Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




راڳن جو راڳ 4:1 - Sindhi Bible

1 ڏس، اي منهنجي پياري تون سهڻي آهين؛ ڏس تون حسين آهين؛ تنهنجيون اکيون تنهنجي نقاب جي پٺيان ڪبوترن جهڙيون آهن: تنهنجا وار ٻڪرين جي ڌڻ وانگر آهن، جي جلعاد جبل جي پاسي سان ويٺيون هجن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 اي منهنجي محبوبہ! تون ڪيڏي نہ سهڻي آهين! واہ! تون ڪيڏي نہ من موهڻي آهين. تنهنجي نقاب پٺيان تنهنجيون اکڙيون، ڄڻ ڪبوترين جون اکيون آهن. تنهنجا وار ائين ٿا جھُومن، جيئن ڪو ٻڪرين جو ڌڻ جِلعاد جبل تان لهي رهيو هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




راڳن جو راڳ 4:1
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ بادشاهہ تنهنجيءَ سونهن تي سڪندو: هو تنهنجو ڌڻي آهي؛ تون کيس سجدو ڪر.


ڏس، اي منهنجي پياري، تون سهڻي آهين؛ تون خوبصورت آهين؛ تنهنجون اکيون ڪبوترين جهڙيون آهن.


منهنجي محبوب مون سان ڳالهايو ۽ چيائين تہ، اي منهنجي پياري، منهنجي نازنين، اُٿي هلي اچ.


اي منهنجي ڪبوتري، تون جا ٽڪر جي ڦاٽن ۾، ۽ اُڀ ڪپري واري جاءِ جي اوٽ ۾ آهين، پنهنجي شڪل ڏيکار. پنهنجو آواز ٻڌاءِ؛ ڇالاءِ جو تنهنجو آواز مٺو آهي، ۽ تنهنجي شڪل سهڻي آهي.


پنهنجون اکيون مون کان ڦيراءِ، ڇالاءِ جو هنن مون کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. تنهنجا وار ٻڪرين جي ڌڻ وانگر آهن، جي جلعاد جي پاسي سان ويٺل هجن.


تنهنجون لوندڙيون تنهنجي نقاب جي پٺيان ڏاڙهون جي ٽڪر وانگر آهن.


تنهنجو مٿو توتي ڪرمل وانگر آهي، ۽ تنهنجي مٿي جا وار واڱڻائي رنگ جهڙا آهن؛ انهن جي زلفن ۾ بادشاهہ قيد ٿيو پيو آهي.


ڇالاءِ جو خداوند يهوداہ جي بادشاهہ جي گهراڻي جي نسبت هيئن ٿو فرمائي، تہ تون منهنجي لاءِ جلعاد وانگر ۽ لبنان جي چوٽي وانگر آهين: انهي هوندي بہ آءٌ ضرور توکي اهڙو ڪندس جهڙا بيابان ۽ اُجاڙ شهر.


۽ تنهنجي حسن جي هاڪ ٻين قومن تائين وڃي پهتي؛ ڇالاءِ جو خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ منهنجي شان جي ڪري، جو مون توکي بخشيو هو، اُهو حسن ڪامل هو.


پنهنجي قوم کي، ۽ جيڪو تنهنجي ورثي جو ڌڻ آهي تنهن کي، پنهنجي لٺ کڻي ڪرمل جي ٻيلي منجهہ چار: ڀلي تہ بسن جلعاد ۾ چرن، جيئن اڳين ڏينهن ۾ ڪندا هئا.


هاڻي بني روبن ۽ بني جد وٽ چوپايو مال تمام گهڻو هو: سو جڏهن انهن يعزير ۽ جلعاد جي زمين ڏٺي، ۽ سمجهيائون تہ اهو هنڌ چوپائي مال جي لائق آهي؛


۽ موسيٰ جلعاد جو ملڪ، منسيءَ جي پٽ مڪير جي گهراڻي کي ڏنو؛ ۽ هو اتي رهڻ لڳا.


منهنجي پاڃاري پاڻ تي کڻو، ۽ مون کان سکو؛ ڇالاءِ جو آئون دل جو حليم ۽ نماڻو آهيان، ۽ اوهان جي روح کي آرام ملندو.


پر اسين سڀيئي بي نقاب چهري سان خداوند جو جلال ڏسي، درجي بدرجي خداوند جي روح جي وسيلي سندس جلالي صورت ۾ تبديل ٿيندا ٿا وڃون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ