Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رُوت 3:13 - Sindhi Bible

13 اڄوڪي رات رهہ، ۽ سڀاڻي صبح جو هيئن ٿيندو تہ جي انهيءَ توسان مائٽيءَ جو حق پوريءَ طرح ادا ڪرڻ گهريو، تہ ڀلي اُهو مائٽيءَ جو حق ادا ڪري: پر جي هن توسان مائٽيءَ جو حق ادا ڪرڻ نہ گهريو تہ پوءِ آءٌ جيئري خداوند جو قسم ٿو کڻان تہ آءٌ توسان مائٽيءَ جو حق ادا ڪندس: صبح تائين هتي ليٽي پيئي هج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 باقي رات هتي ترسي پئُہ. صبح جو جيڪڏهن انهيءَ تنهنجو عيوضو ڀريو تہ سٺو. جيڪڏهن نہ، تہ پوءِ آءٌ جيئري خداوند جو قسم کڻي ٿو چوان تہ آءٌ تنهنجو عيوضو ڀري تو تي هٿ رکندس. هاڻ صبح تائين هتي ئي ليٽي پئُہ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رُوت 3:13
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪڏهن هو ڪوشش ڪري منهنجي قوم جا رستا سکندا، ۽ منهنجي نالي جو قسم کڻي چوندا تہ خداوند جيئري جو قسم آهي، جيئن ڪ هنن منهنجي قوم کي بعل جو قسم کڻڻ سيکاريو، تہ پوءِ هو منهنجي قوم جي وچ ۾ اڏجي ويندا.


۽ تون هيئن قسم کڻندين، تہ جيئري خداوند جو قسم آهي، جو سچو ۽ عدالت وارو ۽ راستباز آهي؛ ۽ قومون بہ پنهنجي لاءِ انهي کان برڪت گهرنديون ۽ انهيءَ تي فخر ڪنديون.


پر آئون خدا کي پنهنجيءَ جان تي شاهد ڪري ٿو سڏيان، تہ اوهان تي ڪهل ڪرڻ جي سانگي آئون ڪرنٿيس ۾ نہ آيس.


ڇالاءِ جو ماڻهو پاڻ کان وڏي جو قسم کڻندا آهن؛ ۽ سندن سڀ ڪنهن تڪرار ۾ قسم آخرين ثابتي آهي.


تڏهن هن چيو تہ اُهي منهنجا ڀائر هئا، منهنجي ماءُ جا پٽ: جيئري خداوند جو قسم آهي تہ جي اوهين انهن کي جيئرو ڇڏي ڏيو ها تہ آءٌ اوهان کي نہ ڪهان ها.


۽ نعوميءَ پنهنجي ننهن کي چيو تہ جنهن شخص جيئرن توڙي مُئن کان پنهنجي مهرباني روڪي نہ ڇڏي آهي تنهن کي خداوند شل برڪت وارو ڪري، ۽ نعوميءَ چيس تہ هن ماڻهوءَ جي اسان سان قرابت آهي، ۽ هو اسان جي ويجهن مائٽن مان آهي.


هاڻي اهو سچ آهي تہ آءٌ ويجهو مائٽ آهيان: پر مون کان بہ ويجهو ٻيو هڪڙو مائٽ آهي.


تڏهن بوعز چيو تہ جنهن ڏينهن تون اُها ٻني نعوميءَ جي هٿان خريد ڪري وٺندين، تنهن ڏينهن توکي اُها روٿ موآبڻ کان بہ خريد ڪرڻ کپي، جا هن فوتيءَ جي زال آهي. انهيءَ لاءِ تہ انهيءَ فوتيءَ جو نالو سندس ميراث تي قائم ڪرين.


۽ انهيءَ ويجهي مائٽ چيو تہ آءٌ اُها پنهنجي لاءِ خريد ڪري نٿو سگهان، تہ متان آءٌ پنهنجي ميراث کي خراب ڪري ڇڏيان، منهنجو خريد ڪرڻ جو حق تون پاڻ وٺ؛ ڇالاءِ جو آءٌ نٿو خريد ڪري سگهان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ