Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رُوت 3:7 - Sindhi Bible

7 ۽ جڏهن بوعز کاڌو پيتو ۽ سندس دل خوش ٿي، تڏهن هو اَن جي ٻار جي پڇاڙيءَ وٽ وڃي ليٽي پيو: ۽ هوءَ بہ آهستي آهستي آئي ۽ هن جي پيرن تان ڪپڙو لاهي ليٽي پيئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 جڏهن بوعز کائي پي بس ڪئي تڏهن هو سٺي مزاج ۾ هو. پوءِ هو اناج جي ٻار جي ڀرسان وڃي ستو. رُوت بہ آهستي آهستي اچي سندس پيرن تان چادر هٽائي اتي ئي ليٽي پيئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رُوت 3:7
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن پاڻ وٽان رڪابيون کڻي، هنن ڏانهن موڪليون: پر بنيمين جي رڪابي ۾ هرهڪ جي رڪابيءَ کان پنجوڻو حصو وڌيڪ هو. ۽ هنن ساڻس گڏ پيتو ۽ خوش ٿيا.


۽ ابي سلوم پنهنجن نوڪرن کي حڪم ڏئي چيو تہ هاڻي نظر رکجو تہ جڏهن امنون شراب پي خوشدل ٿئي؛ ۽ جڏهن آءٌ اوهان کي چوان تہ امنون کي ماريو تڏهن انهيءَ کي قتل ڪري ڇڏجو، ۽ ڊڄو متان: مون اوهان کي حڪم نہ ڏنو آهي ڇا؟ همت جهلجو، ۽ بهادر ٿجو.


تڏهن سندس زال ايزبل چيس تہ تون اسرائيل جي بادشاهت تي هاڻي حڪم هلائين ٿو يا نہ؟ اُٿي ماني کاءُ ۽ پنهنجي دل خوش ڪر: آءٌ توکي نبوت يزرعيليءَ جو ڊاک جو منهہ ڏينديس.


ستين ڏينهن جڏهن بادشاهہ جي دل شراب جي ڪري خوش ٿي، تڏهن هن مهومان، بزتا، خربوناہ، بگتا، ۽ ابگتا، ۽ زتار، ۽ ڪرڪس کي حڪم ڏنو، جي ست ناظر اخسويرس بادشاهہ جي اڳيان خدمت ڪندا هئا،


۽ شراب جو ماڻهن جي دل کي خوش ٿو ڪري، ۽ تيل جو سندن چهري کي چمڪائي ٿو ۽ ماني جا ماڻهوءَ کي طاقت ٿي ڏئي.


مجلس کلڻ جي لاءِ ڪبي آهي، ۽ شراب جان کي خوش ڪري ٿو: ۽ ناڻو سڀني ڳالهين کي پورو ٿو پوي.


ماڻهوءَ جي لاءِ انهي کان بهتر ٻي شيءِ ڪانهي تہ هو کائي ۽ پيئي ۽ پنهنجي محنت ۾ پنهنجي روح کي چڱي راحت رسائي. اهو بہ مون ڏٺو تہ سڀ خدا جي طرفان آهي.


تنهن کان پوءِ مون خوشيءَ جي تعريف ڪئي، ڇالاءِ جو ماڻهوءَ جي لاءِ سج هيٺان کائڻ ۽ پيئڻ ۽ خوش ٿيڻ کان بهتر ٻي ڳالهہ ڪانهي: ڇالاءِ جو سندس حياتيءَ جا سڀ ڏينهن، جي خدا هن کي سج هيٺان ڏنا آهن، تن ۾ اها ئي هن سان رهندي.


پنهنجي رستي تي پيو هل ۽ پنهنجي ماني خوشيءَ سان پيو کاءُ، ۽ سرهي دل سان پنهنجو شراب پيو پيءُ؛ ڇالاءِ جو خدا اڳئي تنهنجا ڪم قبول ڪيا آهن.


تنهنڪري اوهين کائو يا پيئو يا جيڪي بہ ڪريو، سو سڀ خدا جي جلال جي واسطي ڪريو.


۽ شراب پي متوالا نہ ٿيو، جو انهي مان بڇڙائي پيدا ٿي ٿئي، پر روح سان ڀرپور رهو؛


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هنن جون دليون خوش ٿيون، تڏهن هو چوڻ لڳا تہ سمسون کي ڪوٺيو تہ مسخريون ڪري اسان کي وندرائي، ۽ هنن سمسون کي قيدخاني مان گهرايو؛ ۽ هن سندن اڳيان مسخريون ڪيون: ۽ انهن هن کي ٿنڀن جي وچ ۾ کڻي ويهاريو.


هنن پنهنجيون دليون خوش ويٺي ڪيون تہ اوچتو شهر جا ماڻهو، ڪي شيطان زادا، گهر کي چوڌاري وڪوڙي ويا، ۽ در کڙڪائڻ لڳا؛ ۽ گهر جي مالڪ، يعني انهيءَ پير مرد کي چوڻ لڳا، تہ جيڪو ماڻهو تنهنجي گهر ۾ آيو، تنهن کي ڪڍي اچ تہ اسين انهي جي خبر لهون.


تڏهن هو ٻئي ڄڻا ويهي رهيا، ۽ گڏجي کاڌائون پيتائون. پوءِ ڇوڪريءَ جي پيءُ هن کي چيو تہ هاڻي راضي ٿي رات رهي پنهنجي دل کي خوش ڪر.


۽ جڏهن اُهو ماڻهو ۽ سندس سريت ۽ سندس نوڪر اُٿي هلڻ لڳا، تڏهن هن جي سهري، يعني ڇوڪريءَ جي پيءُ، هن کي چيو تہ ڏس، هاڻي ڏينهن لهندو وڃي، تون هتي رات ٽڪي پئُہ تہ تنهنجي دل خوش ٿئي، ڇالاءِ جو ڏس تہ ڏينهن لهڻ تي آهي؛ ۽ سڀاڻي سوير اُٿي پنڌ پئجانءِ تہ پنهنجي گهر وڃين.


۽ هوءَ ڳاهڻ واري پڙ ڏانهن ويئي، ۽ سڀ جيڪي سسڻس چيو هوس تيئن ڪيائين.


۽ هيئن ٿيو جو آڌيءَ رات جو اُهو ماڻهو ڊنو، ۽ پنهنجو پاسو ورايائين: ۽ ڏسي تہ هڪڙي زال سندس پيرن وٽ ليٽي پيئي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ