1 آءٌ شارون جو گلاب آهيان، آءٌ وادين جو سوسن آهيان.
1 آءٌ تہ ميدان جي رڳو جھنگلي گل مثل آهيان. هائو، آءٌ ڄڻ تہ پهاڙي ماٿرين جو سوسن گل آهيان.
۽ اهي جلعاد ۾، بسن منجهہ، ۽ انهيءَ جي شهرن ۾، ۽ شارون جي سڀني ٻهراڙيءَ وارن هنڌن منجهہ، سندن سرحدن تائين رهندا هئا.
سچائي زمين مان ٿي اُڀري؛ ۽ راستبازي آسمان مان ٿي نهاري.
منهنجو محبوب منهنجو آهي، ۽ آءٌ سنديس آهيان: هو پنهنجو گلو سوسن ۾ ٿو چاري.
هن جا ڳل مصالحن جي چمن جهڙا، خوشبودار سبزن جي ڪنڌين وانگر آهن: هن جا چپ سوسن وانگر آهن، جن مان پٽڙي مر جا ڦڙا پيا ڪرن.
منهنجو محبوب پنهنجي باغ ڏانهن، مصالحن جي چمن ڏانهن ويو آهي، تہ باغن ۾ مال چاري، ۽ سوسن گڏ ڪري.
آءٌ پنهنجي محبوب جي آهيان، ۽ منهنجو محبوب منهنجو آهي: هو پنهنجو ڌڻ سوسن ۾ پيو چاري.
زمين ماتم ٿي ڪري ۽ غير آباد ٿي رهي، لبنان شرمندو آهي، ۽ سڪي ٿو وڃي، شارون رڻ پٽ وانگيان آهي؛ ۽ بسن ۽ ڪرمل پنهنجا پن ٿا ڇاڻين.
ڇالاءِ تہ جيڪو عظيم، ۽ سربلند، ۽ سدائين قائم آهي، ۽ جنهن جو نالو پاڪ آهي: سو فرمائي ٿو تہ آءٌ مٿانهينءَ ۽ پاڪ جاءِ ۾ رهان ٿو، ۽ انهيءَ سان گڏ بہ جيڪو شڪست دل ۽ نماڻو آهي، انهي لاءِ نماڻي جي روح کي ۽ شڪستہ دل کي وري تازو ڪريان.
آءٌ اسرائيل جي لاءِ ماڪ جهڙو ٿيندس: هو سوسن وانگر گل ڪندو، ۽ لبنان وانگر پنهنجون پاڙون هڻندو.