Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




راڳن جو راڳ 4:13 - Sindhi Bible

13 تنهنجون اوڌون ڏاڙهن جو باغيچو آهن، جن ۾ قيمتي ميوا آهن؛ ميندي، سنبل جي وڻ سان گڏ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 تون ڏاڙهن جو باغ آهين، هڪ اهڙو باغ جيڪو عمدن ميون سان ڀريل هجي، جنهن ۾ ميندي، سنبل،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




راڳن جو راڳ 4:13
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهي پيريءَ ۾ بہ ڦل پيا ڏيندا؛ اهي رس سان ڀريل ۽ تازا رهندا.


مون پنهنجي لاءِ باغ ۽ بستان بنايا، ۽ انهن ۾ هر قسم جي ميون جا وڻ ويهاريم:


جيستائين بادشاهہ پنهنجي دسترخاني تي ويٺو رهيو، تيستائين منهنجي سنبل جي گل مان خوشبوءِ پئي نڪتي.


منهنجو محبوب منهنجي لاءِ اهڙو آهي، جهڙو مينديءَ جي گلن جو ڇڳو، جو عين جديءَ جي ڊاک جي باغن مان آهي.


جيئن جهنگ جي وڻن ۾ صوف جو وڻ، تيئن منهنجو محبوب نوجوانن ۾ آهي. آءٌ ڏاڍي خوشيءَ سان هن جي ڇانوَ ۾ ويهي رهيس، ۽ هن جو ميوو مون کي مٺو لڳو.


سنبل ۽ زعفران، بيد مشڪ ۽ دالچيني ۽ لوبان جا سڀ وڻ، ۽ مر ۽ عود ۽ ٻيا سڀ مکيہ مصالحہ.


اي اُتر جا واءُ، جاڳ؛ ۽ اي ڏکڻ، تون اچ؛ منهنجي باغ تي لڳ تہ اُن جي مصالحن جي خوشبوءِ ٻاهر نڪري، ڀلي تہ منهنجو محبوب پنهنجي باغ ۾ اچي ۽ پنهنجا قيمتي ميوا کائي.


آءٌ سوپارين جي باغ ۾ ويس، تہ واديءَ جا ساوا وڻ ڏسان، ۽ ڏسان تہ ڊاک ڦٽي آهي يا نہ، ۽ ڏاڙهن گل جهليا آهن يا نہ.


منهنجو محبوب پنهنجي باغ ڏانهن، مصالحن جي چمن ڏانهن ويو آهي، تہ باغن ۾ مال چاري، ۽ سوسن گڏ ڪري.


آءٌ توکي وٺي پنهنجي ماءُ جي گهر اچان ها، تہ تون مون کي تعليم ڏين، آءٌ توکي مصالحدار مئي پياريان ها، جا ڏاڙهن جي رس مان جڙيل آهي.


تنهنجي سڄي اُمت راستباز ٿيندي، ۽ اُهي هميشہ لاءِ زمين جا وارث ٿيندا؛ اُهي منهنجي پوکيل وڻ جي ٽاري، ۽ منهنجي هٿن جو ڪم ٿيندا، انهي لاءِ تہ منهنجو جلال ظاهر ٿئي.


ڇالاءِ تہ جيئن زمين پنهنجا سلا ڪڍي ٿي، ۽ جيئن باغ ۾ جيڪي پوکجي ٿو تنهن کي اهو ٻاهر ٿو ڪڍي؛ تيئن خداوند بہ راستبازيءَ ۽ تعريف کي سڀني قومن تي ظاهر ڪندو.


۽ نہ هڪڙو ٻئي کي ڌڪيلي ٿو؛ هرڪو پنهنجي واٽ تي هليو هلي: ۽ هو هٿيارن منجهان زور سان لنگهيو هليا وڃن، ۽ پنهنجي رستي کان ڇڄي پري نٿا وڃن،


۽ جڏهن بيت عنياہ ۾، هن شمعون ڪوڙهئي جي گهر ۾ ماني ويٺي کاڌي، تڏهن هڪڙي زال سنگ مرمر جي عطرداني کڻي آئي، جنهن ۾ تمام قيمتي جٽاماسي جو عطر هو؛ ۽ اُها عطرداني ڀڃي هن جي مٿان اوتيائين.


پوءِ مريم اڌ سير ڳري ملهہ وارو سچي سرهي مَر جو عطر کڻي يسوع جي پيرن کي مکيو، ۽ پنهنجن وارن سان هن جا پير اُگهيائين: ۽ اُنهي عطر جي خوشبوءِ سان گهر ڀرجي ويو.


۽ سچائي جي انهن ڦلن سان ڀريل رهو، جي يسوع مسيح جي ڪري آهن، تہ خدا جو جلال ۽ سندس تعريف ظاهر ٿئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ