Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رُوت 2:8 - Sindhi Bible

8 تڏهن بوعز روٿ کي چيو تہ اي منهنجي ڌيءَ ٻڌين ٿي؟ ٻي ڪنهن ٻنيءَ ۾ سنگ چونڊڻ نہ وڃج، نڪي هتان ڪنهن ٻئي پاسي لنگهي وڃج، پر هتي منهنجي نوڪرياڻين سان گڏ رهج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 تڏهن بوعز رُوت کي چوڻ لڳو تہ ”اي منهنجي ڌيءَ! منهنجي ڳالهہ ٻڌ. تون هن ٻنيءَ کان سواءِ ٻي ڪنهن بہ ٻنيءَ ۾ سنگ ميڙڻ نہ وڃ، بلڪ هتي منهنجي نوڪرياڻين سان گڏجي ڪم ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رُوت 2:8
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن جا نوڪر ويجهو آيا، ۽ هن کي چوڻ لڳا تہ اي منهنجا جا ابا، جيڪڏهن نبي توکي ڪنهن وڏي ڪم ڪرڻ لاءِ چوي ها تہ تون اُهو نہ ڪرين ها ڇا؟ تڏهن ڇو نہ تون ائين ڪرين جڏهن هو توکي چوي ٿو تہ غسل ڪري پاڪ ٿيءُ.


۽ جڏهن اوهين پنهنجي زمين جو فصل لڻو، تڏهن تون پنهنجي ٻنيءَ جون سڀ ڪنڊون پاسا متان لڻين، نڪي لاباري وقت جيڪي پٽ تي ڪري، سو ميڙي گڏ ڪج.


۽ ڏسو، هڪڙو ماڻهو کٽولي تي پيل وٽس کڻي آيا، جنهن کي اڌ رنگ جي بيماري هئي: ۽ يسوع سندن ايمان ڏسي اڌرنگيءَ کي چيو تہ پٽ دلجاءِ ڪر، تنهنجا گناهہ معاف ٿيا.


پر يسوع پٺتي ڦري هن کي ڏسي چوڻ لڳو، تہ ڌيءَ دلجاءِ ڪر؛ تنهنجي ايمان توکي ڇُٽايو آهي. ۽ اُها زال اُنهيءَ گهڙيءَ کان وٺي چڱي ڀلي ٿي پيئي.


هاڻي، اي ڀائرو، جيڪي بہ ڳالهيون سچيون آهن، جيڪي بہ ڳالهيون اشرافت جهڙيون آهن، جيڪي بہ ڳالهيون انصاف جهڙيون آهن، جيڪي بہ ڳالهيون پاڪ آهن، جيڪي بہ ڳالهيون وڻندڙ آهن، جيڪي بہ ڳالهيون چڱيون آهن؛ مطلب تہ جي ڪابہ نيڪي هجي، ۽ جي ڪابہ تعريف هجي، تہ انهن تي غور ڪندا رهجو.


۽ هوءَ چوڻ لڳي تہ مهرباني ڪري گڏن ۾ لاباري ڪندڙن جي پٺيان مون کي سنگ چونڊي گڏ ڪرڻ جي موڪل ڏيو: پوءِ هوءَ آئي ۽ صبح کان وٺي هن وقت تائين پئي ڪم ڪيو اٿس، رڳو ٿورو وقت سو گهر ۾ ترسي آهي.


تون ٻنيءَ تي نظرداري پيئي ڪج تہ هو لابارو ڪن، ۽ تون انهن جي پٺيان وڃج، مون هنن جوان مردن کي تاڪيد نہ ڪئي آهي ڇا تہ توکي هٿ نہ لائين؟ ۽ جڏهن توکي اُڃ لڳي تڏهن هنن باسڻن وٽ وڃي، ۽ جيڪو پاڻي منهنجي جوانن ڀريو هجي سو پيئج.


تڏهن عيليءَ سموئيل کي سڏيو، ۽ چيائينس تہ اي سموئيل، منهنجا پٽ: ۽ هن چيو تہ اِجهو آءٌ حاضر آهيان.


۽ وري بہ خداوند سڏ ڪري چيو تہ سموئيل. ۽ سموئيل اُٿي عيليءَ وٽ ويو، ۽ چيائينس تہ اِجهو آءٌ حاضر آهيان؛ ڇالاءِ جو تو مون کي سڏيو، تڏهن هن ورندي ڏني تہ منهنجا پٽ، مون ڪونہ سڏيو؛ وري وڃي سمهي رهہ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ