6 هن جو کٻو هٿ منهنجي مٿي هيٺان آهي، ۽ هن جي سڄي هٿ جو مون کي ڀاڪر پيل آهي.
6 پنهنجي کاٻي ٻانهن منهنجي مٿي هيٺان رک، ۽ پنهنجي ساڄيءَ ٻانهن سان مون کي ڀاڪر پاءِ.
انهيءَ کي مانُ ڏي ۽ هوءَ توکي وڌائيندي: جڏهن تون انهيءَ کي ڀاڪر وجهندين تڏهن اها توکي عزت وارو ڪندي.
اي يروشلم جون ڌيئرون، آءٌ اوهان کي قسم ٿي ڏيان، انهن هرڻين جو ۽ ميدان جي ڄانگهن جو، تہ اوهين پيار کي نہ اُٿاريو، نہ جاڳايو، جيستائين ڪہ هو پاڻ اُٿڻ گهري.
هائو هنن سان چڱائيءَ ڪرڻ لاءِ آءٌ هنن تي راضي رهندس، ۽ يقيناً آءٌ پنهنجي سڄيءَ دل ۽ پنهنجي سموري روح سان هنن کي هن زمين تي ڄمائيندس.
خداوند تنهنجو خدا تنهنجي وچ ۾ آهي، جو طاقت وارو آهي ۽ بچائيندو: اُهو خوشيءَ سان تو تي خوشي ڪندو: هو پنهنجي محبت ۾ آرام ڪندو، ۽ تو تي خوش ٿي ڳائيندو.
جنهن جي ڪنوار آهي، سو ئي گهوٽ آهي: پر گهوٽ جو دوست، جو بيٺو سندس ٻُڌي، سو گهوٽ جي آواز تي ڏاڍو سرهو ٿو ٿئي: سو اُها منهنجي سرهائي پوري ٿي.