Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




راڳن جو راڳ 1:13 - Sindhi Bible

13 منهنجو محبوب منهنجي لاءِ اهڙو آهي جهڙو مُر جو ڇڳو، جو منهنجن ڇاتين تي وچ ۾ پيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 اي منهنجا محبوب! تون منهنجي لاءِ مُر جي عطر جهڙو آهين، جيڪو منهنجي ڇاتين جي وچ ۾ لڳل هوندو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




راڳن جو راڳ 1:13
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن سندن پيءُ اسرائيل کين چيو، تہ جي ائين ئي آهي تہ هيئن ڪريو، هن ملڪ جي عمدن ميون مان ڪي پنهنجن ٻورن ۾ وجهو، ۽ ٿورو سرهو تيل، ٿوري ماکي، مصالحہ، مَر، پستا ۽ باداميون، اهي سڀ سوکڙيءَ طور انهيءَ ماڻهوءَ لاءِ کڻي وڃو.


تنهنجي سڀني ڪپڙن مان، مُر ۽ عود، ۽ املداس جي خوشبوءِ پيئي اچي: عاج جي محلاتن ۾ تنبورن جي وڄڻ ڪري تون خوش آهين.


اي يروشلم جون ڌيئرون، آءٌ اوهان کي قسم ٿي ڏيان، انهن هرڻين جو ۽ ميدان جي ڄانگهن جو، تہ اوهين پياري کي نہ اُٿاريو، نہ جاڳايو، جيستائين ڪہ هو پاڻ اُٿڻ گهري.


اي يروشلم جون ڌيئرون، آءٌ اوهان کي قسم ٿي ڏيان، انهن هرڻين جو ۽ ميدان جي ڄانگهن جو، تہ اوهين پيار کي نہ اُٿاريو، نہ جاڳايو، جيستائين ڪہ هو پاڻ اُٿڻ گهري.


اهو ڪير آهي جو بيابان مان دونهين جي ٿنڀن وانگر، خوشبودار ۽ مر ۽ لوبان سان، سوداگرن جي سڀني شين سان ڀريل ٿو اچي؟


سنبل ۽ زعفران، بيد مشڪ ۽ دالچيني ۽ لوبان جا سڀ وڻ، ۽ مر ۽ عود ۽ ٻيا سڀ مکيہ مصالحہ.


اي اُتر جا واءُ، جاڳ؛ ۽ اي ڏکڻ، تون اچ؛ منهنجي باغ تي لڳ تہ اُن جي مصالحن جي خوشبوءِ ٻاهر نڪري، ڀلي تہ منهنجو محبوب پنهنجي باغ ۾ اچي ۽ پنهنجا قيمتي ميوا کائي.


جيسين ڏينهن ٺري ۽ پاڇو لهي، تيستائين، آءٌ مر جي جبل تي ۽ لوبان جي ٽڪري تي وڃي ويهندس.


اي منهنجي ڀيڻ، منهنجي ڪنوار، آءٌ پنهنجي باغ ۾ آيو آهيان: مون پنهنجي مر پنهنجي مصالحہ سميت گڏ ڪئي آهي؛ مون پنهنجو مانارو پنهنجي ماکيءَ سميت کاڌو آهي؛ مون پنهنجو شراب پنهنجي کير سان پيتو آهي. اي دوستو کائو؛ هائو، اي محبوب پيءُ، بي انداز پيءُ.


هن جا ڳل مصالحن جي چمن جهڙا، خوشبودار سبزن جي ڪنڌين وانگر آهن: هن جا چپ سوسن وانگر آهن، جن مان پٽڙي مر جا ڦڙا پيا ڪرن.


آءٌ پنهنجي محبوب کي در پٽي ڏيڻ لاءِ اُٿيس: ۽ منهنجن هٿن مان مر جا ڦڙا پئي ڪِريا، ۽ منهنجن آڱرين مان پٽڙي مر ڪري تاڙيءَ جي هٿين تي پئي.


۽ نيڪديمس، جو پهريائين رات جو يسوع وٽ آيو هو، سو پڻ سوا مڻ کن مَر ۽ عود جو ملائي کڻي آيو.


۽ ايمان جي وسيلي مسيح اوهانجي دلين ۾ گهر ڪري؛ تہ اوهين محبت ۾ پاڙ هڻي ۽ پيڙهہ ڄمائي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ