Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




راڳن جو راڳ 2:9 - Sindhi Bible

9 منهنجو محبوب هڪڙي هرڻ يا جوان ڄانگهي جهڙو آهي: ڏس، هو اسان جي ڀت جي پٺيان بيٺو آهي، هو درين مان جهاتيون پائي ٿو، هو ڳڙکين مان پاڻ ڏيکاري ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 منهنجو محبوب هرڻ جهڙو آهي، هائو، هو جوان ڄانگھي جهڙو آهي. ڏسو، هو اسان جي ڀت پٺيان بيٺو آهي. هو درين مان جھاتيون ٿو پائي، ۽ ڳڙکين مان پاڻ ٿو ڏيکاري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




راڳن جو راڳ 2:9
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ضروياہ جا ٽي پٽ يوآب، ۽ ابيشي، ۽ عساهيل اتي هئا: ۽ عساهيل پيرن جو اهڙو ڇوهو هو جهڙو جهنگلي هرڻ.


پيار ڪندڙ هرڻي ۽ وڻندڙ ڦاڙهيءَ وانگر ڀلي تہ انهيءَ جا ٿڻ هر وقت توکي خوش رکن؛ تون هميشہ انهيءَ جي محبت ۾ مست رهہ.


پاڻ کي ائين ڇڏاءِ جيئن ڪا هرڻي پاڻ کي شڪاريءَ جي هٿان ڇڏائي، ۽ جيئن ڪو پکي ماريءَ جي هٿان.


ڇالاءِ جو پنهنجي گهر جي دريءَ مان، مون ڳڙکين مان ٻاهر نهاريو؛


ڏس، اي منهنجا محبوب، تون حسين آهين، هائو، دلپسند آهين: اسان جو پلنگ سائو آهي.


جيستائين ڏينهن ٿڌو ٿئي، ۽ پاڇو لهي، تيستائين اي منهنجا محبوب موٽي اچ، بلڪ تون انهيءَ هرڻ يا جوان ڄانگهي جهڙو ٿي، جو باتر جي جبلن تي آهي.


اي يروشلم جون ڌيئرون، آءٌ اوهان کي قسم ٿي ڏيان، انهن هرڻين جو ۽ ميدان جي ڄانگهن جو، تہ اوهين پياري کي نہ اُٿاريو، نہ جاڳايو، جيستائين ڪہ هو پاڻ اُٿڻ گهري.


اي يروشلم جون ڌيئرون، آءٌ اوهان کي قسم ٿي ڏيان، انهن هرڻين جو ۽ ميدان جي ڄانگهن جو، تہ اوهين پيار کي نہ اُٿاريو، نہ جاڳايو، جيستائين ڪہ هو پاڻ اُٿڻ گهري.


اي منهنجا محبوب جلدي ڪر، ۽ هرڻ يا ٻٺڙي جهڙو ٿيءُ، جو مصالحن جي جبلن تي هجي.


تنهن تي رستي تي جيڪي ٿي گذريو هو، ۽ ڪيئن هنن مانيءَ ڀڃڻ مهل سڃاتس، سو هنن سربستو بيان ڪري ٻڌاين.


يسعياہ جو اهي ڳالهيون چيون ۽ سندس ذڪر ڪيو، سو هن ڪري جو هن سندس جلال ڏٺو.


اوهين پاڪ لکيتون ڳوليو ڦوليو ٿا، ڇالاءِ جو ڀانئيو ٿا تہ انهن ۾ اسان لاءِ هميشہ جي زندگي آهي، ۽ اهي ئي آهن جي منهنجي بابت شاهدي ٿيون ڀرين؛


ڇالاءِ تہ جي موسيٰ کي مڃو ها، تہ هوند مون کي بہ مڃو ها، ڪيئن جو هن منهنجي بابت لکيو آهي.


ڇالاءِ جو هاڻي اسين آرسيءَ ۾ جهڪيءَ طرح ٿا ڏسون، پوءِ منهن مقابل ڏسنداسين. هاڻي آئون ٿورو ٿورو ٿو سڃاڻان، پوءِ آئون اهڙيءَ طرح سڃاڻيندس، جهڙي طرح آئون پاڻ سڃاتو ويو آهيان.


اِهي ايندڙ شين جون علامتون آهن؛ پر اصلي شيون مسيح جون آهن.


ڇالاءِ جو شريعت انهن اچڻ وارين نعمتن جو عڪس آهي، نہ سندين اصلي صورت، تنهنڪري سال بسال جيڪي ساڳيون قربانيون هميشہ ڪرڻ ۾ ٿيون اچن، تن جي وسيلي ماڻهن کي ڪامل ڪري نٿي سگهي.


۽ آئون کيس سجدي ڪرڻ لاءِ سندس پيرن تي ڪِري پيس. ۽ هن مون کي چيو تہ ڏس، متان ائين ڪرين: آئون تو سان ۽ جيڪي تنهنجا ڀائر يسوع جي شاهديءَ تي قائم آهن، تن سان گڏ خدمت ڪرڻ وارو آهيان؛ خدا کي سجدو ڪر: ڇالاءِ جو يسوع جي شاهدي نبوت جو روح آهي.


دريءَ منجهان هن ٻاهر نهاريو ۽ دانهن ڪيائين، سيسرا جي ماءُ ڳڙکيءَ مان دانهن ڪري چيو تہ ڇو هن جي گاڏي اچڻ ۾ دير ڪئي آهي؟ ڇو هن جي گاڏيءَ جا ڦيٿا بيهي رهيا آهن؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ