Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رُوت 3:3 - Sindhi Bible

3 تنهنڪري تون وهنجي سهنجي، تيل مکي ڳاهڻ واري پڙ تي وڃ، پر پاڻ کي تيستائين نہ سڃاڻائج جيستائين هو کائي پي بس نہ ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 تنهنڪري تون وهنجي سهنجي، خوشبوءِ لڳائي عمدا ڪپڙا پائي ڳاهہ واري پِڙ تي هلي وڃ. پر تيستائين تون پاڻ کي مٿس ظاهر نہ ڪج، جيستائين هو کائي پي بس نہ ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رُوت 3:3
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن دائود زمين تان اُٿيو، ۽ غسل ڪيائين، ۽ پاڻ کي تيل مکيائين ۽ ڪپڙا بدلايائين؛ پوءِ هو خداوند جي گهر ۾ آيو، ۽ سجدو ڏنائين: پوءِ هو پنهنجي گهر آيو، ۽ سندس گهرڻ تي ماني اڳيان رکي ڏنائونس، ۽ اها هن کاڌي.


۽ يوآب تقوع ڏي ماڻهو موڪلي اُتان هڪڙي سياڻي زال گهرائي، ۽ چيائينس تہ ڀلائي ڪري پاڻ کي سوءَ ڪندڙ بناءِ، ۽ سوءَ جو وڳو ڍڪ، ۽ پاڻ کي تيل نہ مک پر اهڙي زال ٿيءُ، جنهن گهڻن ڏينهن تائين ڪنهن مئل جي لاءِ ماتم ڪيو هجي:


هاڻي ٽئين ڏينهن هيئن ٿيو تہ آستر شاهاڻي پوشاڪ ڍڪي، ۽ بادشاهہ جي گهر جي سامهون، بادشاهہ جي گهر جي اندرين ايوان ۾ وڃي بيٺي: ۽ بادشاهہ پنهنجي شاهي محلات ۾، گهر جي در جي سامهون پنهنجي شاهي تخت تي ويٺو هو.


۽ شراب جو ماڻهن جي دل کي خوش ٿو ڪري، ۽ تيل جو سندن چهري کي چمڪائي ٿو ۽ ماني جا ماڻهوءَ کي طاقت ٿي ڏئي.


تنهنجا ڪپڙا هميشہ اڇا هجن؛ ۽ تنهنجي مٿي ۾ تيل جي ڪمي نہ هجي.


پوءِ مون توکي پاڻي سان ڌوتو؛ هائو، مون چڱي طرح تنهنجو رت توتان ڌوئي ڇڏيو، ۽ توکي تيل مکيم.


پر جڏهن تون روزو رکين، تڏهن پنهنجي مٿي تي تيل مک ۽ پنهنجو منهن ڌوءُ،


هاڻي بوعز، جنهن جي نوڪرياڻين سان تون هئينءَ، سو اسان جو مائٽ ناهي ڇا؟ ڏس اڄ رات هو ڳاهڻ واري پڙ ۾ جَوَ اُڏائي صاف ڪرڻ وارو آهي.


۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن هو وڃي ليٽي تڏهن تون اُها جاءِ جاچي ڇڏج جتي هو ليٽڻ وارو هجي، ۽ تون اندر گهڙي وڃج ۽ سندس پيرن تان ڪپڙو لاهي ليٽي پئج، پوءِ هو پاڻيهي توکي چوندو تہ توکي ڇا ڪرڻو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ