18 هاڻي فارص جون پيڙهيون هي آهن: فارص مان حصرون؛
18 فارص جون پيڙهيون هي آهن: فارص مان حصرون،
يهوداہ جا پٽ؛ فارص، حصرون، ڪرمي، حور، سوبل.
۽ اُهو عميناداب جو، ۽ اُهو ارني جو، ۽ اُهو حصرون جو، ۽ اُهو فارص جو، ۽ اُهو يهوداہ جو،
ڀلي تہ تنهنجو گهر فارص جي گهر جهڙو ٿئي، جو تمر يهوداہ کي ڄڻي ڏنو، ۽ انهيءَ جهڙو نسل ٿئي جو خداوند توکي هن جوان زال مان ڏئي.
۽ سندس پاڙي وارين زالن انهيءَ جو نالو رکيو ۽ چيائون تہ نعوميءَ جي لاءِ پٽ ڄائو آهي؛ ۽ انهيءَ جو نالو هنن عوبيد رکيو: اُهو يسيءَ جو پيءُ آهي، جو وري دائود جو پيءُ آهي.
۽ حصرون مان رام، ۽ رام مان عمينداب؛