Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




راڳن جو راڳ 2:13 - Sindhi Bible

13 انجير جو وڻ پنهنجا ساوا انجير پچائي ٿو، ڊاکن ٻور جهليو آهي، ۽ انهن مان خوشبوءِ پيئي اچي. اُٿ، اي منهنجي پياري، منهنجي نازنين، هلي اچ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 انجير جي وڻن ۾ ميوو پچڻ لڳو آهي، انگورن جي ولين جي ٻور هوا کي معطر ڪري ڇڏيو آهي. سو اُٿ، اي منهنجي محبوبہ! اي منهنجي نازنين! هلي اچ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




راڳن جو راڳ 2:13
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڏس، اي منهنجي پياري، تون سهڻي آهين؛ تون خوبصورت آهين؛ تنهنجون اکيون ڪبوترين جهڙيون آهن.


منهنجي محبوب مون سان ڳالهايو ۽ چيائين تہ، اي منهنجي پياري، منهنجي نازنين، اُٿي هلي اچ.


اسان جي لاءِ تون لومڙيون، ننڍيون لومڙيون پڪڙ، جي ڊاک جو منهہ زيان ٿيون ڪن؛ ڇالاءِ جو اسان جي ڊاک جي منهہ ٻوُر ڪيو آهي.


آءٌ سوپارين جي باغ ۾ ويس، تہ واديءَ جا ساوا وڻ ڏسان، ۽ ڏسان تہ ڊاک ڦٽي آهي يا نہ، ۽ ڏاڙهن گل جهليا آهن يا نہ.


مون چيو تہ آءٌ انهي کجيءَ جي وڻ تي چڙهان، ۽ ان جون ٽاريون جهلي بيهان: ڀلي تہ تنهنجون ڇاتيون ڊاک جي ڇڳن جهڙيون هجن، ۽ تنهنجي پساهہ جي خوشبوءِ صوفن جهڙي آهي؛


ڇالاءِ جو فصل لهڻ کان اڳي، جڏهن ٻوُر ڇڻي ويو ۽ گل بدلجي ڊاک ٿيا، تڏهن هو ٽاريون ڏاٽن سان وڍيندو، ۽ پکڙندڙ ڏاڙهون وڍي ڇڏيندو. ۽ اهي سڀ ڏاريون ڪپي،


ڇالاءِ تہ جيئن زمين پنهنجا سلا ڪڍي ٿي، ۽ جيئن باغ ۾ جيڪي پوکجي ٿو تنهن کي اهو ٻاهر ٿو ڪڍي؛ تيئن خداوند بہ راستبازيءَ ۽ تعريف کي سڀني قومن تي ظاهر ڪندو.


هن جون ٽاريون پکڙنديون، ۽ هن جي سونهن زيتون جي وڻ جهڙي ٿيندي.


ٻج اڃا انبار خاني ۾ آهي ڇا؟ هائو، ڊاک ۽ انجير جي وڻ، ڏاڙهون ۽ زيتون جي وڻ اڃا ڦر نہ جهليو آهي؛ اڄ کان وٺي آءٌ اوهان کي برڪت ڏيندس.


هاڻي انجير جي وڻ مان سندس مثال سکو: جڏهن هن جي ٽاري نرم ٿي آهي ۽ پن ٿي ڪڍي، تڏهن اوهان کي خبر ٿي پوي تہ اونهارو ويجهو آهي.


۽ چيائين، تہ شل جيڪي امن واريون ڳالهيون آهن، تن کي تون، ها تون اڄوڪي ڏينهن سمجهين ها! پر هاڻي اُهي تنهنجين اکين کان لڪل آهن.


تنهنڪري اسين مسيح جي طرفان ايلچي آهيون، ڄڻ تہ اسان جي وسيلي خدا اوهان کي منٿ ٿو ڪري، ۽ اسين اوهان کي مسيح جي پاران نيزاري ٿا ڪريون، تہ خدا سان ميل ميلاپ ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ