4 هن مون کي مجلس جي جاءِ ۾ آندو، ۽ هن جو جهنڊو منهنجي مٿان محبت هو.
4 تون مون کي پنهنجي مئيخاني ۾ وٺي آيو آهين، ۽ مون تي پنهنجي محبت جو وسڪارو ڪيو اٿيئي.
۽ بادشاهہ شراب جي مجلس مان ڪاوڙ ۾ اُٿيو ۽ محلات جي باغ ۾ ويو، ۽ هامان اُٿي راڻيءَ آستر کي پنهنجي جيئدان ملڻ لاءِ عرض ڪرڻ لڳو؛ ڇالاءِ جو هن ڏٺو تہ بادشاهہ کيس نقصان پهچائڻ جو ارادو ڪيو آهي.
تو هن جي چوڌاري، ۽ هن جي گهر جي چوڌاري، ۽ جيڪي وٽس آهي تنهن سڀ جي چوڌاري، سڀ ڪنهن پاسي کان پناهہ جي لاءِ لوڙهو نہ ڏيئي ڇڏيو آهي ڇا؟ تو هن جي هٿن جي ڪم ۾ برڪت وڌي آهي، ۽ هن جو مال متاع زمين تي وڌي ويو آهي.
اسين تنهنجي نجات ۾ خوشيون ڪنداسين ۽ پنهنجي خدا جي نالي تي جهنڊا کوڙينداسين: شل خداوند تنهنجا مڙيئي عرض اگهائي.
جيڪي توکان ڊڄن ٿا تن کي، هڪڙو جهنڊو ڏنو اٿيئي، تہ اهو سچائيءَ جي خاطر مٿي ڪيو وڃي.
ڇالاءِ جو تنهنجيءَ درگاهہ ۾ هڪڙو ڏينهن هزار ڏينهن کان بهتر آهي. بڇڙن جي تنبن ۾ رهڻ کان مون کي پنهنجي خدا جي گهر جو دربان ٿيڻ پسند آهي.
سليمان جي راڳن جو راڳ.
مون کي ڇڪي وٺ، اسين تنهنجي پٺيان ڊوڙنديونسين: بادشاهہ مون کي پنهنجن ڪوٺين ۾ وٺي آيو آهي: اسين خوش ٿينديونسين ۽ تنهنجي ڪري خوشيون ڪنديونسين، اسين شراب کان وڌيڪ تنهنجي محبت جو ذڪر ڪنديونسين: هو سچيءَ دل سان تنهنجيون عاشق آهن.
اي منهنجي ڀيڻ، منهنجي ڪنوار، آءٌ پنهنجي باغ ۾ آيو آهيان: مون پنهنجي مر پنهنجي مصالحہ سميت گڏ ڪئي آهي؛ مون پنهنجو مانارو پنهنجي ماکيءَ سميت کاڌو آهي؛ مون پنهنجو شراب پنهنجي کير سان پيتو آهي. اي دوستو کائو؛ هائو، اي محبوب پيءُ، بي انداز پيءُ.
اي منهنجي پياري تون ترضاہ جهڙي سهڻي، ۽ يروشلم جهڙي خوبصورت آهين، ۽ خوفناڪ اهڙي آهين جهڙو جهنڊن سان لشڪر.
۽ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو تہ يسيءَ جي پاڙ، جا قومن ۾ نشان جي بجاءِ کڙي ٿيندي، تنهن کي قومون ڳولينديون؛ ۽ هن جي آرام جي جاءِ جلال واري ٿيندي.
ڏس، آئون در تي بيهي کڙڪايان ٿو: جيڪڏهن ڪو ماڻهو منهنجو آواز ٻُڌي در پَٽيندو، تہ آئون انهي وٽ لنگهي ايندس، ۽ انهي سان گڏ ماني کائيندس، ۽ اُهو مون سان گڏ کائيندو.