Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




راڳن جو راڳ 1:2 - Sindhi Bible

2 ڀلي تہ هو پنهنجي وات جي چُمين سان مون کي چُمي: ڇالاءِ جو تنهنجي محبت شراب کان بهتر آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 ڪاش! تنهنجا چپ مون کي چمين سان وڪوڙي ڇڏين، ڇاڪاڻ تہ تنهنجو پيار مئي کان وڌيڪ سُرور ڏيندڙ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




راڳن جو راڳ 1:2
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ يعقوب راخل کي چُميو، ۽ زور سان روئڻ لڳو.


۽ هن پنهنجن سڀني ڀائرن کي چُميو ۽ ساڻن رنائين: تنهن کان پوءِ سندس ڀائر ساڻس ڳالهيون ڪرڻ لڳا.


پٽ کي چُمو، متان هو غصي ٿئي، ۽ اوهين واٽ ۾ ئي نابود ٿي وڃو، ڇو تہ هن جي ڪاوڙ جلد ڀڙڪو کائيندي. مبارڪ آهن اهي سڀيئي، جن جو ڀروسو هن تي آهي.


اي خدا تنهنجي ٻاجهہ ڪهڙي نہ قيمتي آهي! ۽ بني آدم تنهنجن پرن جي هيٺ اَجهو ٿا وٺن.


مون کي ڇڪي وٺ، اسين تنهنجي پٺيان ڊوڙنديونسين: بادشاهہ مون کي پنهنجن ڪوٺين ۾ وٺي آيو آهي: اسين خوش ٿينديونسين ۽ تنهنجي ڪري خوشيون ڪنديونسين، اسين شراب کان وڌيڪ تنهنجي محبت جو ذڪر ڪنديونسين: هو سچيءَ دل سان تنهنجيون عاشق آهن.


هن مون کي مجلس جي جاءِ ۾ آندو، ۽ هن جو جهنڊو منهنجي مٿان محبت هو.


اي منهنجي ڀيڻ، اي منهنجي ڪنوار، تنهنجي محبت ڪهڙي نہ چڱي آهي! تنهنجي محبت شراب کان ڪيترو نہ بهتر آهي! ۽ تنهنجن تيلن جي خوشبوءِ هر قسم جي مصالحن کان ڪيترو نہ وڌيڪ چڱي آهي!


هن جو وات تمام مٺو آهي؛ هائو هو بلڪل وڻندڙ آهي: اي يروشلم جون ڌيئون، اهو آهي منهنجو محبوب، ۽ اهو آهي منهنجو دوست.


هل تہ سوير اُٿي ڊاک جي منهہ ۾ هلون؛ ڏسون تہ ڊاک ڦٽي آهي يا نہ، ۽ ان جا گل کليا آهن يا نہ، ۽ ڏاڙهن گل جهليا آهن يا نہ: اُتي آءٌ توکي پنهنجي محبت ڏينديس.


اي پياري، خوشين جي ڪري تون ڪهڙي نہ خوبصورت ۽ دلپسند آهين!


۽ تنهنجو وات تمام عمدي شراب جهڙو آهي، جو منهنجي محبوب جي لاءِ لسو وهندو وڃي، ۽ جيڪي سُتا پيا آهن تن جي چپن مان ترڪندو وڃي.


۽ هن جبل تي لشڪرن جو خداوند سڀني قومن جي لاءِ ٿلهين شين جي مهماني ڪندو، شرابن جي ڀريل مٽن سان؛ مک سان ڀريل ٿلهين شين سان، ۽ چڱيءَ طرح صاف ٿيل شراب جي مٽن سان.


۽ اڃا کاڌائون ئي ويٺي تہ يسوع ماني کنئي، ۽ برڪت گهُري اُها ڀڳائين، ۽ شاگردن کي ڏيئي چيائين، تہ وٺو، کائو، هي منهنجو بدن آهي.


۽ هو اُٿي پيءُ وٽ آيو، پر اڃا پري ئي هو تہ پڻس ڏٺس، ۽ مٿس ڪهل اچي ويس، ۽ ڊوڙي وڃي ڀاڪر پاتائينس ۽ چُميائينس.


۽ اسين صور کان جهاز جو سفر پورو ڪري پطليمس ۾ اچي پهتاسين؛ ۽ ڀائرن سان خوش خير عافيت ڪئي سين، ۽ هڪڙو ڏينهن وٽن رهياسين.


محبت جو ڀاڪر پائي هڪٻئي کي سلام ڪجو. اوهين سڀ، جي مسيح ۾ آهيو، تن کي شل اطمينان حاصل ٿئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ