Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رُوت 4:10 - Sindhi Bible

10 تنهن کان سواءِ روٿ موآبڻ، محلون جي زال، مون خريد ڪئي آهي تہ انهيءَ کي پنهنجي زال ڪريان، ۽ فوتيءَ جو نالو انهي جي ميراث تي قائم ڪريان، تہ انهيءَ جو نالو سندس ڀائرن مان، ۽ سندس جاءِ جي دروازي تان ميٽجي نہ وڃي: اوهين اڄ شاهد آهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 انهيءَ کان علاوہ محلون جي بيوہ رُوت موآبڻ کي بہ آءٌ پنهنجي زال ڪري وٺان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ فوتيءَ جو نالو سندس ميراث تي قائم رهي، تان‌تہ سندس نالو سندس مائٽن مان ۽ سندس گھر جي دروازي تان ميٽجي نہ وڃي. اوهين اڄ انهيءَ جا شاهد آهيو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رُوت 4:10
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن جو ستاواڙو پورو ڪر، تنهن کان پوءِ جيڪي ٻيا ست ورهيہ تون مون وٽ پورهيو ڪندين، تنهن جي لاءِ اسين توکي هيءَ ٻي بہ ڏينداسين.


اُونان کي خبر هئي تہ اهو اولاد منهنجو نہ سڏبو؛ سو هيئن ٿيو تہ جڏهن هو پنهنجيءَ ڀاڄائيءَ وٽ ويندو هو، تڏهن مني زمين تي هاري ڇڏيندو هو، تہ متان هن مان سندس ڀاءُ جي لاءِ اولاد پيدا ٿئي.


شل اهي سدائين خداوند جي نظر ۾ هجن، تہ هو زمين تان سندن نالو ئي مٽائي ڇڏي.


خداوند جو منهن بدڪارن جي برخلاف آهي، تہ انهن جي يادگيري زمين تان مٽائي ڇڏي.


جنهن کي زال ملي ٿي تنهن کي هڪڙي چڱي شيءِ ملي ٿي، ۽ اهو خداوند جو فضل حاصل ٿو ڪري.


گهر ۽ دولت ابن کان ملڻ واري ميراث آهي: پر سياڻي زال خداوند کان ٿي ملي.


تنهنجو اولاد واريءَ وانگي هجي ها، ۽ تنهنجي پيٽ جو اولاد ان جي ذرن جيترو: انهي جو نالو منهنجي اڳيان تباهہ نہ ٿئي ها، نڪي برباد ٿئي ها.


۽ يعقوب آرام جي زمين ڏانهن ڀڳو، ۽ اسرائيل زال جي خاطر ٻانهو ٿيو، ۽ زال جي لاءِ رڍون چاريائين.


تڏهن مون اهڙي زال چانديءَ جا پندرهن سڪا، ۽ جَوَن جو ڏيڍ خومر ڏئي خريد ڪئي:


۽ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ انهيءَ ڏينهن آءٌ سڄي ملڪ مان سڀني بُتن جو نالو نشان مٽائي ڇڏيندس، ۽ انهن کي وري ڪوبہ ياد نہ ڪندو: ۽ آءٌ انهن جي نبين، ۽ ناپاڪ روح کي ملڪ مان ڪڍي ڇڏيندس.


تڏهن بہ اوهين چئو ٿا تہ ڪهڙو سبب آهي؟ انهي ڪري جو خداوند تنهنجي ۽ تنهنجي جوانيءَ جي زال جي وچ ۾ شاهد آهي: جيتوڻيڪ هوءَ تنهنجي رفيق ۽ متعهدي زال آهي، تہ بہ تو انهيءَ سان بي وفائي ڪئي آهي.


اي مڙسو، پنهنجين زالن سان محبت رکو، جيئن ڪ مسيح بہ ڪليسيا سان محبت رکي ۽ پاڻ کي انهي جي لاءِ ڏيئي ڇڏيائين؛


۽ هيئن ٿيندو، تہ جيڪو پهريون ٻار هوءَ ڄڻيندي سو هن جي فوتي ڀاءُ جي نالي سان انهي جو وارث ٿيندو، انهي لاءِ تہ اسرائيل منجهان انهي جو نالو ميٽجي نہ وڃي.


سڀني کي سمجهڻ گهرجي تہ شادي وڏي عزت جي ڳالهہ آهي، ۽ بسترو بي داغ رهي؛ ڇالاءِ جو زناڪارن ۽ حرامڪارن کي خدا سزا ڏيندو.


ڇالاءِ جو ڪنعاني، ۽ هن ملڪ جا سڀ رهاڪو هي ٻڌي اسان کي چوڌاري گهيري ويندا، ۽ زمين تان اسان جو نالو ئي ميٽجي ويندو: پوءِ تون پنهنجي وڏي نالي لاءِ ڇا ڪندين؟


۽ بوعز انهن بزرگن کي ۽ سڀني ماڻهن کي چيو تہ اليملڪ جي جيڪا بہ ملڪيت هئي، ۽ جيڪا بہ ڪيلون ۽ محلون جي هئي سا سڀ نعوميءَ جي هٿان مون خريد ڪئي آهي، ۽ ان جا اوهين اڄ شاهد آهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ