Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رُوت 2:9 - Sindhi Bible

9 تون ٻنيءَ تي نظرداري پيئي ڪج تہ هو لابارو ڪن، ۽ تون انهن جي پٺيان وڃج، مون هنن جوان مردن کي تاڪيد نہ ڪئي آهي ڇا تہ توکي هٿ نہ لائين؟ ۽ جڏهن توکي اُڃ لڳي تڏهن هنن باسڻن وٽ وڃي، ۽ جيڪو پاڻي منهنجي جوانن ڀريو هجي سو پيئج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 تون انهيءَ ٻنيءَ جي نظرداري پيئي ڪر جنهن ۾ منهنجا ماڻهو لابارو پيا ڪن ۽ تون سندن پٺيان لڳي رهہ. آءٌ هنن ماڻهن کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ هو تو کي تنگ نہ ڪن. جڏهن بہ تو کي اڃ لڳي، تڏهن انهن جي ڀريل دلن مان وڃي پاڻي پيجانءِ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رُوت 2:9
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن خدا هن کي خواب ۾ چيو تہ بيشڪ، مون کي خبر آهي تہ تو هي ڪم دل جي سچائيءَ سان ڪيو آهي، انهيءَ لاءِ مون بہ توکي پنهنجي برخلاف گناهہ ڪرڻ کان روڪي ورتو، ۽ انهيءَ کي هٿ لائڻ نہ ڏنو.


اي منهنجا عزيزو، مون تي رحم ڪريو، مون تي رحم ڪريو؛ ڇالاءِ جو خدا جو هٿ مون تي ڳورو آهي.


۽ چيائين تہ منهنجي مسح ٿيل کي هٿ نہ لائيو، ۽ منهنجي نبين کي نقصان نہ رسايو.


ساڳيءَ طرح جيڪو پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال سان صحبت ڪري ٿو؛ جيڪو اُن کي هٿ لائي ٿو، سو سزا جي لائق ٿيندو.


آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو هنن ننڍڙن منجهان هڪڙي کي منهنجو شاگرد ڄاڻي رڳو ٿڌي پاڻيءَ جو پيالو پياريندو، سو ڪنهن بہ طرح پنهنجو اجر نہ وڃائيندو.


هاڻي جن ڳالهين بابت اوهان لکيو هو، تن بابت منهنجو چوڻ آهي، تہ ماڻهوءَ لاءِ چڱو ائين آهي تہ ڪنهن زال کي هٿ نہ لائي.


اسين ڄاڻون ٿا تہ جيڪو خدا مان پيدا ٿيل آهي سو گناهہ نٿو ڪري؛ پر جيڪو خدا مان پيدا ٿيو هو، سو هن جي حفاظت ٿو ڪري، ۽ اهو بڇڙو کيس هٿ لائي نٿو سگهي.


تڏهن هوءَ منهن ڀر زمين تي ڪنڌ جهڪائي هن کي چوڻ لڳي تہ جڏهن آءٌ ڌارين مان آهيان، تڏهن ڪهڙي سبب مون تنهنجي نظر ۾ مان لڌو آهي جو تون منهنجي ايتري خبر ٿو لهين؟


تڏهن بوعز روٿ کي چيو تہ اي منهنجي ڌيءَ ٻڌين ٿي؟ ٻي ڪنهن ٻنيءَ ۾ سنگ چونڊڻ نہ وڃج، نڪي هتان ڪنهن ٻئي پاسي لنگهي وڃج، پر هتي منهنجي نوڪرياڻين سان گڏ رهج.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ