Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




راڳن جو راڳ 4:16 - Sindhi Bible

16 اي اُتر جا واءُ، جاڳ؛ ۽ اي ڏکڻ، تون اچ؛ منهنجي باغ تي لڳ تہ اُن جي مصالحن جي خوشبوءِ ٻاهر نڪري، ڀلي تہ منهنجو محبوب پنهنجي باغ ۾ اچي ۽ پنهنجا قيمتي ميوا کائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 اي هوا! تون اچي گھُل. هائو، اتر ۽ ڏکڻ کان منهنجي باغ مٿان اچي گھُل. پوءِ تون هر پاسي پکڙجي وڃ، تہ جيئن منهنجي باغ جي خوشبوءِ ڦهلجي وڃي منهنجي محبوب تائين پهچي، تہ جيئن هو پنهنجي هن باغ ۾ هلي اچي، ۽ انهيءَ جا لذيذ ميوا کائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




راڳن جو راڳ 4:16
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

واءُ ڏکڻ ڏانهن وڃي ٿو، ۽ وري اُتر ڏانهن ڦري ٿو؛ اُهو پنهنجي دوري ۾ هميشہ پيو ڦري، ۽ واءُ وري پنهنجن گشتن تي موٽي ٿو.


مون پنهنجي لاءِ باغ ۽ بستان بنايا، ۽ انهن ۾ هر قسم جي ميون جا وڻ ويهاريم:


منهنجو محبوب منهنجي لاءِ اهڙو آهي جهڙو مُر جو ڇڳو، جو منهنجن ڇاتين تي وچ ۾ پيو آهي.


مون کي ڇڪي وٺ، اسين تنهنجي پٺيان ڊوڙنديونسين: بادشاهہ مون کي پنهنجن ڪوٺين ۾ وٺي آيو آهي: اسين خوش ٿينديونسين ۽ تنهنجي ڪري خوشيون ڪنديونسين، اسين شراب کان وڌيڪ تنهنجي محبت جو ذڪر ڪنديونسين: هو سچيءَ دل سان تنهنجيون عاشق آهن.


جيئن جهنگ جي وڻن ۾ صوف جو وڻ، تيئن منهنجو محبوب نوجوانن ۾ آهي. آءٌ ڏاڍي خوشيءَ سان هن جي ڇانوَ ۾ ويهي رهيس، ۽ هن جو ميوو مون کي مٺو لڳو.


اِجهو منهنجي محبوب جو آواز! ڏس، هو جبلن تان ٽپندو ۽ ٽڪرن تان ڊوڙندو اچي ٿو.


اي منهنجي ڀيڻ، منهنجي ڪنوار، آءٌ پنهنجي باغ ۾ آيو آهيان: مون پنهنجي مر پنهنجي مصالحہ سميت گڏ ڪئي آهي؛ مون پنهنجو مانارو پنهنجي ماکيءَ سميت کاڌو آهي؛ مون پنهنجو شراب پنهنجي کير سان پيتو آهي. اي دوستو کائو؛ هائو، اي محبوب پيءُ، بي انداز پيءُ.


منهنجو محبوب پنهنجي باغ ڏانهن، مصالحن جي چمن ڏانهن ويو آهي، تہ باغن ۾ مال چاري، ۽ سوسن گڏ ڪري.


منهنجو ڊاک جو منهہ، جو منهنجو آهي. سو منهنجي اڳيان آهي، اي سليمان، تون اُهو هزار وٺندين، ۽ جيڪي ان جو ميوو رکندا، تن کي ٻہ سؤ ملندا.


جي تون آسمان ڦاڙي هيٺ لهي اچين، ۽ تنهنجي حضور ۾ جبل ڪنبن تہ ڏاڍو چڱو.


تڏهن هن مون کي فرمايو تہ هوا سان نبوت ڪر؛ اي آدمزاد، هوا سان نبوت ڪري ڳالهاءِ، ۽ چئينس تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اي روح، چئني پاسي جي هوائن کان اچ، ۽ هنن مُئلن تي ڦوڪ تہ هو زندہ ٿي پون.


پر يسوع اها ڳالهہ سهي ڪري چين تہ اوهين هن زال کي ڇو ٿا ستايو؟ ڇالاءِ جو هن مون سان ڀلائي ڪئي آهي؛


ڇالاءِ تہ هن جو منهنجي بدن تي هيءُ عطر اوتيو آهي سو منهنجي دفن جي تياريءَ واسطي ائين ڪيو اٿس.


هوا کي جيڏانهن ٿو وڻي، تيڏانهن پيئي لڳي ۽ سندس آواز توکي ٻُڌڻ ۾ اچي ٿو، پر خبر نٿي پويئي تہ ڪٿان ٿي اچي ۽ ڪيڏانهن ٿي وڃي؛ تهڙي ئي طرح جيڪو روح مان پيدا ٿيو آهي، سو بہ ائين آهي.


يسوع چيس تہ اُٿ، پنهنجو کٽولو کڻي گهُم ڦر.


۽ جڏهن هو دعا گهُري رهيا، تڏهن جنهن جاءِ ۾ هو گڏ ٿيا ويٺا هئا، سا اچي ڌڏڻ لڳي؛ ۽ هو سڀ پاڪ روح سان ڀرجي ويا، ۽ خدا جو ڪلام بي ڊپا ٿي ٻُڌائڻ لڳا.


تہ آئون غير قومن لاءِ مسيح يسوع جو خادم ٿيان، ۽ ڪاهنت وانگر خدا جي خوشخبريءَ جي خدمت ڪريان، انهي لاءِ تہ غير قومون نذر جي طور پاڪ روح جي وسيلي پاڪ ٿي قبول پون.


تنهنڪري جڏهن آئون اهو ڪم پورو ڪندس، ۽ جيڪي گڏ ٿيو، سو هنن کي پهچائي ڏيندس، تڏهن اوهان وٽان ٿيندو اسپين ڏانهن ويندس.


۽ اوهين بہ زندہ پهڻن وانگر اڏجي روحاني گهر بڻجو، انهي لاءِ تہ هڪڙي ڪاهنن جي پاڪ جماعت ٿي، اهڙيون روحاني قربانيون چاڙهيو جي يسوع مسيح جي وسيلي خدا وٽ قبول ٿيون پون.


بلڪ اسان جي خداوند ۽ نجات ڏيندڙ يسوع مسيح جي فضل ۽ سڃاڻپ ۾ وڌندا وڃو. شل انهي جو جلال هاڻي بہ ۽ هميشہ جي لاءِ هجي. آمين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ