Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




راڳن جو راڳ 4:15 - Sindhi Bible

15 تون باغن جو چشمو، آبِ حيات جو کوهہ، ۽ لبنان مان وهي ايندڙ نهرون آهين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 تون باغن کي پاڻي ڏيندڙ هڪ اهڙي چشمي وانگر آهين، جنهن مان هميشہ تازو ۽ مٺو پاڻي نڪري ٿو. تون وهندڙ پاڻيءَ جي نهر آهين، جيڪا لبنان جي جبلن تان هيٺ ٿي وهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




راڳن جو راڳ 4:15
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يسوع جواب ڏيئي چيس تہ جي توکي خدا جي بخشش جي خبر هجي ها، ۽ ڄاڻين ها تہ اُهو ڪير آهي جو توکي چوي ٿو تہ مون کي پاڻي پيار؛ تہ تون جيڪر هن کان گهُرين ها، ۽ هو توکي زندگيءَ جو پاڻي ڏئي ها.


جيڪو مون تي ايمان ٿو آڻي، تنهن جي اندران، جيئن ڪ پاڪ ڪلام ۾ چيل آهي، زندگيءَ جي پاڻيءَ جون نديون وهنديون.


پر جو پاڻي آئون ڏيندوسانس، سو جيڪو پيئندو، تنهن کي وري اُڃ ڪانہ لڳندي؛ بلڪ پاڻي جو آئون ڏيندوسانس، سو ان ۾ پاڻيءَ جو هڪ چشمو ٿي پوندو، جو هميشہ جي زندگي تائين پيو وهندو.


ڇالاءِ جو منهنجي قوم ٻہ خرابيون ڪيون آهن؛ مون جيئري پاڻيءَ جي چشمي کي هنن ڇڏي ڏنو آهي، ۽ پنهنجي لاءِ حوض، بلڪ ڀڳل حوض ٽڪي ٺاهيا اٿن جي پاڻي جهلي نٿا سگهن.


۽ هن مون کي آبِ حيات جي هڪڙي ندي ڏيکاري، جا بلور وانگر پئي چمڪي، ۽ انهي شهر جي سڙڪ جي وچ ۾ خدا ۽ گهيٽي جي تخت مان ٿي نڪتي.


اي خداوند، اسرائيل جي اميد، جيڪي توکي ڇڏي ڏين ٿا سي سڀ شرمندا ٿيندا: جيڪي مون کي ڇڏي ڏيندا سي مٽيءَ ۾ گڏيا ويندا، ڇالاءِ جو انهن خداوند کي ڇڏي ڏنو آهي، جو جيئري پاڻيءَ جو چشمو آهي.


منهنجي ڀيڻ، منهنجي ڪنوار، بند ٿيل باغ، يا بند ٿيل چشمو يا مهر ٿيل حوض آهي.


مون پنهنجي لاءِ پاڻيءَ جون ڍنڍون جوڙيون، انهي لاءِ تہ انهن مان ٻيلي کي پاڻي اچي، جنهن ۾ وڻ پوکيم:


هڪڙي ندي آهي، جنهن جون نهرون خدا جي شهر کي خوش ٿيون ڪن يعني خدا تعاليٰ جي خيمن جي پاڪ هنڌ کي.


تنهنجا چشما پري پکڙي وڃن ڇا، ۽ پاڻيءَ جون نديون گهٽين ۾ وهي وڃن ڇا؟


ڀلي تہ تنهنجو چشمو برڪت وارو هجي، ۽ تون پنهنجي جوانيءَ جي زال سان خوش رهہ.


۽ خداوند هميشہ تنهنجي رهنمائي ڪندو، ۽ ويران جاين ۾ تنهنجي جان کي ڍاول رکندو، ۽ تنهنجن هڏن کي مضبوط ڪندو؛ ۽ تون پاڻي ڏنل باغ وانگي، ۽ انهي چشمي وانگي ٿيندين جنهن جو پاڻي نٿو کٽي.


۽ انهيءَ ڏينهن يروشلم مان آبِ حيات جو چشمو وهندو، جنهن جو اڌ اُڀرندي جي سمنڊ ڏانهن ۽ اڌ اُلهندي جي سمنڊ ڏانهن وهندو: اُهو اونهاري ۽ سياري ۾ وهندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ