Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




راڳن جو راڳ 1:10 - Sindhi Bible

10 تنهنجا ڳل وارن جي زلفن سان سهڻا ٿا لڳن، ۽ تنهنجي ڳچي جواهرن جي سرن سان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 تنهنجا ڳل تنهنجي نٿ جي لَڙهين سان ۽ تنهنجي ڳچي هيرن جواهرن سان ڪيڏي نہ سهڻي ٿي لڳي!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




راڳن جو راڳ 1:10
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اُٺن پاڻي پي بس ڪئي، تڏهن هن ماڻهوءَ هڪڙي اڌ سڪي تور جي سوني نٿ، ۽ ڏهن سڪن تور جا ٻہ سونا ڪنگڻ هن جي هٿ لاءِ ڪڍيا،


۽ مون هن کان پڇيو تہ تون ڪنهن جي ڌيءَ آهين؟ هن چيو تہ آءٌ نحور جي پٽ بيتوايل جي ڌيءَ آهيان، جو سندس زال ملڪاہ مان ڄائو هو: پوءِ مون هن جي نڪ ۾ نٿ ۽ هٿن ۾ ڪنگڻ پارايا.


پوءِ هن نوڪر چانديءَ ۽ سون جا زيور، ۽ ڪپڙا ڪڍي ربقہ کي ڏنا: ۽ سندس ڀاءُ ۽ ماءُ کي بہ قيمتي شيون ڏنائين.


۽ فرعون پنهنجيءَ مهر واري منڊي پنهنجي هٿ مان لاهي، يوسف جي هٿ ۾ پارائي، ۽ هن کي عمدي ڪپڙي جي خلعت پهرايائين، ۽ هڪڙي سوني زنجيري سندس ڳچيءَ ۾ پاتائين؛


ڇالاءِ جو اهي تنهنجي مٿي جي لاءِ زينت جو ڇٽ، ۽ تنهنجي ڳچيءَ جا طوق ٿيندا.


اسين توکي سون جون زنجيرون، چانديءَ جي گلن سان جوڙي ڏينداسين.


اي منهنجي ڀيڻ، اي منهنجي ڪنوار، تو منهنجي دل کيس ورتي آهي؛ تو پنهنجي هڪڙيءَ اک سان، پنهنجي ڳچيءَ جي هڪڙي زنجيريءَ سان، منهنجي دل کسي ورتي آهي.


هن جا ڳل مصالحن جي چمن جهڙا، خوشبودار سبزن جي ڪنڌين وانگر آهن: هن جا چپ سوسن وانگر آهن، جن مان پٽڙي مر جا ڦڙا پيا ڪرن.


آءٌ خداوند ۾ گهڻو خوش ٿيندس، منهنجو روح منهنجي خدا ۾ راضي رهندو؛ ڇالاءِ جو هن جيئن ڪو گهوٽ پاڻ کي ڇٽ سان سينگاري، يا ڪا ڪنوار پاڻ کي جواهرن سان سينگاري، تيئن مون کي نجات جي پوشاڪ پهرائي آهي، هن مون کي راستبازيءَ جو وڳو ڍڪايو آهي.


۽ اسان مان هرهڪ ماڻهوءَ کي جيڪي هٿ لڳو هو، تنهن مان، يعني سون جي زيورن مان، پير جي ڪڙن مان، دهرين ۽ ڪنگڻن، ۽ منڊين مان، ايرنگن ۽ هارن مان، اسان خداوند جي لاءِ نذرانو آندو آهي؛ انهي لاءِ تہ خداوند جي حضور ۾ اسان جي لاءِ ڪفارو ٿئي.


پر اندر وارو باطن ۾ حليم، ۽ غريب طبيعت جو غير فاني ويس هئڻ گهرجي، جنهن جو خدا جي نظر ۾ گهڻو قدر آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ