنوار! تون لبنان جي جابلو علائقي کي ڇڏي مون وٽ هلي اچ، هائو، اتان جي امانا، سنير ۽ حرمون جبلن جي چوٽين کي، جتي غارن ۾ شينهن ۽ چيتا رهندا آهن، تن کي ڇڏي مون وٽ هلي اچ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




راڳن جو راڳ 4:8
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن وڻن جو بيان ڏنو: ديودار، جو لبنان ۾ ٿئي ٿو تنهن کان وٺي زوفا، جو ڀتين مان ٿو اُڀري تنهن تائين: هن جانورن بابت، ۽ پکين بابت، ۽ سُرندڙن شين بابت، ۽ مڇين بابت بہ بيان ڏنو.


دمشق جون نديون ابانہ ۽ فرفر اسرائيل جي سڀني پاڻين کان بهتر نہ آهن ڇا؟ اُنهن ۾ آءٌ غسل ڪري پاڪ نہ ٿيان ڇا؟ انهيءَ طرح هو ڦري ڪاوڙ ۾ هليو ويو.


۽ منسيءَ جي اڌ فرقي وارا ماڻهو انهيءَ زمين ۾ رهڻ لڳا: هو وڌي بسن کان بعل حرمون، ۽ سنير، ۽ حرمون جبل تائين آيا.


اي ڌيءَ ڪن ڏيئي منهنجي ٻڌ ۽ غور ڪر؛ پنهنجي قوم ۽ پنهنجي پيءُ جو گهر وساري ڇڏ.


ملڪ ۾ جبلن جي چوٽيءَ تائين ججهو اَنُ ٿيندو؛ جنهن جا سنگ لبنان جي وڻن وانگي پيا لڏندا: ۽ شهر جا ماڻهو زمين جي گاهہ وانگيان وڌندا ويجهندا.


خدا يهوداہ ۾ مشهور آهي: ۽ سندس نالو اسرائيل ۾ عظيم آهي.


تون جلال وارو آهين، تون شڪار سان ڀريل جبلن کان وڌيڪ شان وارو آهين.


اُتر ۽ ڏکڻ تو پيدا ڪيا آهن: تبور ۽ حرمون تنهنجي نالي ڪري خوش ٿا ٿين.


بي عقلي ڇڏي ڏيو ۽ جيئندا رهو؛ ۽ سمجهہ جي رستي تي هلو.


انجير جو وڻ پنهنجا ساوا انجير پچائي ٿو، ڊاکن ٻور جهليو آهي، ۽ انهن مان خوشبوءِ پيئي اچي. اُٿ، اي منهنجي پياري، منهنجي نازنين، هلي اچ.


اي منهنجي ڀيڻ، منهنجي ڪنوار، آءٌ پنهنجي باغ ۾ آيو آهيان: مون پنهنجي مر پنهنجي مصالحہ سميت گڏ ڪئي آهي؛ مون پنهنجو مانارو پنهنجي ماکيءَ سميت کاڌو آهي؛ مون پنهنجو شراب پنهنجي کير سان پيتو آهي. اي دوستو کائو؛ هائو، اي محبوب پيءُ، بي انداز پيءُ.


اي منهنجا محبوب، اچ تہ ٻهراڙيءَ ۾ هلون؛ ۽ ڳوٺن ۾ هلي گذاريون.


جيئن ڪو جوان ماڻهو ڪنواريءَ سان پرڻبو آهي، تيئن تنهنجا پٽ تو سان پرڻبا: ۽ جيئن گهوٽ ڪنوار مان خوش ٿيندو آهي، تيئن تنهنجو خدا تو مان خوش ٿيندو.


هنن تنهنجا سڀ جهاز وارا تخت سنير جي صنوبر جي وڻن جا جوڙيا آهن: تنهنجي کوهي جوڙڻ لاءِ هنن لبنان مان ديودار جا وڻ آندا آهن.


جيڪڏهن ڪو منهنجي خدمت ڪري، تہ منهنجي پٺيان اچي؛ ۽ جتي آئون آهيان، اتي منهنجو خدمتگار بہ هوندو: جيڪڏهن ڪو منهنجي خدمت ڪري تہ اُنهي کي پيءُ عزت ڏيندو.


آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان، تہ مون کي پار وڃڻ ڏي، تہ آءٌ يردن جي پرئين ڀر وارو چڱو ملڪ، ۽ سهڻو جبل، ۽ لبنان وڃي ڏسان.


(انهي حرمون جبل کي صيداني سريون، ۽ اموري سنير، ڪري سڏيندا آهن).


هاڻي جيڪا زمين يردن جي هن ڀر اُڀرندي ڏي ارنون جي واديءَ کان وٺي حرمون جي جبل تائين هئي، ۽ جيڪو ميدان اُڀرندي ڏي هو، تن جي جن جن بادشاهن کي بني اسرائيل ماري انهن جو ملڪ هٿ ڪيو، سي هي آهن:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ