Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




راڳن جو راڳ 4:11 - Sindhi Bible

11 اي منهنجي ڪنوار، تنهنجن چپن مان ماناري وانگر ماکيءَ جا ڦڙا ڪرن ٿا: ماکي ۽ کير تنهنجي زبان هيٺان آهن؛ ۽ تنهنجن ڪپڙن جي خوشبوءِ لبنان جي خوشبوءِ جهڙي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 اي منهنجي محبوبہ! تنهنجا چپ ماکيءَ جهڙا مٺا آهن، تنهنجي چمين سان مون کي ماکيءَ ۽ کير جهڙي لذت ٿي ملي. تنهنجي ڪپڙن جي خوشبوءِ، لبنان جي عطر جهڙي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




راڳن جو راڳ 4:11
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن هن ويجهو اچي چُمي ڏنيس: ۽ هن کي سندس ڪپڙن جي خوشبوءِ آئي ۽ برڪت ڏيئي چيائينس تہ: ڏس منهنجي پٽ جي خوشبوءِ انهيءَ ٻنيءَ جي خوشبوءِ جهڙي آهي، جنهن کي خدا برڪت ڏني آهي.


اهي سون کان، بلڪ ڪُندن کان بہ وڌيڪ دلپسند آهن: اهي ماکيءَ کان ۽ ان جي ماناري کان بہ مٺا آهن.


تنهنجي سڀني ڪپڙن مان، مُر ۽ عود، ۽ املداس جي خوشبوءِ پيئي اچي: عاج جي محلاتن ۾ تنبورن جي وڄڻ ڪري تون خوش آهين.


جيڪي خداوند جي گهر ۾ لڳايا ويا آهن، سي اسان جي خدا جي ايوان ۾ وڌندا ويجهندا.


وڻندڙ ڳالهيون ماکيءَ جي ماناري جهڙيون آهن، روح جي لاءِ مٺيون آهن ۽ هڏن جي لاءِ تندرستي آهن.


تہ تون عقل قائم رکين، ۽ تنهنجا چپ علم جي سنڀال رکن.


ڇالاءِ جو ڌاريءَ زال جي چپن مان ماکي وهي ٿي، ۽ ان جو وات تيل کان وڌيڪ سڻڀو آهي.


اي منهنجي ڀيڻ، اي منهنجي ڪنوار، تنهنجي محبت ڪهڙي نہ چڱي آهي! تنهنجي محبت شراب کان ڪيترو نہ بهتر آهي! ۽ تنهنجن تيلن جي خوشبوءِ هر قسم جي مصالحن کان ڪيترو نہ وڌيڪ چڱي آهي!


تنهنجا چپ کهنبي ڌاڳي جهڙا آهن، ۽ تنهنجو وات سهڻو آهي: تنهنجيون لوندڙيون تنهنجي نقاب جي پٺيان ڏاڙهونءَ جي ٽڪر جهڙيون آهن.


اي منهنجي ڀيڻ، منهنجي ڪنوار، آءٌ پنهنجي باغ ۾ آيو آهيان: مون پنهنجي مر پنهنجي مصالحہ سميت گڏ ڪئي آهي؛ مون پنهنجو مانارو پنهنجي ماکيءَ سميت کاڌو آهي؛ مون پنهنجو شراب پنهنجي کير سان پيتو آهي. اي دوستو کائو؛ هائو، اي محبوب پيءُ، بي انداز پيءُ.


هن جا ڳل مصالحن جي چمن جهڙا، خوشبودار سبزن جي ڪنڌين وانگر آهن: هن جا چپ سوسن وانگر آهن، جن مان پٽڙي مر جا ڦڙا پيا ڪرن.


۽ تنهنجو وات تمام عمدي شراب جهڙو آهي، جو منهنجي محبوب جي لاءِ لسو وهندو وڃي، ۽ جيڪي سُتا پيا آهن تن جي چپن مان ترڪندو وڃي.


جيسين ڪہ بدي ڇڏڻ ۽ نيڪي پسند ڪرڻ جي هن کي خبر پوي تيسين هو مکڻ ۽ ماني کائيندو.


تون ڪلام کڻي خداوند وٽ موٽ، ۽ انهي کي چئُہ تہ تنهنجي سڀ بڇڙائي ڪڍي وٺي، ۽ مهرباني ڪري اسان کي قبول ڪري: پوءِ اسين پنهنجي چپن جي قرباني پيش ڪنداسين.


تڏهن اچو تہ انهي جي وسيلي هميشہ خدا جي تعريف جي قرباني ڪندا رهون، يعني انهن چپن جو ڦل، جي سندس نالي جو اقرار ٿا ڪن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ