Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




راڳن جو راڳ 4:14 - Sindhi Bible

14 سنبل ۽ زعفران، بيد مشڪ ۽ دالچيني ۽ لوبان جا سڀ وڻ، ۽ مر ۽ عود ۽ ٻيا سڀ مکيہ مصالحہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 زعفران، بيدمشڪ، دالچيني، مُر، عود ۽ هر قسم جي لوبان جا وڻ، مطلب تہ سمورن عمدن ۽ خوشبودار مصالحن جي ڪا ڪمي ڪانهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




راڳن جو راڳ 4:14
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن سندن پيءُ اسرائيل کين چيو، تہ جي ائين ئي آهي تہ هيئن ڪريو، هن ملڪ جي عمدن ميون مان ڪي پنهنجن ٻورن ۾ وجهو، ۽ ٿورو سرهو تيل، ٿوري ماکي، مصالحہ، مَر، پستا ۽ باداميون، اهي سڀ سوکڙيءَ طور انهيءَ ماڻهوءَ لاءِ کڻي وڃو.


پوءِ ملڪہ بادشاهہ کي سون جا هڪ سؤ ويهہ قنطار، ۽ مصالحن جو وڏو انبار، ۽ قيمتي جواهر ڏنا: اهي مصالحا، جي سبا جي ملڪہ بادشاهہ سليمان کي ڏنا، تنهن کان وڏو انداز وري ڪٿان بہ ڪونہ آيو.


پوءِ ملڪہ بادشاهہ کي هڪ سؤ ويهہ قنطار سون جا، ۽ بي انداز مصالحا، ۽ قيمتي جواهر ڏنا: جهڙا مصالحا سبا جي ملڪہ سليمان بادشاهہ کي ڏنا، تهڙا ڪٿي ڪين هئا.


تنهنجي سڀني ڪپڙن مان، مُر ۽ عود، ۽ املداس جي خوشبوءِ پيئي اچي: عاج جي محلاتن ۾ تنبورن جي وڄڻ ڪري تون خوش آهين.


تون پنهنجي لاءِ خاص خوشبودار مصالحہ کڻ، يعني پنج سؤ مشقال خالص مر، ۽ انهيءَ جي اڌ جيتري يعني اڍائي سؤ مشقال خوشبودار دال چيني، ۽ اڍائي سؤ مشقال خوشبودار اگر،


مون پنهنجي هنڌ کي مر ۽ عود ۽ دالچينيءَ سان خوشبوءِ دار ڪيو آهي.


جيستائين بادشاهہ پنهنجي دسترخاني تي ويٺو رهيو، تيستائين منهنجي سنبل جي گل مان خوشبوءِ پئي نڪتي.


اهو ڪير آهي جو بيابان مان دونهين جي ٿنڀن وانگر، خوشبودار ۽ مر ۽ لوبان سان، سوداگرن جي سڀني شين سان ڀريل ٿو اچي؟


جيسين ڏينهن ٺري ۽ پاڇو لهي، تيستائين، آءٌ مر جي جبل تي ۽ لوبان جي ٽڪري تي وڃي ويهندس.


اي منهنجي ڀيڻ، منهنجي ڪنوار، آءٌ پنهنجي باغ ۾ آيو آهيان: مون پنهنجي مر پنهنجي مصالحہ سميت گڏ ڪئي آهي؛ مون پنهنجو مانارو پنهنجي ماکيءَ سميت کاڌو آهي؛ مون پنهنجو شراب پنهنجي کير سان پيتو آهي. اي دوستو کائو؛ هائو، اي محبوب پيءُ، بي انداز پيءُ.


منهنجو محبوب پنهنجي باغ ڏانهن، مصالحن جي چمن ڏانهن ويو آهي، تہ باغن ۾ مال چاري، ۽ سوسن گڏ ڪري.


ددان ۽ ياوان تنهنجي سامان جي عيوض سٽ ڏيندا هئا: هو چمڪندڙ لوهہ، دال چيني ۽ ڪلمن جون ڪانيون ڏيئي، تنهنجي واپار جون وٿون وٺندا هئا.


اهي اهڙا تہ پکڙيل آهن، جهڙيون ماٿريون، ۽ جهڙا ندين جي ڪنارن وارا باغ، ۽ جهڙا خداوند جا پوکيل عود جا ٻوٽا، ۽ پاڻيءَ جي ڀر وارا سرو جا وڻ.


جڏهن سبت جو ڏينهن گذري ويو، تڏهن مريم مگدليني ۽ يعقوب جي ماءُ مريم، ۽ سلومي، سرهاڻيون خريد ڪيون، انهي لاءِ تہ هن کي وڃي مکين.


۽ نيڪديمس، جو پهريائين رات جو يسوع وٽ آيو هو، سو پڻ سوا مڻ کن مَر ۽ عود جو ملائي کڻي آيو.


۽ دال چيني، ۽ مصالحہ، ۽ مر، ۽ عطر، ۽ لوبان، ۽ شراب، ۽ تيل، ۽ ميدو، ۽ ڪڻڪ، ۽ ڍور، ۽ رڍون، ۽ گهوڙا، ۽ گاڏيون، ۽ غلام، ۽ ماڻهن جون جانيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ