Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




راڳن جو راڳ 4:3 - Sindhi Bible

3 تنهنجا چپ کهنبي ڌاڳي جهڙا آهن، ۽ تنهنجو وات سهڻو آهي: تنهنجيون لوندڙيون تنهنجي نقاب جي پٺيان ڏاڙهونءَ جي ٽڪر جهڙيون آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 تنهنجا چپ ڳاڙهي ربن جهڙا آهن. جڏهن تون ڳالهائين ٿي، تڏهن اهي ڪيڏا نہ وڻندڙ ٿا لڳن. تنهنجا ڳل تنهنجي نقاب جي پٺيان، ڏاڙهونءَ جي ٻن اڌن وانگر آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




راڳن جو راڳ 4:3
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هاڻي جيڪو رحم ۽ وفاداري تو پنهنجي ٻانهي تي ڪيو آهي، تنهن سڀ جي ذري جو بہ آءٌ لائق نہ آهيان؛ ڇالاءِ جو آءٌ تہ فقط پنهنجي لٺ کڻي يردن جي پار ويو هوس، پر هاڻي مون وٽ ٻہ ٽوليون آهن.


۽ چيم تہ اي منهنجا خدا آءٌ شرمندو آهيان، ۽ اي منهنجا خدا، آءٌ تو ڏانهن پنهنجي منهن کڻڻ کان لڄي ٿيو آهيان، ڇالاءِ جو اسان جا گناهہ اسان جي مٿي تي گهڻا ٿي ويا آهن، ۽ اسان جو ڏوهہ وڌي آسمان تائين چڙهي ويو آهي.


تنهنجي سڀني فيصلن جو مون پنهنجي زبان سان ذڪر ڪيو آهي.


راستباز جي واتان ڏاهپ ٿي نڪري، ۽ سندس زبان انصاف جي ڳالهہ ٿي ڪري.


بني آدم ۾ تون سڀ کان سهڻو آهين؛ تنهنجا چپ فضل سان ڀرپور آهن: تنهن ڪري خدا تو کي هميشہ جي لاءِ برڪت ڏني آهي.


سياڻپ واري جي چپن ۾ ڏاهپ لڀي ٿي: پر جنهن کي سمجهہ ڪانهي تنهنجي پٺن لاءِ لڪڻ آهي.


هوءَ ڏاهپ سان پنهنجو وات پٽي ٿي؛ ۽ مهربانيءَ جو قاعدو سندس زبان تي آهي.


اي يروشلم جون ڇوڪريون، آءٌ ڪاري آهيان، پر سهڻي آهيان، جيئن قيدار جا تنبو آهن، جيئن سليمان جا پردا آهن.


اي منهنجي ڪنوار، تنهنجن چپن مان ماناري وانگر ماکيءَ جا ڦڙا ڪرن ٿا: ماکي ۽ کير تنهنجي زبان هيٺان آهن؛ ۽ تنهنجن ڪپڙن جي خوشبوءِ لبنان جي خوشبوءِ جهڙي آهي.


هن جا ڳل مصالحن جي چمن جهڙا، خوشبودار سبزن جي ڪنڌين وانگر آهن: هن جا چپ سوسن وانگر آهن، جن مان پٽڙي مر جا ڦڙا پيا ڪرن.


هن جو وات تمام مٺو آهي؛ هائو هو بلڪل وڻندڙ آهي: اي يروشلم جون ڌيئون، اهو آهي منهنجو محبوب، ۽ اهو آهي منهنجو دوست.


تنهنجون لوندڙيون تنهنجي نقاب جي پٺيان ڏاڙهون جي ٽڪر وانگر آهن.


۽ تنهنجو وات تمام عمدي شراب جهڙو آهي، جو منهنجي محبوب جي لاءِ لسو وهندو وڃي، ۽ جيڪي سُتا پيا آهن تن جي چپن مان ترڪندو وڃي.


۽ جيڪي تو ڪيو آهي سو مون توکي معاف ڪيو آهي، انهي لاءِ تہ تون ياد ڪرين ۽ لڄي ٿين، ۽ شرم جي ڪري وري اڳتي پنهنجو وات نہ پٽين؛ خداوند خدا ٿو فرمائي.


تہ ڪاهن حڪم ڪري، تہ جيڪو پاڪ ٿيڻو آهي، تنهن جي لاءِ اهي ٻہ جيئرا حلال پکي، ديال جي ڪاٺي، قرمزي رنگ، ۽ زوفا آڻين:


۽ باقي جيڪو جيئرو پکي آهي سو ۽ ديال جي ڪاٺي، ۽ قرمزي رنگ، ۽ زوفا، اهي سڀ شيون هو جيئري پکي سميت کڻي، ۽ جيڪو پکي وهندڙ پاڻيءَ تي ذبح ڪيو هئائون، تنهن جي رت ۾ ٻوڙي:


۽ ڪاهن ديال جي ڪاٺي، ۽ زوفا، ۽ قرمزي رنگ کڻي انهيءَ سڙندڙ گابيءَ واريءَ باهہ ۾ اُڇلائي وجهي.


۽ انهيءَ جي مٿان قرمزي ڪپڙو وجهن، ۽ پوءِ انهيءَ کي مل ار مڇيءَ جي کل سان ڍڪي ڇڏين، ۽ منجهس ڏنڊا وجهن.


چڱو ماڻهو پنهنجي چڱي خزاني مان چڱيون شيون ٿو ڪڍي، ۽ بڇڙو ماڻهو پنهنجي بڇڙي خزاني مان بڇڙيون شيون ٿو ڪڍي.


۽ سڀني سندس لاءِ شاهدي ڀري، ۽ جيڪي فضل ڀريون ڳالهيون سندس واتان نڪتيون، سي ٻڌي عجب کاڌائون ۽ چوڻ لڳا تہ هي يوسف جو پٽ نہ آهي ڇا؟


اوهان جي وات مان ڪابہ گندي ڳالهہ نہ نڪري، پر اهڙي جا ضرورت موافق سڌاري جي لاءِ چڱي هجي، تہ ٻُڌڻ واري کي انهيءَ مان فضل حاصل ٿئي.


اوهان جي ڳالهہ ٻولهہ هميشہ فضيلت واري ۽ سلوڻي هئڻ کپي، جنهنڪري اوهان کي خبر پوي تہ هرهڪ کي ڪيئن واجبي جواب ڏجي.


ڇالاءِ جو جڏهن موسيٰ ساريءَ اُمت کي شريعت جا سڀ حڪم ٻُڌائي رهيو، تڏهن هن وهڙن ۽ ٻڪرن جو رت، پاڻيءَ، ۽ قرمزي اُن، ۽ زوفا سان کڻي، انهي ڪتاب ۽ ساريءَ اُمت تي ڇٽڪاريو،


ڏسج، تہ جڏهن اسين هن ملڪ ۾ اچون تڏهن جنهن دريءَ مان تو اسان کي هيٺ لاٿو آهي تنهن ۾ تون هيءُ کهنبي سٽ جو ڌاڳو ٻڌي ڇڏج: ۽ پنهنجي پيءُ، ۽ پنهنجي ماءُ، ۽ پنهنجن ڀائرن، ۽ پنهنجي پيءُ جي سڄي گهراڻي کي پنهنجي گهر ۾ آڻي گڏ ڪج.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ