Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رُوت 4:15 - Sindhi Bible

15 ۽ اُهو تنهنجي لاءِ حياتي نئين سر تازي ڪرڻ وارو، ۽ تنهنجي پيريءَ جو ڀرجهلو ٿيندو: ڇالاءِ جو تنهنجي ننهن، جنهن جي توسان محبت آهي، ۽ جا تنهنجي لاءِ ستن پٽن کان بہ چڱي آهي، تنهن اُنهيءَ کي ڄڻيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 هو تنهنجي زندگيءَ کي نئون ڪندو ۽ تنهنجي پڇاڙيءَ ۾ تنهنجو سهارو ٿيندو. انهيءَ لاءِ جو تنهنجي ننهن جنهن جي تو سان محبت آهي ۽ جيڪا تنهنجي لاءِ ستن پٽن کان بہ وڌيڪ آهي، تنهن انهيءَ کي ڄڻيو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رُوت 4:15
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اتي آءٌ تنهنجي پرورش ڪندس؛ ڇالاءِ جو اڃا ڏڪار جا پنج ورهيہ پيا آهن؛ متان تون، ۽ تنهنجو خاندان، ۽ ٻيا جيڪي تو وٽ آهن، سي ڪنگال ٿي پون.


۽ يوسف پنهنجي پيءُ، ۽ پنهنجي ڀائرن، ۽ پنهنجي سڄي خاندان کي، سندن ٻارن آهر کاڌو ڏيئي، سندن پرورش ڪئي.


پنهنجو بار خداوند تي رک، تہ هو توکي سنڀاليندو: هو راستبازن کي ڪڏهن بہ لوڏو کائڻ ڪين ڏيندو.


جيڪو گهڻا دوست ٿو ڪري سو خود پنهنجي ناس ٿيڻ لاءِ ٿو ڪري: پر اهڙو بہ ڪو دوست ٿيندو آهي جو ڀاءُ کان بہ وڌيڪ پيار ٿو ڪري.


۽ اوهان جي ٻڍاپي تائين آءٌ اهو ئي رهندس، بلڪ اوهان جي اڇن وارن تائين آءٌ اوهان کي کڻندس: مون ئي جوڙيو آهي ۽ آءٌ ئي سنڀاليندس؛ هائو، آءٌ کڻندس ۽ ڇڏائيندس.


۽ نعوميءَ ٻار کڻي پنهنجي گود ۾ رکيو ۽ انهيءَ کي پالڻ لڳي.


۽ سندس مڙس القانہ کيس چيو تہ اي حنہ، تون ڇو ٿي روئين؟ ۽ ڇو ماني نٿي کائين؟ ۽ ڇو تنهنجي دل غمگين آهي؟ ۽ آءٌ تنهنجي لاءِ ڏهن پٽن کان بهتر ناهيان ڇا؟


جي ڍاول هئا سي مانيءَ جي لاءِ مزوري ڪمائڻ لڳا آهن؛ ۽ جي بکايل هئا، تن کي آرام آهي: هائو، سنڍ زال ست ڄڻيا آهن؛ ۽ جنهن زال کي گهڻا ٻار آهن، سا زبون ٿي ويئي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ