رُوت 3:12 - Sindhi Bible12 هاڻي اهو سچ آهي تہ آءٌ ويجهو مائٽ آهيان: پر مون کان بہ ويجهو ٻيو هڪڙو مائٽ آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible12 اهو سچ آهي تہ آءٌ تنهنجو عيوضو ڀرڻ جو ذميوار عزيز آهيان پر مون کان بہ وڌيڪ ويجھو تنهنجو هڪڙو ٻيو اهڙو عزيز آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
۽ مون خيال ڪيو تہ اُها ڳالهہ توکي ظاهر ڪري ٻڌايان، ۽ چوان تہ هي جيڪي ويٺا آهن تن جي روبرو، ۽ منهنجي قوم جي بزرگن جي روبرو اُها خريد ڪر. جيڪڏهن تون اُها پئسا ڏيئي ڇڏائڻ گهرين تہ ڇڏاءِ: پر جي اُها ڇڏائڻ نہ گهرين تہ مون کي ٻڌاءِ تہ مون کي معلوم ٿئي: ڇالاءِ جو توکان سواءِ ٻيو ڪوبہ انهي جي وري خريد ڪرڻ وارو ڪونهي، ۽ آءٌ توکان پوءِ آهيان. ۽ هن چيو تہ آءٌ اُها وٺندس.