Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رُوت 4:1 - Sindhi Bible

1 هاڻي بوعز دروازي ڏانهن ويو، ۽ اُتي وڃي ويهي رهيو: ۽ ڏسو جنهن ويجهي مائٽ جو بوعز ذڪر ڪيو هو، سو اُتي اچي نڪتو؛ ۽ هن اُن کي چيو تہ اي فلاڻا هيڏانهن اچ ۽ اچي هتي ويهہ. ۽ هو آيو ۽ اچي ويٺو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 انهيءَ کان پوءِ بوعز شهر جي ٻاهرين دروازي وٽ وڃي ويٺو. جڏهن نعوميہ جي مڙس اِليملڪ جو وڌيڪ ويجھو مائٽ، جنهن جو بوعز ذڪر ڪيو هو، سو اتان اچي لنگھيو تہ بوعز کيس سڏي چيو تہ ”اي فلاڻا! هيڏانهن اچ ۽ هتي اچي ويهہ.“ سو هو اچي وٽس ويٺو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رُوت 4:1
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ اهي ٻئي فرشتا شام جي وقت سدوم ۾ آيا ۽ لوط سدوم جي منڊيءَ ۾ ويٺو هو؛ جڏهن لوط هنن کي ڏٺو، تڏهن کين گڏجڻ لاءِ اُٿيو ۽ جهڪي سجدو ڪيائين؛


هاڻي عفرون اتي حت جي پٽن جي وچ ۾ ويٺو هو: سو انهن سڀني جي اڳيان، ۽ جيڪي حت جا پٽ سندس شهر جي دروازي مان اندر ٿي آيا، تن جي روبرو ابرهام کي چوڻ لڳو،


پوءِ حمور ۽ سندس پٽ سڪم پنهنجي شهر جي منڊيءَ ۾ آيا، ۽ پنهنجي شهر جي ماڻهن سان گفتگو ڪري چوڻ لڳا تہ


۽ ابي سلوم سوير اُٿندو هو ۽ دروازي جي رستي جي ڀر ۾ بيهي رهندو هو: ۽ هيئن ٿيندو هو تہ جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو مقدمو هوندو هو جو بادشاهہ وٽ فيصلي لاءِ آڻيندو هو، تڏهن ابي سلوم انهيءَ کي سڏي چوندو هو تہ تون ڪهڙي شهر جو آهين؟ ۽ هو چوندو هو تہ تنهنجو ٻانهو اسرائيل جي هڪڙي فرقي منجهان آهي.


هاڻي اسرائيل جو بادشاهہ، ۽ يهوسفط يهوداہ جو بادشاهہ، پنهنجي پنهنجي تخت تي پنهنجي پوشاڪ ڍڪيو، سامريہ جي دروازي جي لنگهہ وٽ هڪڙي کليل جاءِ تي ويٺا هئا؛ ۽ سڀني نبين انهن جي اڳيان پيشنگوئي پئي ڪئي.


جڏهن آءٌ شهر جي دروازي ڏي نڪري ويندو هوس، ۽ جڏهن آءٌ گهٽيءَ ۾ پنهنجو مسند تيار ڪندو هوس.


جيڪڏهن مون پنهنجو هٿ ڪنهن يتيم کي هڻڻ لاءِ کنيو آهي، ڇالاءِ جو مون پنهنجي مدد در ۾ ڏٺي:


جيڪي شهر جي دروازي تي ٿا ويهن سي منهنجون ئي ڳالهيون ٿا ڪن؛ ۽ نشئي مون تي راڳ ٿا ڳائين.


سندس مڙس شهر جي دروازن تي سڃاتل آهي، جو هو اتي ملڪ جي بزرگن منجهہ ويهي ٿو.


اوهين سڀ جي اُڃيا آهيو سي پاڻيءَ تي اچو، ۽ اهو بہ، جنهن وٽ پئسو ڪونهي؛ اچو خريد ڪري کائو؛ هائو، اچو؛ شراب ۽ کير اڻ مُلهو ۽ بنا پئسي خريد ڪريو.


۽ مون انهي دستاويز جي هيٺان صحيح ڪئي، ۽ انهيءَ تي مهر هنيم، ۽ شاهد سڏيم، ۽ ساهميءَ ۾ پئسا توري هن کي ڏنم.


بديءَ کي ڌڪاريو ۽ نيڪيءَ کي پيار ڪريو، ۽ دروازي ۾ انصاف قائم ڪريو: امڪان آهي تہ خداوند لشڪرن جو خدا يوسف جي باقي رهيلن تي مهربان ٿئي.


ٻڌو، خداوند ٿو فرمائي، تہ اُتر واريءَ زمين کان ڀڄي وڃو، ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ مون اوهان کي آسمان جي چئن هوائن وانگر ڪشادو پکيڙي ڇڏيو آهي.


تون پنهنجن قبيلن جي سڀني ڳوٺن ۾، جيڪي خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، پنهنجي قبيلن موجب قاضي ۽ حاڪم مقرر ڪج: تہ اهي سچائيءَ سان ماڻهن جي عدالت ڪن.


تہ پوءِ جنهن مرد يا زال اهڙو خراب ڪم ڪيو هجي، تنهن کي ڳوٺ جي دروازي تي وٺي اچج، ۽ انهي کي سنگسار ڪري ماري ڇڏج.


تہ پوءِ انهي جا ماءُ پيءُ کيس جهلي ٻاهر شهر جي دروازي تي، انهي شهر جي بزرگن وٽ وٺي اچن،


پر جيڪڏهن هو ماڻهو پنهنجي ڀاڄائيءَ سان پرڻجڻ تي راضي نہ ٿئي، تہ سندس ڀاڄائي شهر جي دروازي تي بزرگن وٽ وڃي چوي، تہ منهنجو ڏير پنهنجي ڀاءُ جو نالو اسرائيل ۾ قائم رکڻ کان انڪار ٿو ڪري، ۽ مون سان ڏير جو حق ادا ڪرڻ نٿو گهري.


۽ اهڙو ماڻهو انهن شهرن مان هڪڙي ۾ ڀڄي وڃي، ۽ شهر جي وڏي در وٽ بيهي اُتي جي بزرگن کي پنهنجو احوال ٻڌائي؛ پوءِ هو انهي کي شهر جي اندر وٺي وڃن، ۽ پنهنجي وچ ۾ رهڻ لاءِ هڪڙي جاءِ هن کي ڏين.


هاڻي اهو سچ آهي تہ آءٌ ويجهو مائٽ آهيان: پر مون کان بہ ويجهو ٻيو هڪڙو مائٽ آهي.


تڏهن هن چيو تہ اي منهنجي ڌيءَ، ماٺ ڪري ويهہ جيستائين توکي خبر پوي تہ ڳالهہ ڪيئن ٿي بيهي: ڇالاءِ جو جيستائين اهو شخص اڄ اهو ڪم پورو نہ ڪندو تيستائين آرام نہ وٺندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ