Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رُوت 4:6 - Sindhi Bible

6 ۽ انهيءَ ويجهي مائٽ چيو تہ آءٌ اُها پنهنجي لاءِ خريد ڪري نٿو سگهان، تہ متان آءٌ پنهنجي ميراث کي خراب ڪري ڇڏيان، منهنجو خريد ڪرڻ جو حق تون پاڻ وٺ؛ ڇالاءِ جو آءٌ نٿو خريد ڪري سگهان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 تنهن تي انهيءَ ويجھي مائٽ چيو تہ ”آءٌ پاڻ اها ٻني ڇڏائي نہ ٿو سگھان، متان اها منهنجي پنهنجي ميراث لاءِ نقصانڪار ٿئي. سو جيئن تہ آءٌ انهيءَ کي ڇڏائي نہ ٿو سگھان تنهنڪري آءٌ پنهنجو ڇڏائڻ وارو حق تو کي ٿو ڏيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رُوت 4:6
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن يهوداہ اونان کي چيو تہ تون پنهنجي ڀاءُ جي زال وٽ وڃ، ۽ ڏير جو فرض ادا ڪري، پنهنجي ڀاءُ جو نسل جاري ڪر.


جيڪڏهن تنهنجو ڀاءُ غريب ٿي ويو هجي، ۽ ملڪيت مان ڪجهہ کڻي وڪڻي، تہ هن جو ويجهو مائٽ اچي، ۽ جيڪي سندس ڀاءُ وڪيو هجي سو ڇڏائي.


پر جيڪڏهن هو ماڻهو پنهنجي ڀاڄائيءَ سان پرڻجڻ تي راضي نہ ٿئي، تہ سندس ڀاڄائي شهر جي دروازي تي بزرگن وٽ وڃي چوي، تہ منهنجو ڏير پنهنجي ڀاءُ جو نالو اسرائيل ۾ قائم رکڻ کان انڪار ٿو ڪري، ۽ مون سان ڏير جو حق ادا ڪرڻ نٿو گهري.


تڏهن شهر جا بزرگ انهي ماڻهوءَ کي سڏي کيس سمجهائين: ۽ جيڪڏهن هو پنهنجيءَ ڳالهہ تي قائم رهي، ۽ چوي، تہ آءٌ هن سان پرڻجڻ نٿو گهران؛


تہ پوءِ سندس ڀاڄائي بزرگن جي روبرو هن وٽ اچي، ۽ هن جي پير مان پادر لاهي، ۽ هن جي منهن تي ٿُڪ هڻي ۽ چويس، تہ جيڪو پنهنجي ڀاءُ جو گهر آباد نٿو ڪري تنهن سان هيئن ڪرڻ گهرجي.


۽ نعوميءَ پنهنجي ننهن کي چيو تہ جنهن شخص جيئرن توڙي مُئن کان پنهنجي مهرباني روڪي نہ ڇڏي آهي تنهن کي خداوند شل برڪت وارو ڪري، ۽ نعوميءَ چيس تہ هن ماڻهوءَ جي اسان سان قرابت آهي، ۽ هو اسان جي ويجهن مائٽن مان آهي.


اڄوڪي رات رهہ، ۽ سڀاڻي صبح جو هيئن ٿيندو تہ جي انهيءَ توسان مائٽيءَ جو حق پوريءَ طرح ادا ڪرڻ گهريو، تہ ڀلي اُهو مائٽيءَ جو حق ادا ڪري: پر جي هن توسان مائٽيءَ جو حق ادا ڪرڻ نہ گهريو تہ پوءِ آءٌ جيئري خداوند جو قسم ٿو کڻان تہ آءٌ توسان مائٽيءَ جو حق ادا ڪندس: صبح تائين هتي ليٽي پيئي هج.


۽ هن چيو تہ تون ڪير آهين؟ تڏهن هن ورندي ڏني تہ آءٌ تنهنجي ٻانهي روٿ آهيان؛ تنهنڪري تون پنهنجي ٻانهيءَ جي مٿان پنهنجو دامن پکيڙي وجهہ؛ ڇالاءِ جو تون ويجهو مائٽ آهين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ