Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رُوت 2:7 - Sindhi Bible

7 ۽ هوءَ چوڻ لڳي تہ مهرباني ڪري گڏن ۾ لاباري ڪندڙن جي پٺيان مون کي سنگ چونڊي گڏ ڪرڻ جي موڪل ڏيو: پوءِ هوءَ آئي ۽ صبح کان وٺي هن وقت تائين پئي ڪم ڪيو اٿس، رڳو ٿورو وقت سو گهر ۾ ترسي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 هن مون کي چيو تہ ’مهرباني ڪري مون کي لاباري ڪرڻ وارن جي پٺيان ٻڌل سٿرين جي وچان ڪريل سنگ ميڙي گڏ ڪرڻ جي اجازت ڏي.‘ سو هن اچي صبح کان وٺي هن وقت تائين ساندهہ ڪم پئي ڪيو آهي. رڳو ٿوري دير لاءِ ڇپري هيٺان ساهہ پٽيو اٿس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رُوت 2:7
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سست ماڻهو خواهش ڪري ٿو، ۽ حاصل ڪجهہ بہ نٿو ٿئيس: پر محنتي ماڻهوءَ جي جان ٿلهي ٿي ٿئي.


خداوند جو خوف ڏاهپ جي تعليم آهي؛ ۽ عزت جي اڳيان نماڻائي هلي ٿي.


غريب منٿون آزيون ٿو ڪري: پر دولتمند کهرو جواب ڏئي ٿو.


تون اهو ماڻهو ڏسين ٿو جو پنهنجي ڪم ڪار ۾ محنتي آهي؟ اهو بادشاهن جي حضور ۾ بيهندو؛ هو خسيس ماڻهن جي اڳيان نہ بيهندو.


جيڪو ڪم تنهنجي هٿ لڳي سو پنهنجي طاقت آهر پيو ڪر؛ ڇالاءِ جو جنهن قبر ۾ تون وڃڻو آهين تنهن ۾ نڪو ڪم آهي، نڪا رِٿ آهي، نڪو علم آهي، نڪو عقل آهي.


مبارڪ آهن اُهي جي دل جا غريب آهن، ڇالاءِ جو آسمان جي بادشاهت انهن ئي جي آهي.


محنت ۾ سستي نہ ڪريو؛ روحاني جوش ۾ ڀرپور رهو؛ خداوند جي خدمت ڪندا رهو؛


۽ اسان کي نيڪي ڪرڻ ۾ ٿَڪجڻ نہ کپي، ڇالاءِ تہ جي همت نہ هارينداسين، تہ پوري وقت تي لابارو لاهينداسين.


۽ مسيح جي خوف ڪري هڪ ٻئي جي تابع رهو.


۽ روٿ موآبي نعوميءَ کي چيو تہ هاڻي مون کي ٻنيءَ ۾ وڃڻ ڏي تہ جيڪو مون تي مهرباني جي نظر ڪري تنهن جي پٺيان لڳي ان جا سنگ چونڊي گڏ ڪريان. تڏهن هن چيس تہ اي منهنجي ڌيءَ، ڀلي وڃ.


۽ روٿ موآبڻ چيو تہ هن مون کي چيو آهي تہ جيستائين منهنجا جوان ماڻهو منهنجو سڄو لاباري جو ڪم لاهين تيستائين تون انهن جي ويجهو رهج.


۽ اُهو نوڪر جو لاباري وارن تي رکيل هو، تنهن ورندي ڏيئي چيو تہ اها موآبڻ ڇوڪري آهي جا موآب جي ملڪ مان نعوميءَ سان گڏجي موٽي آئي آهي.


تڏهن بوعز روٿ کي چيو تہ اي منهنجي ڌيءَ ٻڌين ٿي؟ ٻي ڪنهن ٻنيءَ ۾ سنگ چونڊڻ نہ وڃج، نڪي هتان ڪنهن ٻئي پاسي لنگهي وڃج، پر هتي منهنجي نوڪرياڻين سان گڏ رهج.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ