Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رُوت 4:11 - Sindhi Bible

11 ۽ جيڪي ماڻهو دروازي وٽ حاضر هئا تن سڀني، ۽ انهن بزرگن چيو تہ اسين شاهد آهيون. جيڪا زال تنهنجي گهر ۾ آئي آهي تنهن کي خداوند شل راخل ۽ لياہ جهڙي ڪري، جن ٻنهي اسرائيل جو گهر آباد ڪيو: ۽ تون افراتہ ۾ لياقت سان هلت ڪر، ۽ بيت الحم ۾ نالو ڪڍ؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 تڏهن اڳواڻن ۽ شهر جي دروازي وٽ موجود ٻين ماڻهن چيو تہ ”اسين شاهد آهيون. شل انهيءَ عورت کي جيڪا تنهنجي گھر ٿي اچي، هائو، انهيءَ کي خداوند شل يعقوب جي زالن راخل ۽ لياہ جهڙو ڪري، جن ٻنهي بني اسرائيل جو نسل وڌايو. شل تون افراتي گھراڻي ۾ خوشحال ٿئين، ۽ بيت‌لحم ۾ تنهنجو نالو ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رُوت 4:11
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي عفرون اتي حت جي پٽن جي وچ ۾ ويٺو هو: سو انهن سڀني جي اڳيان، ۽ جيڪي حت جا پٽ سندس شهر جي دروازي مان اندر ٿي آيا، تن جي روبرو ابرهام کي چوڻ لڳو،


۽ ربقہ کي دعا ڪري چيائون تہ اسان جي ڀيڻ، شل تون هزارن ۽ لکن جي ماءُ ٿين، شل تنهنجو اولاد پنهنجي دشمن جي دروازي تي قبضو ڪري.


هاڻي، لابن کي ٻہ ڌيون هيون، وڏيءَ جو نالو لياہ ۽ ننڍيءَ جو نالو راخل هو.


۽ صبح جو جڏهن هو اُٿيو، تڏهن ڏٺائين تہ هيءَ لياہ آهي، تڏهن لابن کي چيائين تہ تو هي مون سان ڇا ڪيو؟ مون تو وٽ راخل جي لاءِ پورهيو ڪين ڪيو ڇا؟ پوءِ تو مون سان ٺڳي ڇو ڪئي؟


۽ لياہ حاملہ ٿي ۽ پٽ ڄايس، ۽ انهيءَ جو نالو روبن رکيائين: ڇالاءِ جو هن چيو تہ خداوند منهنجي ڏک تي نظر ڪئي آهي، هاڻي منهنجو مڙس مون کي پيار ڪندو.


هاڻي يعقوب کي ٻارهن پٽ هئا: روبن، جو يعقوب جو وڏو پٽ هو، تنهن کان سواءِ شمعون، لاوي، يهوداہ، اشڪار ۽ زبولون.


۽ راخل جا پٽ هئا: يوسف ۽ بنيمين.


سو هن اخي آب جي نالي سان خط لکيا، ۽ سندس مهر مٿن هنيائين، ۽ اُهي خط اُنهن بزرگن ۽ اميرن ڏانهن موڪليائين جي سندس شهر ۾ هئا، ۽ نبوت سان گڏ رهندا هئا.


۽ سلما، جو بيت الحم جو پيءُ هو، ۽ خارف، جو بيت جدر جو پيءُ هو.


ڏسو، افراتا ۾ اسان انهي جي خبر ٻڌي: ۽ جهنگ جي ميدان ۾ هو اسان کي مليو.


سڀڪا ڏاهي زال پنهنجو گهر اڏي ٿي: پر بي عقل زال انهيءَ کي پنهنجن هٿن سان ڊاهي ڇڏي ٿي.


سندس مڙس شهر جي دروازن تي سڃاتل آهي، جو هو اتي ملڪ جي بزرگن منجهہ ويهي ٿو.


۽ مون انهي دستاويز جي هيٺان صحيح ڪئي، ۽ انهيءَ تي مهر هنيم، ۽ شاهد سڏيم، ۽ ساهميءَ ۾ پئسا توري هن کي ڏنم.


پر اي بيت الحم افراتاہ، تون جو يهوداہ جي قبيلن ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ننڍڙو آهين، تہ بہ تو مان هڪڙو شخص نڪرندو، ۽ منهنجي لاءِ اسرائيل جو حاڪم ٿيندو؛ ۽ هن جو اصل قديم وقت کان بلڪ هميشہ کان آهي.


”اي يهوديہ ملڪ جا بيت الحم، تون ڪنهن بہ طرح يهوديہ جي شهزادن مان سڀ کان ننڍو نہ آهين: ڇالاءِ جو تو منجهان هڪڙو حاڪم نڪرندو، جو منهنجي قوم اسرائيل جو پاسبان ٿيندو“.


پر جيڪڏهن هو ماڻهو پنهنجي ڀاڄائيءَ سان پرڻجڻ تي راضي نہ ٿئي، تہ سندس ڀاڄائي شهر جي دروازي تي بزرگن وٽ وڃي چوي، تہ منهنجو ڏير پنهنجي ڀاءُ جو نالو اسرائيل ۾ قائم رکڻ کان انڪار ٿو ڪري، ۽ مون سان ڏير جو حق ادا ڪرڻ نٿو گهري.


تہ پوءِ سندس ڀاڄائي بزرگن جي روبرو هن وٽ اچي، ۽ هن جي پير مان پادر لاهي، ۽ هن جي منهن تي ٿُڪ هڻي ۽ چويس، تہ جيڪو پنهنجي ڀاءُ جو گهر آباد نٿو ڪري تنهن سان هيئن ڪرڻ گهرجي.


۽ انهيءَ ماڻهوءَ جو نالو اليملڪ هو، ۽ سندس زال جو نالو نعومي هو، ۽ سندس ٻن پٽن جا نالا محلون ۽ ڪليون هئا، جي بيت الحم يهوداہ جا افراتي هئا. ۽ هو موآب جي ملڪ ۾ آيا ۽ اُتي رهڻ لڳا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ