Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




راڳن جو راڳ 1:4 - Sindhi Bible

4 مون کي ڇڪي وٺ، اسين تنهنجي پٺيان ڊوڙنديونسين: بادشاهہ مون کي پنهنجن ڪوٺين ۾ وٺي آيو آهي: اسين خوش ٿينديونسين ۽ تنهنجي ڪري خوشيون ڪنديونسين، اسين شراب کان وڌيڪ تنهنجي محبت جو ذڪر ڪنديونسين: هو سچيءَ دل سان تنهنجيون عاشق آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 مون کي پاڻ سان کڻ تہ اسين ڀڄي هلون. تون منهنجو حاڪم ٿيءُ، ۽ مون کي پنهنجي ڪمري ۾ وٺي هل. اسين ٻئي گڏجي خوشيون ۽ شادمانا ڪنداسين. تنهنجو پيار ايترو تہ نشو ڏيندڙ آهي، جو مئي کان بہ وڌيڪ سرور ڏئي ٿو. ڪو عجب ناهي جو سڀيئي عورتون تو تي عاشق آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




راڳن جو راڳ 1:4
37 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن پنهنجي عجيب ڪمن جي يادگيري قائم ڪئي آهي: خداوند رحيم ۽ ٻاجهارو آهي.


جڏهن تون منهنجي همت وڌائيندين، تڏهن آءٌ تنهنجن حڪمن جي واٽ تي ڊوڙندس.


مون تنهنجن حڪمن تي عمل ڪرڻ ۾ سيگهہ ڪئي، ۽ دير ڪانہ ڪيم.


ڀلي تہ اسرائيل پنهنجي خالق ۾ خوش رهي: ۽ بني صيون پنهنجي بادشاهہ ۾ سرها ٿين.


جڏهن آءٌ اهي ڳالهيون ياد ٿو ڪريان، تہ ڪيئن جماعت خوشيءَ ۽ تعريف جي آواز سان وڏو ڏينهن ٿي ملهايو، جنهن جماعت سان گڏجي آءٌ خدا جي گهر ۾ ويندو هوس، تڏهن منهنجي جان فڪرمند ٿي ٿئي.


اي خدا اسان تنهنجيءَ هيڪل ۾، تنهنجيءَ ٻاجهہ تي غور ڪيو آهي.


منهنجي جان ڄڻ تہ گودي ۽ چرٻي کائي ڍءُ ڪندي؛ ۽ منهنجو وات مشڪندڙ چپن سان تنهنجي تعريف ڪندو؛


اڃا آءٌ ٿورو هنن وٽان اڳتي هليس، تہ مون هن کي لڌو، جنهن سان منهنجي جان جي محبت آهي: مون جهليومانس، ۽ وڃڻ ڪين ڏنومانس، جيستائين مون هن کي پنهنجي ماءُ جي گهر ۾ آندو، ۽ اُنهيءَ جي ڪوٺڙيءَ ۾ جنهن مون کي ڄڻيو هو.


اي منهنجي ڀيڻ، اي منهنجي ڪنوار، تنهنجي محبت ڪهڙي نہ چڱي آهي! تنهنجي محبت شراب کان ڪيترو نہ بهتر آهي! ۽ تنهنجن تيلن جي خوشبوءِ هر قسم جي مصالحن کان ڪيترو نہ وڌيڪ چڱي آهي!


هن هميشہ لاءِ موت کي فنا ڪري ڇڏيو آهي؛ ۽ خداوند خدا سڀني جي منهن تان ڳوڙها اُگهي ڇڏيندو؛ ۽ پنهنجي قوم جي ملامت ساري زمين جي سطح تان ڪڍي ڇڏيندو؛ ڇالاءِ جو خداوند ائين فرمايو آهي.


اسرائيل جو سارو نسل انهي ۾ سچو ثابت ٿيندو، ۽ انهي تي فخر ڪندو.


جيڪي صيون ۾ ماتم ٿا ڪن تن لاءِ اهو ٺهرايان تہ انهن کي رک جي بدران گلن جو ڇٽ، ۽ ماتم جي بدران خوشيءَ جو تيل، ۽ دل جي ڏک جي بدران تعريف جي پوشاڪ ڏيان؛ تہ اهي راستبازيءَ جا وڻ، ۽ خداوند جا پوکيل سڏجن، جنهن ڪري هن جو جلال ظاهر ٿئي.


آءٌ خداوند جي پيار ڀري مهربانيءَ جو، ۽ خداوند جي تعريف جو، انهن سڀني نعمتن موجب ذڪر ڪندس، جي اسان کي عطا ڪيون اٿس؛ ۽ اسرائيل جي گهراڻي سان پنهنجن رحمتن، ۽ بي انداز پيار ڀريءَ مهربانيءَ موجب جيڪا ڀلائي ڪئي اٿس.


خداوند قديم وقت کان مون کي ڏيکاري ڏئي چيو تہ هائو، مون دائمي محبت سان توکي پيار ڪيو آهي: تنهن ڪري رحمت سان توکي ڇڪيو اٿم.


مون هنن کي انساني رشتي سان ۽ محبت جي ڏورين سان ڇڪيو؛ آءٌ هنن جي لاءِ اهڙو هوس، جهڙا اُهي جي سندن ڄاڙن تان پاڃاري لاهي ڇڏين ٿا، ۽ مون هنن جي اڳيان کاڌو رکيو.


اي صيون جي ڌيءَ، ڳاءِ، اي اسرائيل، للڪار؛ اي يروشلم جي ڌيءَ، پنهنجي سڄي دل سان سرهي ٿي ۽ خوشي ڪر.


اي صيون جي ڌيءَ خوشي ڪر؛ ۽ يروشلم جي ڌيءَ خوشيءَ وچان واڪا ڪر: ڏس، تنهنجو بادشاهہ تو وٽ اچي ٿو: هو سچار آهي ۽ هن وٽ نجات آهي؛ هو حليم آهي، ۽ گڏهہ تي، بلڪ کودڙي تي سوار آهي.


۽ جيسين هو خريد ڪرڻ ويون، تيسين گهوٽ اچي سهڙيو، ۽ جيڪي تيار هيون، سي هن سان گڏجي شاديءَ جي مجلس ۾ ويون، ۽ در بند ٿي ويو.


پر ملائڪ انهن کي چيو تہ ڊڄو نہ، ڇالاءِ جو ڏسو، مون اوهان لاءِ وڏي خوشخبري آندي آهي، جا سڄيءَ اُمت لاءِ ٿيندي:


پوءِ ماني کڻي شڪر ڪري اُها ڀڳائين، ۽ هنن کي ڏيئي چيائين، تہ هيءُ منهنجو بدن آهي، جو اوهان لاءِ ڏنو ٿو وڃي، منهنجي يادگيريءَ ۾ ائين ئي ڪندا رهجو.


۽ جيڪڏهن آئون زمين کان مٿي چاڙهيو ويندس، تہ سڀني ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندس.


ڪوبہ ماڻهو مون وٽ اچي نٿو سگهي، جيسين ڪ پيءُ، جنهن مون کي موڪليو آهي، سو نہ ڇڪيس: ۽ آئون پوئين ڏينهن ان کي جياري اُٿاريندس.


۽ انهي سان گڏ اسان کي اُٿاري مسيح يسوع ۾ آسماني جاين ۾ ساڻس گڏ ويهاريائين:


شل انهن سڀني تي فضل هجي، جيڪي اسان جي خداوند يسوع مسيح سان لازوال محبت ٿا رکن.


ڇالاءِ تہ سچا مختون تہ اسين آهيون جي خداوند جي روح جي هدايت سان عبادت ٿا ڪريون، ۽ مسيح يسوع تي فخر ٿا ڪريون، ۽ جسماني ڳالهين تي ڪوبہ اعتقاد نٿا رکون؛


هميشہ خداوند ۾ خوش رهو، وري بہ ٿو چوان تہ خوش رهو.


تنهنڪري جڏهن شاهدن جو هيڏو وڏو بادل اسان جي چوڌاري بيٺل آهي، تڏهن اچو تہ اسين بہ سڀڪو بار ۽ گناهہ، جو اسان کي آسانيءَ سان چنبڙيو پوي، تنهن کان پاسو ڪريون، ۽ صبر سان اُها ڊوڙ ڊوڙون، جا اسان جي لاءِ مقرر ڪئي ويئي آهي.


بنا ڏٺي اوهين هن کي پيار ٿا ڪريو؛ ۽ جيتوڻيڪ اوهين هاڻي کيس نٿا ڏسو، تہ بہ ايمان آڻي ايتري گهڻي خوشي ٿا ڪريو جا بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي، ۽ جلال سان ڀرپور آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ