Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




راڳن جو راڳ 3:1 - Sindhi Bible

1 جنهن سان منهنجي جان جي محبت آهي، تنهن کي رات جو مون پنهنجي هنڌ تي ڳوليو: مون هن کي ڳوليو، پر ڪين لڌومانس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 رات جي وقت جڏهن آءٌ پنهنجي پلنگ تي ليٽيل هئس، تہ مون کي پنهنجي محبوب جي ياد ڏاڍو ستايو. تڏهن مون اُٿي ڪري انهيءَ کي ڏاڍو ڳوليو، پر هو نہ مليو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




راڳن جو راڳ 3:1
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي منهنجا خدا، آءٌ ڏينهن رات دانهون پيو ڪريان، ۽ ماٺ نٿو ڪريان؛ پر تون جواب نٿو ڏين.


ڊڄندا رهو، ۽ گناهہ نہ ڪريو؛ پنهنجي هنڌ تي ليٽي دل ۾ هنڊايو، ۽ ماٺ ۾ رهو.


آءٌ آهون ڀري ڀري ٿڪجي پيو آهيان؛ سڄي رات ڳوڙها ڳاڙي پنهنجو هنڌ اهڙو ٿو ڀڄايان، جو ڄڻ تہ پاڻيءَ ۾ پيو تري.


اڙي منهنجي جان جا محبوب، مون کي ٻڌاءِ تہ تون پنهنجي ڌڻ کي ڪٿي ٿو چارين، ۽ ٻہ پهرن جو آرام لاءِ ڪٿي ٿو وهارين: ڇو جو آءٌ تنهنجن سنگتين جي گلن جي ڀرسان رلندي وتان؟


مون پنهنجي محبوب کي در پٽي ڏنو؛ پر منهنجو محبوب اڳيئي هليو ويو هو. جڏهن هن ڳالهايو تڏهن منهنجو هانءُ ڊهي پيو؛ مون هن کي ڳوليو، پر لهي نہ سگهي مانس؛ مون سڏ ڪيومانس پر هن جواب ڪونہ ڏنو.


اي يروشلم جون ڌيئون، آءٌ اوهان کي قسم ٿي ڏيان تہ اوهين جي منهنجو محبوب ڏسو تہ ٻڌائجوس تہ آءٌ محبت جي بيمار آهيان.


منهنجي جان رات جو تنهنجي مشتاق آهي؛ هائو آءٌ سوير توکي پنهنجي روح سان ڳوليندس: ڇالاءِ جو جڏهن تنهنجون عدالتون زمين تي جاري آهن، تڏهن جهان جا ماڻهو سچائي ٿا سکن.


جيسين خداوند لڀي سگهي تيسين انهي کي ڳوليو؛ جيسين هو ويجهو آهي تيسين انهي کي سڏيو:


تڏهن اُنهن کي چيائين تہ سوڙهي دروازي مان گهڙڻ لاءِ دل و جان سان ڪوشش ڪريو: ڇالاءِ جو آئون اوهان کي چوان ٿو تہ گهڻا اندر گهڙڻ جي ڪندا، پر گهڙي ڪين سگهندا.


اها ڳالهہ ٻُڌڻ شرط هوءَ يڪدم اُٿي کڙي ٿي، ۽ وٽس ويئي.


وري ٽيون گهُمرو چيائينس تہ شمعون بن يوحنا، تون مون کي چاهين ٿو؟ پطرس کي رنج ٿيو جو هن ٽيون گهُمرو چيس تہ تون مون کي چاهين ٿو؟ هن چيس تہ اي خداوند، توکي سڀني ڳالهين جي خبر آهي، تون ڄاڻين ٿو تہ آئون توکي چاهيان ٿو. يسوع چيس تہ منهنجين رڍن کي چارج.


بنا ڏٺي اوهين هن کي پيار ٿا ڪريو؛ ۽ جيتوڻيڪ اوهين هاڻي کيس نٿا ڏسو، تہ بہ ايمان آڻي ايتري گهڻي خوشي ٿا ڪريو جا بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي، ۽ جلال سان ڀرپور آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ